Saturday, March 26, 2011

ڪنبير سيال جو کوهه - نواز ڪنڀر


ڪنبير سيال جو کوهه
اڳوڻو ڪنبير سيال جو کوهه ۽ موجوده صوفيءَ جو ٿَلهو
نواز ڪنڀر
سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نظر انداز ڪيل ۽ وساريل ماڳ مڪان کي ميڊيا ذريعي مشهور ڪرڻ واري سلسلي ۾، ضلعي جي هڪ گمنام تاريخي ماڳ تي وڃڻ جو پروگرام جوڙيوسين. سارين جي سم توڙي بڊي جي برسات واري پاڻيءَ سان ڀريل رستن تان ٿيندا ۽ واٽرن جي ڪنارن جو دڳ وٺڻ سبب انهن ۾ ٿڙندا ۽ ٿاٻڙندا وڃي سانگهڙ کان سترهن ارڙهن ڪلوميٽر اوڀر طرف، ڳوٺ ڌڻي پرتو راڄپر ڀرسان صوفيءَ جي ٿَلهي تي پهتاسين. جيڪو اڄ  به عام بيوس ماڻهن جي آس پڄائڻ ۽ ڪجهه سهن، تترن، ڳيرن ۽ ٻين پکين جي بچاءُ ۽ لِڪ جو ذريعو آهي. تاريخ جا ورق ورائبا ۽ جهونن سان ڪچهري ڪبي ته ڳالهه وڃي جهوڪ شريف تي دنگ ڪندي.


مليل ڄاڻ مطابق:
اڳي ڪنبير سيال جو کوهه سڏجندڙ، موجوده صوفيءَ وارو ٿلهي جو ڀاڳ تڏهن کليو، جڏهن جهوڪ شريف مان صوفي شاهه عنايت شهيد جي پونئيرن مان نالي وارو عالمِ دين سيد فضل الله شاهه قلندر، جن کي صوفين جو ٻيو محي الدين به سڏيو ويندو آهي، هتي آيو. هو مختلف هنڌن تان ٿيندو، ڪنبير سيال جي کوهه تي پهتو ۽ اتي ساڍا ٻارنهن سال (1216-1229 هه) عبادت ۽ رياضت ۾ گذاري ڇڏيائين. ڪنبير جي کوهه تي پهچڻ کان اڳ هو سانگهڙ-ميرپورخاص روڊ کان اوڀر طرف ۽ فلورمل کان ڏکڻ طرف، موجوده روڊ سان لڳو لڳ پنهور فقيرن جي دعوت تي اچي رهيو. رئيس ستار نظاماڻيءَ جي ٻني ۾ آيل اهو تڪيو اڄ به موجود آهي، جتي هر جمعي جي شام پنهور برادريءَ جا نوجوان گڏ ٿي، تاريخ زنده رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سندس اهو تڪيو رڪارڊ تي ناهي، جتي هندو توڙي مسلمان، سندن فيض ۽ فڪر کان متاثر ٿي، فقيري حلقي ۾ شامل ٿيا. انھن ۾ ڀيل، مينگهواڙ، سک ۽ ڪولهي قابلِ ذڪر آهن. ڪنبير جي کوهه تي درگاهه جهوڪ کان ساڻن گڏ آيل صوفين کان علاوه سنڌ توڙي هند مان پنج سؤ کان مٿي صوفي، موجود رهندا هئا.
اندازي مطابق صوفي فضل الله شاهه قلندر جي ولادت 1183 هه بمطابق 67-1766ع جي لڳ ڀڳ جهوڪ شريف ۾ ٿي. کين قلندري صفتن سبب، قلندر ۽ سخاوتي صفتن سبب داتا پير سڏيو ويو. فضل الله شاهه قلندر 27 جمادي الثاني 1243هه (1826ع) ڌاري، 60 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندن مزار، درگاهه جهوڪ شريف جي چوڪنڊي اندر آهي. اتي هر سال سندن ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جنهن کي ننڍو ميلو ڪوٺيو ويندو آهي.
داتا پير، پاڻ سجاده نشين نه هئا پر صوفي صادق فقير کان ويندي مير ڪرم علي خان، بقار جي سيد کان وٺي ڀاڳناڙي بلوچستان ۽ جيسلمير تائين فضل الله شاهه جا مريد ۽ معتقد موجود هئا. ورهاڱي کان اڳ آسپاس جا هندو به هتي وڏي تعداد ۾ ايندا هئا.
داتا پير جي ڀاءُ جي وفات تي، خليفي صادق فقير سومري، کين واپس جهوڪ شريف هلڻ لاءِ آماده ڪيو ته سوين هزارين امير ۽ غريب مريد اچي گڏ ٿيا. اھي گهوڙا ۽ اٺ سجائي آيا ھئا ته منَ سندن سواريءَ تي چڙهڻ جو شرف بخشين. اها سعادت، غريب بختو فقير سوڍي جي گهوڙي جي حصي ۾ آئي، جيڪو بغير زين جي ھئو ۽ مٿس خالي رلي رکيل. جلوس اڳيان شيرو عرف شيرل فقير مڱڻهار سارنگي وڄائيندي  هيٺيان ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا.
ڪرهل ڪين ڪڏايو، هيڏي هوڏي
اهڙي ريت منزل به منزل ڪندا، بلڙي شاهه ڪريم وٽ پهتا، تڏهن شيرل هي ڪلام ڳاتو:
سرتيون ڪريو سينگار، جانب آيو جُوءِ  ۾
اڄ  ٿَلهي جي اوڀر- اتر ۾ ٽهل خان مري، ٿلهي جي اولهه ڏکڻ ۾ محمد وارث راڄپر کاتيدار آهن. هينئر هتي ٻٻر، کٻڙ، ديوي، لئي، کجي ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ آهن، جن تي ڳيرا، جهرڪيون، تتر، ۽ هيٺ سها رهن ٿا. 08-2007ع ڌاري آيل برساتي ٻوڏ ۾، سهن جي ڀڄڻ جون واهون بند ٿيون ته ڀرپاسي جي ماڻهن سهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو. فضل الله شاهه جي اچڻ وقت، هتي جهنگ ۽ کڏون هيون، جن ۾ برساتي پاڻي بيهندو هو. جهنگ ايڏو ته گهاٽو هو، جو صاف ڪرائي پوءِ اچي سگهبو هو.  
ٿلهي جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪرامتون ۽ ڳالهيون  مشهور آهن. اڄ به پري پري کان ڀٽ، ڀيل، مينگهواڙ، ڪولهي ۽ تر جا مسلمان اچي ديڳيون رڌي، مٺايون ورهائي ۽ پڙ وجهن ٿا. بچي ويل ڀت ۽ شيون پکي پکڻ جي ڪم اچي وڃن ٿيون. ٿلهي ڀرسان وڻن تي آس-وندن جا آندل ننڍن ٻارن جا ڪپڙا ۽ رانديڪا وڏي تعداد ۾ ٽنگيل آهن. اڳي هتي ميلو لڳندو هو، پر هاڻ اها روايت ختم ٿي چڪي آهي. ٿلهي جي لڳو لڳ، ڏکڻ ۾ اونهي کوهه جا آثار آهن، جنهن تي  مقامي روايتن مطابق؛ سائين فضل الله شاهه ڪاٺي رکي، مٿانئس ويهي چلو پچايو هو. اهو کوهه لٽجي چڪو آهي. ان جي کڏ، کوهه جو ڏَسُ، اڄ به ڏئي ٿي. ان کان ٿورو پري خميسي پنهور واري لوڙهي ۾ به هڪ کوهه جو ڏس ملي ٿو، جيڪو پڻ لٽجي چڪو آهي.
ڪنبير سيال ڪير هو ۽ سندس کوهه اتي ڇو هو؟ ان جي ته ڪا خبر ناهي. ان مان هتي سيال ذات جي ماڻهن جي آباد ٿيڻ جو ڏس ضرور ملي ٿو. اوائلي رستو، جيڪو جهول ۽ ٽنڊومٺاخان کي ملائي اڳتي هندوستان ويندو هو، هن جڳهه کان ڪلوميٽر اتر ۾ واقع آهي. جنهن کي جهونا، اڄ به جهول وارو رستو سڏين ٿا. 
ٿلهو گول شڪل جو آهي، جيڪو اڄ به زمين کان  ٽي چار فوٽ مٿي آهي. مشهور آهي  ته؛ “اهو داتا پير پاڻ مٽي کڻي ٺاهيو هو”. لڳي ايئن ٿو؛ ٿلهي جا پنج ڏاڪا هئا، جن مان ڏاکڻن چئن ڏاڪن جا نشان اڄ به واضح آهن. جنهن مٿان پنج فوٽ پٿر وارو ٿلهو آهي، جنهن جي ڊيگهه ڇهه ست فوٽ ۽ ويڪر ست فوٽ کن آهي. هتي لڳل پٿر جانورن جي جيري ۾ ٿيل سوراخن وانگر آهي. اڳي ڪا ٻي سواري ڪانه هئي. ڍڳي گاڏيءَ تي بار کڻبو هو. چون ٿا ته؛ “ڪنهن هندوءَ جو بار ڍوئيندڙ مزدور جي، ڍڳي گاڏي هتان لنگهندي ڀڄي پئي. مزدور گاڏي ۽ مال ڇڏي، ڏاند ڪاهي، وڃي ان هندوءَ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. جنهن صبح تائين سامان جي حفاظت لاءِ پٿر جو ٿلهو ٻڌائڻ جي باس پوري ڪندي اھو ٿلهو ٻڌرايو.
جيڪڏهن حڪومت اهڙن ماڳن مڪانن کي پنهنجو ڪري ۽ هتي آس پاس ٻه چار ايڪڙ ٿلهي جي نالي خريد ڪجن ته مهانگائي جي ماريل ڳوٺاڻن کي هڪ ته تفريح لاءِ وڌيڪ جاءِ ملندي. ايندڙ ويندڙ ٻارن ٻچن کي به سهولت ٿي پوندي ۽ اتي ٿيندڙ جهنگ ۾ ڪيترن ئي پکين ۽ جانورن جي لڪ ۽ بچاءَ جو بندوبست به ٿي پوندو. ڇو جو هاڻ بي زبان پکين ۽ سهن توڙي ٻين ننڍن جانورن لاءِ قبرستان ۽ اهڙا ماڳ مڪان ئي پنهنجو پاڻ بچائڻ جو واحد ذريعو وڃي بچيا آهن.

No comments:

Post a Comment