Sunday, March 27, 2011

هيروز جي لسٽ - نواز ڪنڀر


هيروز جي لسٽ
جهنگلي جيوت کاتي پاران جوڙيل هيروز جي لسٽ ۽ نظر انداز ٿيل شهيد ڀُٽو
نواز ڪنڀر
پاڪستان ۾ جھنگلي جيوت جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ٻن ٻين الاقوامي ادارنIUCN  ۽ WWF تازو سنڌ وائلڊ ڊپارٽمينٽ کان سنڌ ۾ وائلڊ لائيف جي تحفظ جي حوالي سان هيروز جي حيثيت رکندڙن جي لسٽ گھري آهي. افسوس ۽ کل جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسان جي هن تمام اهم کاتي ۾ ويٺل تمام معزز نالن، جن کي هيروز ڪري پيش ڪيو آهي، اهي رڳو ٻه ڄڻا هن ئي کاتي ۾، مٺي ۽ بدين  ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪنزرويٽر ۽ گيم انسپيڪٽر آهن، اسان کي انهن جي نالن تي ڪوبه اعتراض ناهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي معزز صاحبان جو جھنگلي جيوت جي  بچاءَ لاءِ ايترو ڪم ڪيل هجي جو انهن کي هيروز جو درجو ڏنو وڃي يا ڏياريو وڃي ته  سٺي ڳالهه آهي پر گھٽ ۾ گھٽ انهن جي ڪارنامن کان آگاهه ضرور ڪيو وڃي.

افسوس ته اهو آهي جو سنڌ بلڪ پاڪستان ۾ جھنگلي جيوت جي بچاءُ جي حوالي سان بنيادي شعور ڏيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي به هن لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي اهل نه سمجھيو ويو آهي، جنهن پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وائلڊ لائيف مئنيجمنٽ بورڊ 1974 ۾ قائم ڪيو، جيڪو موجوده کاتي جي وجود ۾ اچڻ تائين 97-1996ع تائين ڪم ڪندو رهيو. جڏهن شهيد ڀٽي کي ئي نظر انداز ڪيو ويو هجي، اهو به پ پ حڪومت ۾، ته پوءِ ان وقت جي وزير اعلى ممتاز علي  ڀٽي کي ڪيئن ٿو ياد رکي سگھجي، ۽ اهو ڪيئن ٿو وائلڊ لائيف جي هيروز ۾ شامل ٿي سگھي!   شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اها شخصيت هئي، جنهن پاڪستان ۾ جھنگلي جيوت جي بچاءَ جي لاءِ ته تمام  گھڻو ڪم ڪيو پر دلچسپ ڳالهه ته هو پاڻ شڪار تمام گھٽ ئي ڪندو هو، جنهن جون شاهديون چوٽياري لڳ پنيهل ڀرسان پير صاحب پاڳاري پاران تڏهوڪي صدر ايوب کي ڪرايل شڪار وقت به ملن ٿيون، ته کير ٿر نيشنل پارڪ واري پاسي به، جڏهن ايران جو بادشاهه رضا شاهه پهلوي شڪار ڪري رهيو هو ته شهيد ڀٽو اتي موجود هجڻ باوجود ان ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ عام ماڻهن سان ڪچهري ڪندو ۽ حال احوال وٺندو رهيو.  افسوس جو ڀُٽي صاحب جي زندگيءَ جي انهيءَ پاسي تي گھٽ ئي ڪم ٿيو آهي، جيڪو بهرحال وڌيڪ ٿيڻ کپي. ڪو ڀلي ممتاز علي ڀُٽي کي شڪاري سمجھي پر شهيد ڀُٽي جي جھنگلي جيوت کي بچائڻ واري خيال کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ممتاز علي ڀُٽي جي ڪردار کي فراموش ڪڏهن به نٿو ڪري سگھجي. ممتاز علي ڀُٽي جو اڄ به جھنگلي جيوت جي بچاءَ ۾ تمام اهم ڪردار آهي. (مرونءَ جي شڪار جي ٻي ڳالهه آهي). ان کان پوءِ جيڪڏهن سنڌ ۾ جھنگلي جيوت جي بچاءَ جي حوالي سان ڪم ڪندڙ هيرو جهڙي حيثيت رکندڙن نالن جي لسٽ ٺاهبي ته ان ۾ ٻيا به ڪيترائي نالا ۽ انهن جو ڪم ذهن تي تري ايندو. شهيد ڀُٽي جي ٺاهيل بورڊ ۾ شامل ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي اڄ به هيروز طور ياد رکيا وڃن ٿا، جن ۾ ڀٽي صاحب جي نيشنل پارڪ واري خيال کي عملي جامو پهرائيندڙ ملڪ سڪندر، ان بورڊ جو ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ ميمبر پير محفوظ، وائلڊ لائيف مئنيجمنٽ بورڊ جو ميمبر ۽ وائيس چيئرمين، بلڪ کاتي جو بنياد وجھندڙن ۾ شمار ٿيندڙ مير مراد علي خان شامل آهن. مير مراد علي خان کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته ان سنڌ مان ڪاري هرڻ جي ختم ٿيندڙ نسل کي بچائيندي، تحفظ ۽ بهتر ماحول فراهم ڪري ڪجهه ئي بچيل ڪارن هرڻن کي سوَن جي تعداد تائين پهچايو. سندس ڪوٽ ڏيجيءَ واري مهراڻي وارو علائقو جھنگلي جيوت سان محبت ڪندڙن لاءِ اڄ به وڏي آٿت ۽ اطمينان جو باعث آهي. ساڳئي وقت سنڌ ۾ جھنگلي جيوت جي حوالي سان تحقيق جو ڪم ڪندڙ ڪجهه غير ملڪين جا نالا به ملن ٿا، جن ۾ پروفيسر والڊس، ڊاڪٽر جارج شيلر، مسٽر ٽي جي رابرٽ، بورڊ ميمبر ۽ بزنيس مين، اڄڪلهه هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ مسٽر لي، مشهور ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جو ڀاءَ  ۽ پاڪستان ۾ اکين جو نالي وارو ڊاڪٽر، جيڪو پاڻ به ڪنهن وقت تمام وڏو شڪاري هو پر پوءِ کيس احساس ٿيو ته جي ائين شڪار ٿيندو رهيو ته ملڪ ۾ جھنگلي جيوت ختم ٿي ويندي. پوءِ هن بورڊ جو ميمبر ٿي بچاءَ لاءِ ڪوششون ورتيون، ڊاڪٽر محبوب الحسن رضوي عرف ايم ايڇ رضوي، پنجاب جو فاريسٽ آفيسر، فوٽوگرافي جو شوقين ۽ وڏو نالو، وائلڊ  لائيف بورڊ جي بانين مان  هڪ شخص خان محمد خان، جنهن گيم رزَروِ، وائلڊ لائيف سينڪچرين ۽ نيشنل پارڪ ڊڪليئر ڪرائڻ ۾ تمام اهم ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي علائقا سندس محنت ۽ نشاندهيءَ سبب ڊڪليئر ٿيا. گيم وارڊن طور ڪريم داد جوڻيجو، جنهن جي ساک جھنگلي جيوت سان محبت ۽ انهن کي تحفظ  ڏيڻ جي حوالي سان اڄ به نٿي وسري، جيڪو غير قانوني شڪار ڪندڙن کي بخش نه ڪندو هو. موجوده دور ۾ جھنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ عاقب جتوئي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جو ڪيٽي جتوئيءَ ۾ اڄ به هزار کان مٿي ناياب ڪارا هرڻ، ڦاڙها ۽ چيتا نسل وڌائي رهيا آهن. ماتليءَ جي احمد حسين نظاماڻيءَ به نيشنل پارڪ جي کار سينٽر واقع گڏاپ ۾ ڪاري هرڻ ۽ مور جي افزائش نسل جي حوالي سان يادگار ڪم ڪيو آهي. ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ رفيق راجپوت جون خدمتون به وساري نٿيون سگهجن، جنهن کي گوادر ڀرسان، نانگ جي هڪ قسم سنگچور ان وقت ڪکي وڌو، جڏهن هو نانگن تي ڪم ڪري رهيو هو. اهڙي طرح هن وائلڊ لائيف لاءِ پنهنجي جان ڏئي ڇڏي هئي. مسٽر ديوسائي، جنهن گلگت ڀرسان گليشئر ۾ آفريڪين سان گڏجي پنج ڇهه سال ڪم ڪيو ۽ ڀوري رڇ ۽ ٻين ناياب جنسن متعلق انگ اکر گڏ ڪيا. افسوس جو اهي سڀ موجوده وائلڊ لائيف جي آفيسرن کان وسري ويا يا انهن مان ڪو به اهڙو نه هو، جيڪو سندن نظرن ۾ هيروز جو درجو رکندڙ هجي. موجود دور ۾ ڏسجي ته پير صاحب پاڳاري ۽ مخدوم امين فهيم يا ٻين جون رکون به جھنگلي جيوت جي بچاءُ لاءِ تمام اهم ڪم ڪري رهيون آهن. جيتوڻيڪ انهن ۾ ٿيندڙ شڪار جون خبرون جھنگلي جيوت سان محبت ڪندڙن لاءِ  ڏکوئيندڙ  ضرور هجن ٿيون پر پوءِ به سندن حيثيت جھنگلي جيوت جي تحفظ جي حوالي سان ڳڻڻ جوڳي ضرور آهي. جيڪي نالا عرض ڪيا اٿم، اهي پنهنجي اڌوري ۽ ناقص ڄاڻ جي حوالي سان ڏنا اٿم، جي انهن تي ڪنهن کي ڪو اعتراض هجي ته اکين تي ۽ جيڪي نالا رهجي ويا آهن، انهن جي به ڪو نشاندهي ڪندو ته سندس ٿورا پر ڇا ڪجي! جو انهن مان ڪو به نالو موجوده وائلڊ لائيف کاتي جي آفيسرن ۽ هيروز جي لسٽ ٺاهيندڙ کي متاثر نه ڪري سگھيو. خدارا خلق نه کلايو، ڪجهه ڏسي وائسي فيصلا ڪريو. جي توهان پاڻ باخبر ناهيو ته اهڙن موقعن تي ان کاتي جي رٽائرڊ ملازمن کان ئي  کڻي مدد وٺو ته اهڙا کل جهڙا فيصلا ڪرڻ کان بچي ويندا.

No comments:

Post a Comment