Saturday, March 26, 2011

رتنبو - نواز ڪنڀر


رتنبو
”نواب“ ۽ ”انگريز“ سڏجندڙ پکي 
نواز ڪنڀر
ڪنهن به خفتي شڪاري کان پڇبو؛ “پکين ۾ نواب پکي ڪهڙو؟” سؤ سيڪڙو جواب ملندو؛ “رتنبو”. جيڪڏھن پڇجي؛ “ڪهڙو پکي شڪار ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ خواهش آهي؟” ته به جواب ملندو؛ “رتنبو”. جيڪڏھن پڇبو؛ “هڪڙي پاسي پنجاهه ٻيا پکي مارجن ۽ ٻئي پاسي هڪڙو رتنبو ڌڪجي، ته خوشي ڪنهن جي ٿيندي؟” ته به جواب ايندو؛ “رتنبو”.
اهو رتنبو  هاڻ شڪارين کي رلندي به ڳوليو نٿو لڀي. شڪاري ٻڌائين ٿا؛ “وڏي پاڻي وارين ڍنڍن ۾ رهندڙ هي پکي، ناري وارين ڍنڍن ۾ اسي واري ڏهاڪي تائين سياري ۾ هزارن ۾ ايندو هو. هاڻ پنج ڏهه سالن کان، گهٽ ۾ گهٽ ناري واريون ڍنڍون، جن ۾ سانگهراڙيو، راڙ، ڏوگريون، بقار، پنيهل، ڊڀري، نوگهڻو خاص طور تي رتنبي جي رهائش ۽ آرام گاهه لاءِ مشهور هيون. اهي سڄو سيارو هن جون پَر ۾ پڇائون ڪنديون آهن. هن سان گڏ رهندڙ ۽ کائيندڙ پکي آڙي ۽ ٿرهاندو جڏهن هتي اچي لهندا آهن ۽ انهن سان رتنبو ناهي هوندو ته ڍنڍون اداس ٿي وينديون آهن.”

ڍنڍن وانگر شڪاري به هڪ ٻئي کان خبرون ڏيڻ وٺڻ مهل لازمي پڇندا آهن؛ “ڀلا ڪٿي رتنبو ڏٺئي!” ڪافي سالن کان ڪنهن به خفتي “ها” ۾ جواب ناهي ڏنو.
رتنبو جنهن کي اردو ۾ لال چونچ، انگلش ۾ Red crested Pocharo سڏيو وڃي ٿو، ان جو بائلاجيڪل نالو Nettarufina آهي. هن جي مادي جو رنگ ميرانجهڙو ٿئي ۽ نر جي ڳچي ۽ چهنب ڳاڙهيون ٿين. ڳاڙهي مٿي سبب خفتي هن کي  “انگريز پکي” سڏين. بدڪ جهڙي هن پکي جون خصلتون ڪڪڙ ۽ بدڪ سان  ڪافي ملن ٿيون. شڪارين جي بقول ته، هي هتي  نه ئي آنا لاهي، نه ئي ٻچا ڦوڙي. ان ڪري هن کي خوشي سان پرديسي پکي لکي پڙهي سگهجي ٿو.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته پنجاب جي پاڻين: چشمه، تونسه، منگلا،  بهاولپور، لال سونهارو، هيڊ قادرآباد، هيڊ رسول، جهنگ، بکر ۽ تربيلا تي عام جام ملندڙ هن پکي سنڌ جي پاڻين تي اچڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇا ان ۾ به ڪا سازش سٽيل آهي يا سنڌي مهمان نوازن جون ڪي وڏيون “مهمانيون” ۽ “مهربانيون” ٿيل آهن!
ڪن خفتين جي بقول؛ “چوٽياري ڊيم (مَکي رزروائر) ٺهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ڍنڍن جي سڪڻ يا انهن ۾ صفا ٿورو پاڻي هئڻ سبب ڍنڍن جي گاهه لوڻي، کرانڊو، سينهوري، مائو گاهه، وغيره پاڻي سڪي وڃڻ جي ڪري ختم يا گهٽ ٿيڻ سبب به هي پکي نٿو اچي.”
ڪن خفتين جو اهو به چوڻ آهي ته؛ “مڇيءَ جي هڪ قسم دايو يا پاپليٽ (جيڪو ٻاهران آيل آهي) ان پاران هن جي من پسند گاهه کي کائي ناس ڪرڻ سبب به هن پکيءَ هتي اچڻ ڇڏيو آهي. جيئن ته هي مٺي پاڻي جو پکي آهي، جن ڍنڍن ۾ پاڻي بلڪل سڪو ناهي، اتي نئون پاڻي نه اچڻ ڪري، بيٺل پاڻي کارو يا ٻاڙو ٿي پيو آهي، ان ڪري به رتنبي هتي وارين ڍنڍن کان منهن موڙيو آهي.”
نالي وارن خفتين علي بخش ملاح ۽ استاد علي مراد ملاح (بقار وارو) جو چوڻ آهي ته؛ “هن سان گڏ چڳندڙ آڙي ۽ ٿرهاندو، جيڪي هن کان وڌيڪ ٿا چڳن، سي اچن پيا ته هي ڇو نه ٿو اچي!! جي هُنن لاءِ پاڻي آهي ته پوءِ هن لاءِ ڇو ناهي!” هو اهو به چون ٿا ته؛ “ڀلي رتنبو سڀني پکين اندر سونهن ۾ سرس هجي پر نيرڳ ۽ ڊگوش به ڪنهن کان گهٽ ناهن. جڏهن انهن کي پنهنجي خوبصورتي تي ايترو ناز ناهي ۽ اهي ڀيرو نٿا ڀڃن، ته پوءِ رتنبي کي ڪهڙي مَڳي آهي!! هي سنڌ ڇڏي پنجاب ۾ ڇو سيٽل ٿيو آهي!!”
هو اهو به چون ٿا ته؛ “ڊيم ٺهڻ سبب ٻئي پاسي پاڻي جهجهو آهي پر سنڌ ۾ گهٽجي پيو. پنجاب جي بئراجن ۽ ڊيمن وارن علائقن ۾ رتنبو اڄ به ڪافي تعداد ۾ آهي، جڏهن ته هتي پاڻي جي گهٽتائي سبب اهو گهٽيو آهي.”
پوءِ به زولاجي جي ماهرن لاءِ اهو سوال ضرور اهم هوندو ته؛ “جڏهن ٻيا پکي ٿورا يا گهڻا هر طرح جي حالتن کي منهن ڏيو اچن پيا ۽ هتي رهن به پيا ته پوءِ رتنبو ڇو نٿو اچي؟”
ان جو سبب شايد اهو ئي آهي ته رتنبي کي هن جي حسن ئي هاڃو رسايو آهي. خوبصورتي کي شڪار ڪرڻ جي شوقينن هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي ۽ هن پکيءَ جو نسل خطري ۾ اچي ويو آهي. چون ٿا ته: “هن کي چين ۾ سارين کي نقصان پهچائڻ سبب زهر ڏيئي گهڻي کان گهڻو ماريو ويو آهي.
گوشت ۾ گرم تاثير رکندڙ، ولر ۾ رهندڙ، چڳندڙ ۽ اڏامندڙ هن “انگريز پکي” لاءِ اهو به مشهور آهي ته؛ “هي مڙئي ڪجهه سست ۽ ڪاهل آهي. شايد حسن جي ڪري نزاڪت اچڻ سبب ڪجهه نازڪ نفيس  به آهي. ان ڪري پنهنجي محنت به ڪندو آهي پر آڙي جي پٽيل گاهه تي به هن جي نظر هوندي آهي. جيئن حسن وارا ٻين جي مال تي موجون ڪندا آهن، تيئن هن پکيءَ ۾ به ڪجهه اهڙيون ئي عادتون آهن. آڙي جي به ڪا نه ڪا ته مجبوري هوندي جڏهن ٿي رتنبي کي پنهنجو گرهه کارائي، نه ته ڪير ٿو ڪنهن لاءِ ڪمائي!”
خفتين جو چوڻ آهي ته؛ “هي نڙ، پن وغيره ۾ به رهندو آهي ته پاڻي ۾ بيٺل ڪنهن وڻ جي ٿڙ تي به ساهي پٽيندو آهي. جي پاڻي ۾ ڪو ٻنو وغيره هوندو آهي ته هي اتي به ويٺل نظر ايندو آهي. بهرحال هي آکيرو وغيره ٺاهي گهٽ ئي رهندو آهي.
عام پکين جي گوشت جهڙو ذائقو رکندڙ، نومبر ڌاري ايندڙ ۽ فيبروري مارچ تائين واپس ويندڙ هن “نواب پکي” کي وڏي پاڻي ۾ رهڻ ڪري شڪار ڪرڻ نسبتًا ڏکيو آهي. جنهن لاءِ شڪاري ڪيترائي طريقا اختيار ڪندا آهن /هئا. جن ۾ مورچي ۾ ويهي، هتان هُتان اڏائي، پوءِ بندوق هڻڻ، هڪ ڍنڍ کان ٻي ڍنڍ ڏانهن صبح شام ايندي ويندي شڪار ڪرڻ، ٻيڙي ۽ لانچ تي چڙهي، وڏي پاڻي ۾ پهچي ڌڪ هڻڻ عام شڪاري طريقا آهن. پر هن کي اڳي گهڻي تعداد ۾ هئڻ وقت ڄار يا  رڇ اڏي به ڦاسائبو هو، جنهن کي ڍٻي وارو طريقو چئبو آهي. ان طريقي ۾ زمين تي ڄار وڇائبي هئي، جڏهن پکي اَنَ تي ويهندو هو ته ڄار ڇڪي وٺبي هئي. ان کان علاوه ونجهار واري طريقي سان به شڪار ٿيندو هو. هن طريقي ۾ پاڻيءَ کان ٻه چار فوٽ مٿي، ڪاين جي مدد سان ٻه سؤ کان پنج سؤ فوٽ ڊگهو ڄار اڏبو هو. خفتي  جڏهن  ان کي اڏائيندا هئا يا رات جو رتنبو پاڻ ڄار سان ٽڪرائيندو هو ته ڄار ۾ ڦاسي ويندو هو. ان کان علاوه هن کي چوڳ تي هيرائي به شڪار ڪبو هو.
پکي جيئن ته دريائي وهڪرن تي اڏامندا آهن، ان ڪري اهي انهن وهڪرن مٿان اڏامندي هند سنڌ کان عراق تائين ساڳين رستن تي سفر ڪندا آهن. ڦليل جو اسلام الدين ملاح ٻڌائي ٿو ته؛ “هن جڏهن 1970 ڌاري ڪوئيٽا، عراق مان ٿيندو حج تي ويندي (واپسي ۾ ڪوئيٽا ۾ ٻڌجڻ بعد نواب اڪبر بگٽي جي سفارش تي جان ڇٽي هيس) عراق ۾ رتنبي جو شڪار ٿيندي ڏٺو هو”. بقول سندس ته؛ “اتي پکين جو ڪاروبار ٿيندو هو. پکين کي بندوق هڻڻ جي اجازت نه هئڻ ڪري، ونجهار ۽ ڍٻي ذريعي رتنبو شڪار ٿيندو هو.
 پکين جي ڄاڻو خليل احمد لغاري (باکوڙو) جي چوڻ مطابق؛ “اڳي نارو، عمر ڪوٽ فرش تائين وهندو هو. ان تي ساريال جام  ٿيندي هئي. هاڻ فرش ته ڇا سانگهڙ ۾ به وونئڻن لاءِ پاڻي ناهي ته پکي ڪٿان پلجندا. اهي رستي ۾ ئي پنجاب جي پاڻين تي موسم گذاري، اتان ئي واپس ورندا آهن.”
سنڌ جي شڪارين جيڪا جٺ پکين سان ڪئي  آهي، ان جو نتيجو اھو نڪتو آهي جو هاڻ کين هتي رتنبو اڏامندي به نظر نٿو اچي.
جيڪڏھن اها حالت برقرار رهي ته مستقبل قريب ۾، انھيءَ لسٽ ۾ ٻيا به ڪافي پکي شامل ٿي ويندا. انهن جون صرف تصويرون ئي، پکين جي حسناڪين کان متاثر نوجوانن جي ڪمرن جي زينت بڻجي رهجي وينديون.

No comments:

Post a Comment