Wednesday, July 24, 2019

وڏو ليکڪ - همير گاد


وڏو ليکڪ
(طنز ۽ مزاح)
همير گاد
ڪنهن نقاد، هڪ ڪتاب جي باري ۾ لکيو هو؛ هي ڪتاب، انهن ماڻھن کي پسند ايندو، جن کي اهڙا ڪتاب پسند هوندا آھن.“ ائين ئي وڏو ليکڪ، انهن ماڻھن کي پسند آ، جن کي اهڙا ماڻھو وڻندا آھن.
وڏو ليکڪ، ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي.
وڏو ليکڪ، ان جي ڪري آ، ڇو جو هو پاڻ کي ئي صرف وڏو ۽ ٻين کي ننڍو ۽ ھوائي ليکڪ سمجهندو آ.
پاڻ کي هميشه ڏاهو ۽ اعليٰ، ٻين کي بيوقوف ۽ پاڻ کان ھميشه گهٽ سمجهندو آ.

Friday, July 12, 2019

جِت ڪَرٽ پئي ٿو ڪاٺ ۾ - تولارام سوٽهڙ

جِت ڪَرٽ پئي ٿو ڪاٺ ۾
تولارام سوٽهڙ


ثقافتي ورثي جي سنڀال ۽ فن جي قدرداني، زندهه قومن جي مادي ۽ روحاني ترقيءَ جو باعث بڻجي ٿي. دنيا جيڪا اڄ حسين تخليقن جي ڪري فطري سونهن ۽ ڏاهپ جو مظهر آهي، اها سموري هنرمندن جي ڪوششن، ڪاوشن ۽ تخيل جي حسين ترين تصور سان جڙيل آهي. سنڌ ڌرتي هزارين سالن کان جهڙيءَ ريت فن، علم، ادراڪ ۽ ادب ۾ زندهه تاريخ رکندڙ ورثي جي مالڪ آهي، تيئن هن ڌرتيءَ جا هنر به آڳاٽي تهذيب جا امين ۽ مظهر آهن. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي هنر مشهور آهن، جن مان هر هڪ جي اهميت آسمان تي چمڪندڙ ٽيڙن، ڪتين، وهائو ۽ قطب تاري وانگر انفراديت رکندڙ آهي. انهن هنرن مان ڪاٺ جو هنر/ ڪم به سنڌ توڙي ننڍي کنڊ جو آڳاٽو هنر ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪاريگرن پنهنجي تخليقي سگهه سان ان جي گهڙاوٽن ۽ نمونن ۾ فني حسناڪيءَ جون اوتون اوتيون ۽ جوتون جوڙيون آهن. هن اهم هنر بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪيترا حوالا ملن ٿا. سنڌ جي قديم تهذيب ۾ به هن هنر کي تمام وڏي اهميت حاصل رهي آهي ۽ هن هنر سان لاڳاپيل ڪاريگرن کي به عزت جو درجو حاصل پئي رهيو آهي. اڄڪلهه جي ٽيڪنالوجيءَ جي جديد دؤر ۾ جيتوڻيڪ هن هنر طرف ماڻهن جو رجحان گهٽجڻ لڳو آهي، پر پوءِ به دنيا سميت سنڌ ۾ اڄ به هن ڪم کي قدر جي نگاهه سان ڏِٺو وڃي ٿو. مُهين جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مليل ڏاند گاڏيءَ، ٺٽي، شڪارپور ۽ ٻين شهرن جي قديم عمارتن ۾ ٿيل ڪاٺ جي ڪم، قديم مندرن ۽ ٻين مقدس جاين تي ٿيل اُڪر، نقش نگاريءَ ۽ جنڊيءَ جي گهڙاوتن کي ڏسي، هن هنر جي قدامت جو ڀليءَ ڀِت اندازو ٿي سگهي ٿو.

Sunday, July 7, 2019

حساب ڪتاب جو چڪر- رام ڪرشن


حساب ڪتاب جو چڪر
رام ڪرشن
Image result for ‫حساب ڪتاب جو چڪر‬‎
ويٺي ويٺي حساب لڳايم ته بيهي رهندس پر سوچي نه بيٺس ۽ ويهي ويهي حساب لڳائيندو رهيس ۽ ايترا ته حساب لڳايم جو ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ کي ذري گهٽ رياضي دان سمجهڻ لڳس ۽ جڏهن رياضي جو حساب لڳايم ته ڪم لهي ويو.
ماڻهو حساب ڪتاب جو ذڪر، گڏ ڪندا آهن. اسان لاءِ حساب ڏکيا ته ڪتاب آسان. ڪتاب پڙهي وينداسين، حساب ٿيندا ڪو نه. توهان حساب نٿا ڪري سگهو ته حساب ڪتاب ڪيترو نه ڏکيو ڪم آهي. هڪ استاد حساب ئي نٿو ڪري سگهي ته حساب ڪيترا نه بور ڪندڙ آهن، ٻارن لاءِ. ٻارن کان پڇيو وڃي ته سڀني کان وڌيڪ بور ڪندڙ مضمون حسابن جو ئي هوندو. ٻار چوندا آهن ته؛ حسابن جي پيرڊ کان پهرين، بي حساب پگهر ايندو آهي. گهڻي پريشاني ۽ هٿ پير ٿڌا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن مٿي ۾ هلڪو هلڪو سور ۽ گهڻي بي چيني شروع ٿيندي آهي. اسان جي دوست هيمو جو خيال آهي ته گهڻا ٻار حسابن جي ڪري اسڪول ڇڏي ويا يا شايد حسابن جي ڪري انهن حساب ڪتاب جي چڪر ۾ پوڻ نٿي چاهيو. گهڻن ٻارن جو ٿورو اهو به خيال آهي ته حسابن جو گهڻو خيال نه ڪجي. اسڪول جي ٻارن جي اها به وڏي دعا رهي آهي ته استاد سمورا عزت لائق آهن پر جيڪر حسابن جا استاد هجن ئي نه ها ته استادن جي عزت قيامت تائين پئي ڪجي ها!

ڪل بي ادبي ملاکڙي جو اکين ڏٺو احوال - همير گاد


ڪل بي ادبي ملاکڙي جو اکين ڏٺو احوال
(طنز ۽ مزاح)
همير گاد
آچر ۲۹ فيبروري تي، شهر جي بدبودار هال ۾ ڪوٺايل هي ڪل بي ادبي ملاکڙو تاريخ جو وڏو ۽ بور ملاکڙو هو. جنهن ۾ مختلف ڪنڊن ۽ پاسن کان ڪهي آيل عطائي شاعرن شرڪت ڪئي.
ملاکڙي ۾ ايترا ته ماڻھو گهڻا هئا جو هال ۾ مهمانن کي ويهارڻ لاءِ اضافي وهيل چيئرز wheelchairs جو بندوبست ڪيو ويو.
هن تاريخي پروگرام جي ڪمپيئرنگ لاش ڌرپدر ڪئي.