Saturday, March 26, 2011

ڀٽائيءَ جو هڪ تاريخي - نواز ڪنڀر


ڀٽائيءَ جو هڪ تاريخي تڪيو 
ان جي اهميت
نواز ڪنڀر
سنڌ جي اها ڪهڙي ڪنڊ، ڀٽ ۽ دڙو، واهڻ ۽ وستي، ترائي ۽ تلي، جبل ۽ ريگستان آهي، جتي ڀٽائي سرڪار نه پهتا هجن! ڀٽائي جي اهڙن ماڳ مڪانن مان هڪ تڪيو تعلقي سانگهڙ ۾ بهرم بري سرڪار جي درگاهه ڀرسان واگهين واري ڀٽ تي به آهي. ڀٽائي سرڪار جون ڪيترن ئي جڳهين تي تڪين کان علاوه دونهيون به مشهور آهن. جيئن لاهوت لا مڪان ڏي ڀٽائي صاحب جي دونهين يا جيائي ديهه واري دونهين وغيره. تڪين ۽ دونهين کان علاوه مختلف جڳهين تي ڀٽائي جا وڻ به مشهور آهن، پر انهن ۾ وڌيڪ اهم يا تاريخي حيثيت اهي هنڌ رکن ٿا، جن جو ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ ذڪر ڪيو آهي يا جتي ڪي بيت چيا آهن. جيڪڏهن ڀٽائي جي شاعري کي انهن تڪين ۽ دونهين جي پسمنظر ۾ پڙهجي ته ڳالهه سولي نموني واضح ٿي، سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي.  


هونئن ته ڀٽائي صاحب جا مختلف تڪيا، مختلف سببن ڪري مشهور آهن، پر واگهين واري تڪيي جي خاصيت اها آهي جو روايتن مطابق ڀٽائي صاحب جڏهن والد جي غير موجودگي ۾ گهران نڪري هتي آيا ته سيد حبيب شاهه کيس ڳوليندي هتي اچي پهتا ۽ ڀٽائي کي واريءَ  ۾ لٽيل ڏسي، سندن واريءَ کان ٻاهر رهجي ويل چادر جي پلئهُ مان ۽ ڪِن جي بقول ته پيرن جي آڱوٺن (آڱرين) مان سڃاڻي، سندن واتان بي ساخته نڪتو هو ته: “لڳي لڳي واءُ ويس انگڙا ڍڪجي.” جنهن جي جواب ۾ ڀٽائي وراڻيو هو؛ “پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.” اها روايت ظاهر ڪري ٿي ته هي تڪيو ۽ چيل بيت ڀٽائي صاحب جي شروعاتي تڪين ۽ بيتن مان آهي، جيڪا ڳالهه هن تڪيي جي اهميت اڃان به گهڻي وڌائي ٿي. هن تڪيي جي اوڀر ۾ ساڍا ٽي چار ميلن تي سرن واري ۽ اتر ۾ ست ساڍا ست ميلن تي چوٽياري واقع آهي. ڀٽ تي سامهون علم پاڪ، مسجد شريف، لانڍي ۽ پي پي تعلقي صدر شوڪت وساڻ پاران ٺهرايل مسافرخانو آهي. پراڻين ٺڪرين وارو قبرستان به آهي. تڪيي واري تخت تي، سامهون لڳل پٿر تي 786 هيٺيان ڪلمي هيٺ عبداللطيف شاهه ولد حبيب شاهه جو تڪيو لکيل آهي. 1182 هه، ٺاهيندڙ سيد قاسم علي شاهه ولد حاجي امين محمد شاهه لکيل آهن.
بيت لکرائيندڙن جي عقيدت، محبت ۽ محنتن کي سلام پر بيت صحيح لکيل نه آهن. انهن بيتن متعلق مختلف ماڻهن وٽ مختلف پڙهڻيون ۽ ان جون تشريحون آهن. ڪجهه ماڻهن جي بقول ته جڏهن شاهه حبيب ڀٽائي سرڪار کي ڳوليندي هتي پهتا ۽ ڀٽائي جي حالت ڏسي سمجهيائون ته شايد ڌڻي جي شئي وڃي ڌڻي کي پهتي آهي ته انهن بيت چيو ته :
“لٽي لٽي واءَ، وڃي ڇڏيا اڱرا، پرين ۽ پساهه وڃي گڏيا گُر کي.”
ڪي مقامي ماڻهو هي شعر هن ريت به پڙهن ٿا:
“لٽي لٽي واءَ وڃي ڇڏيا اڱرا،کڻي پئي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرين جي.”
جنهن جي جواب ۾ ڀٽائي وراڻيو: “کڻي پئي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرين جي.”
انهن ماڻهن جي بقول ته “اڱرا” معنى آڱوٺو يا آڱريون. انهن مطابق ڀٽائي سڄو واري ۾ لٽجي چڪو هو، صرف پيرن جي آڱوٺي مان سندن موجودگي جي خبر پئِي پئي. اڪثريت ان ڳالهه کي رد ڪندي هي شعر، هن نموني پڙهي ٿي. “لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا ڍڪجي، پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرين جي.” ٻيو بيت جيڪو ڀرسان واقع ديهه جيائو متعلق آهي سو هن ريت آهي. (وڌيڪ تفصيل الڳ مضمون ۾.)
هن مند مارو سنرا، جيائي ۾  جالين،
چاڙهيو لنب لطيف چئي، واڳيو ويهارين،
ڪيٽاريو  ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون.
هن  قديمي ڳوٺ  لاءِ چئجي ٿو ته هن ڳوٺ کي ڀٽائي سرڪار جي دعا ٿيل آهي. مقامي ماڻهن جي بقول ته “ٻين جا وس ۽ واگهين جا گس.” ڪيترو به ڏڪر پوي پر هتي جو مال، ٻي مال  جي مقابلي ۾ سدائين خوش ۽ متارو هوندو آهي. ڳوٺ ڀرسان ڪنڊي جا وڏا وڻ به هئا، جن کي ڀٽائي وارا ڪنڊا سڏبو هو. ڳوٺ کان الهندي کوهه جا آثار آهن. هتي ٿيندڙ ملاکڙي ۽ ان ۾ ايندڙ عوام ۽ عوام لاءِ ڪسجندڙ ڍورن، هر ذات وارن جي رهڻ لاءِ الڳ الڳ ٻاريون ۽ انهن جو ذڪر، هاڻ وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهين ۾ ئي رهجي ويو آهي. ڳوٺاڻن وٽ ڀٽائي جي تڪيي ۽ ڀٽائي جي هتي اچڻ ۽ رهڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي روايتون امانتن وانگر محفوظ آهن. ڪن مطابق ڀٽائي انڊيا مان ٽٻي ڏئي هتي پهتو. ڪن جو چوڻ آهي ته ڀٽائي کي ڳوليندي حبيب شاهه هتي  پهچي ٻڪرار کان ڀٽائي متعلق پڇيو ته ٻڪرار وراڻيو ٻي خبر ناهي، پر هتي مال ڪاهي اچڻ وقت هڪ ڪاموري ٻڪري دانهون ڪندي زوري انهن کٻڙن ڏانهن ڊڪندي ويندي آهي ۽ واپسي تي ٿڻ کير کان خالي هوندا آهن. ڪن جي بقول ته هتي رهڻ دوران ڀٽائي صاحب هڪ جت کان آڌياري ڏاچي مان، جت جي حصي جو کير گهري پيتو هو. (آڌياري ڏاچي  جو کير ان کي چئبو آهي جنهن جي چئن ٿڻن مان ٻه ڦر ڌائيندو هجي ۽ ٻه مالڪ ڏوهندو هجي.) ڪن جي بقول ته ڀٽائي کي بهرم بري هڪ ٻڪري ڏوجهي ڏني هئي. حالانڪ بهرم بري ڀٽائي کان گهڻو پوءِ جو آهي. انهن سڀني روايتن ۾ هڪ ڳالهه ثابت آهي ته هتي رهڻ دوران ڀٽائي سرڪار جو گذر ٻڪرين يا ڏاچين جي کير تي به هو. باقي اهي روايتون بيان ڪرڻ ۾ ماڻهن جون پنهنجون محبتون ۽ عقيدتون به شامل آهن. سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ڀٽائي انهي جاءِ کي  ئي تڪيي لاءِ ڇو چونڊيو؟مٿيون روايتون پنهنجي جاءِ تي پر ڀٽائي پاران ميئين وٽ اچڻ وڃڻ مان لڳي ٿو ته هي هنڌ جيئن ته ميئين جي ڀرسان ئي هو ۽ هڪ طرفو به، ان ڪري ڀٽائي ان جي چونڊ ڪئي. ان وقت  سنڌ ۾ چوٽياري، مٽياري، بکر ۽  ٺٽو وڏا علمي ادبي مرڪز هئا ۽ ميئين جو مسڪن به چوٽياري ۽ سرن واري ڀرسان تجل هو، ان ڪري ڀٽائي صاحب علمي مرڪز جي حوالي سان هتي اچي رهيا.  جيئن ته ان وقت کنڀري ۾ به وڏو مدرسو هو ۽ چوٽياري ۾ به. ڀٽائي متعلق روايتن مان خبر پوي ٿي ته کنڀري جي مدرسي وارا، ڀٽائي سان سٺو نه هليا پر سرن واري ۽ چوٽياري ۾ کين خاص عزت ۽ اهميت ملي. ان مان کنڀري ۽ چوٽياري جي عالمن جي وچ ۾ “فاصلن” جو پتو پوي ٿو. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو کنڀري جي تڪيي جي حوالي سان مضمون) ان مان صاف ظاهر آهي ته ڀٽائي جو هتي گهڻو اچڻ وڃڻ  ڇو هو ۽ ان جو سبب به واضح آهي.
سڄي سنڌ جي ٻين قديمي ۽ تاريخي آثارن وانگر هي تڪيو به جهڙو ڪر وس وارن کان وسريل آهي، جنهن تي بس ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. ان جي باوجود هڪ ڪم اسان جا ساڃاهه وند ضرور ڪري سگهن ٿا ته اهڙن تاريخي ماڳ مڪانن بابت جيترو ٿي سگهي اوترو جلد جهونن کان ملندڙ روايتون گڏ ڪري وٺن ۽ انهن روايتن جي صحت تي بحث ڪن. ان کان اڳ جو جهونا پاڻ سان گڏ روايتون به کڻي هليا وڃن ۽ اسان وٽ رڳو ڏند ڪٿائون وڃي بچن.

No comments:

Post a Comment