Wednesday, August 7, 2013

ڀريل ٻيڙيءَ ۾ ڳورپٽ ڳري - امر لغاري

ڀريل ٻيڙيءَ ۾ ڳورپٽ ڳري!
امر لغاري
ايترو گھڻو وقت به نه گذريو آهي جو کڻي چئجي ته سنڌ جي ماڻهن مان هاڻ پکين ۽ جانورن جي سڃاڻپ نڪري وئي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به اڄ جا ذري گھٽ ناياب ٿيل جانور، جهڙوڪ بگھڙ، چراخ ۽ ڳورپٽون سنڌ جي زرعي ميدانن جا چڪر ڪاٽينديون رهيون آهن. جانورن جي نالن مان ئي پڌرو آهي ته مٿن اهڙا نالا به مقامي (سنڌي) ماڻهن رکيا هئا، ڇو ته ماڻهو انهن جانورن جي شڪلين، عادتن ۽ خصلتن کان ڀلي ڀت واقف هئا. پر سنڌ جو اڄوڪو نسل ان معاملي ۾ گھڻو پوئتي رهجي ويو آهي. ميار اڄ جي ماڻهن تي ناهي، پر ميار انهن وڏڙن تي آهي، جن پنهنجو تهذيبي ورثو نئين نسل کي منتقل نه ڪيو. ميار انهن محققن ڏانهن به آهي، جن جانورن، پکين ۽ ٻوٽن جي علم کي ڪو علم ئي نه سمجھيو. نتيجي ۾ اڄ جڏهن ماڻهن جي آباديءَ کان پري رهندڙ ڪو جانور اچانڪ زرعي توڙي نيم زرعي آبادين ۾ بک يا ڪنهن ٻئي سبب ڪهي ٿو اچي ته خلق ۾ ٽاڪوڙو مچي ٿو وڃي. بلا، سائين، بلا! بلا، ڀائو، بلا! پوءِ بلا کانسواءِ ماڻهن جي زبان تي ڪو ٻيو لفظ ئي نٿو چڙهي! اڄ به پاڪستان کان اڳ جا جھونا ويٺا آهن، جن اهي جانور پنهنجين اکين سان ڏٺا هوندا، ماڻهو انهن کان به پڇڻ جي زحمت گوارا نٿا ڪن.
سنڌ ۾، سانوڻيءَ جي موسم ۾ ٻه ٽي جانور هر سال مارجن ٿا. مارجن ٿا پر وڏين ونگارن سان. ايتري قدر جو ننڍڙا ننڍڙا جانور جيڪي ڪيڙيون ماڪوڙا کائيندڙ آهن اهي به ٽريڪٽرن سان چٿاڙي ماريا وڃن ٿا، جن جي رڳو دوناڙ تي لٺ هڻجي ته به ٻه ڦيراٽيون کائي مري پوَن. توهان سمجھي ويا هوندا ته اهڙو هڪ جانور ڇلومرون آهي، لاڙ واري پاسي ٿئي ٿو، ۽ هر سال هڪ نه ٻه مارجن ٿا (اهڙا ڪجھه ڪِلپ يو ٽيوب تي به رکيل آهن).

ٻيو اڪثر مارجندڙ جانور ڳورپٽ آهي. هن جانور جو وڏو ڏهڪاءُ آهي سنڌي ماڻهن ۾. بنيادي طرح هي جانور پنهنجي رمز وارو آهي. پنهنجي منهن وتندو نانگ بلائن جون ٻِرون کوٽيندو. ماڻهو جي جلهه ڪندس ته پنهنجي بچاءُ ۾ ڄاهي جئان سُسي به ويندو آهي. جي گھڻو تنگ ڪبس ته پوءِ جھٽ به هڻي ڪڍندو آهي. اصل ۾ شڪل ۾ خوفناڪ ٿو لڳي. ڪتا ويجھو انڪري ڪونه ٿا وڃنس جو هڪ ته هن جي کل سخت ٿئي، ڪتن جو چڪ به ڪجھه ڪونه ڪريس، ٻيو ته ڪتن کي وٺ به نٿو ڏئي، پر ڪتن کي نه ته نقصان پهچائي، نه انهن سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪري. هن جو ٻوٿ، رڇ جهڙا چنبا ۽ جسم تي ٻُر ڏسي ماڻهو سمجھن ٿا ته الائي ڪهڙي بلا اچي وئي آهي!
سنڌ جي خطي جي اها خوشقسمتي آهي جو اهڙو جانور اسان وٽ اڃا موجود آهي. دنيا ۾ اهو ناياب ٿو ليکيو وڃي. ٻاهريان ملڪ خاص ڪري روس ۽ آفريڪا جا ملڪ، هن جي نسل بچائڻ لاءِ ڪروڙين روپيا ٿا خرچ ڪن. اسان آهيون جو ان جي اهميت کان ئي واقف ناهيون. ماڻهو سمجھن ٿا ته اُهو سندن جانور، ٻار، يا کين ماري ويندو. ڀلا اڄ تائين ڳورپٽ ڪنهن کي ماريو آهي؟ اصل ۾ ماڻهو پاڻ وڏي ڳورپٽ آهي. روز ٿو ماڻهو ماري، روز ٿو ماڻهو اغوا ڪري، روز ٿو جانور ماري، روز ٿو پکي ماري، روز ٿو رت پيئي. هڪ ننڍڙي جھنگلي جانور کي ٽولا ڪري ماري ٻڌائي ٿو ته مون وڏو بهادريءَ جو ڪم ڪيو آهي!
سانوڻي ڌرتي کي سيراب ڪندڙ موسم آهي. مينهن ڌرتيءَ جي پنهنجي ماحول پيدا ڪيو آهي، ۽ ان ماحول تحت ڌرتيءَ تي رهندڙ پکي پرندن، جيت جڻن، جانور ٻوٽن پاڻ کي زندگيءَ جي قالب ۾ ويهاريو آهي. اها لڳ ڀڳ سڀني قسمن جي رينگندڙ جانورن، سڀني پرن وارن پکين جي ٻچن لاءِ غذا جو ڀنڊار بڻجي اچي ٿي. فطري طور گھڻا تڻا پکي سانوڻيءَ کان مهينو اڌ اڳ پنهنجا آنا ڦوڙيندا آهن. ڪي وري جولاءِ ۽ آگسٽ جي مينهوڳيءَ ۾ پنهنجون اکيون کولين. اهو انڪري جو انهن مهينن ۾ جيت جڻا سڀ زمين مان ٻاهر نڪرن، آنا ٻچا ڪن، ۽ هوا ۾ موجود پاڻيءَ مان پنهنجي حصي جو امرت يا زندگي اوتين. سانوڻيءَ ۾ جڏهن مينهن وسن يا مينهن لاءِ گُھٽ ٿئي، تڏهن ڪيڙيون، ماڪوڙا، مڇر، مکيون ۽ ٻيا جيت زمين يا ان جي گند مان ٻاهر نڪرن، جن تي نانگ بلائون، ڪرڙيون، سانڊا ۽ انهن جا آنن مان نڪتل ٻچا، نور، نوريئڙا، ڄاها، ننڍا وڏا پکي ۽ ڪُئا، سڀ پڌر تي اچن. قدرت جي ان رنگ ۾ ڇلومرون ۽ ڳورپٽ به ڀائيوار آهن. اهي به پنهنجي لڪ مان نڪري نروار ٿين. ڇلومرون (ڇلرن وارو جانور يا خشڪيءَ جي مڇي کڻي چئونس) جو کاڌو ڪيڙيون، ماڪوڙا، ڪوريئڙا، ۽ ٻيا ننڍا وڏا جيت آهن. ڇو ته هن کي قدرت ڊگھي سونڊ ڏني ئي ان لاءِ آهي ته جيئن اهو ٻرن مان يا ڪک پن ۾ لڪل جيت جڻن کي پنهنجي زبان سان جھٽي ٻاهر ڪڍي سگھي. ڇلر انڪري جو اهو پاڻي ۽ خشڪيءَ جي گڏيل وٿاڻن جو جانور آهي. ڇلرن وسيلي ڪتن، ٻلن، گدڙن ۽ لومڙين کان پنهنجو بچاءُ به ڪري ٿو. انتهائي بي ضرر جانور آهي ڇلومرون.
ڳورپٽ کي سنڌ ۾ ”قبر پٽ“ يا ”قبرون کوٽيندڙ يا مرده کائيندڙ“ طور مشهور ڪيو ويو آهي. حالانڪ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. رڳو ويرانن ۾ رهڻ ڪري يا قبرستانن ۾ اڳ ۾ ئي کوٽيل ڏر کوٽڻ ڪري کيس بدنام ڪيو ويو آهي. ڀلا جي ڪنهن جي قبر ۾ ڪوئا ٻرون ٺاهيندا، سيهڙيون ڏر هڻنديون، گلويون ۽ ڪرڙيون زمين ۾ سوراخ ڪري رهنديون، ۽ وڇون پنهنجا گھر ٺاهيندا ته پوءِ ڳورپٽ جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو انهن سوراخن مان پنهنجي خوراڪ کي کوٽي ٻاهر ڪڍي کائي!
ڳورپٽ کي انگريزيءَ ۾ Honey Badger يا Ratel به چئبو آهي. زمين تي هن وقت تائين هن جا ۱۰ قسم ٻڌايا وڃن ٿا. جيئن ته سندس نالي مان ئي پڌرو آهي، سنڌي نالي مان نه، پر انگريزي نالي مان، ته ماڻهن ان تي ماکي ڳوليندڙ جانور نالو رکيو آهي. بئجر جي هڪ معنيٰ ”تعاقب ڪندڙ“ به آهي. ان حساب سان معنيٰ ٿي ماکيءَ جو تعاقب ڪندڙ. چيو وڃي ٿو ته ڳورپٽ ماکيءَ لاءِ باقائدي مهم جوئي اختيار ڪندي آهي. اها ڇتي ۾ موجود ماکيءَ جي ٻچن کي کائڻ جي شوقين آهي. ڪهڙو به وڻ هجي اها ان تي سيڪنڊن ۾ چڙهي ويندي آهي. کائڻ توڙي هلڻ ۾ تمام گھڻي ڦڙت آهي. آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳورپٽ ۽ ماڻهن وچ ۾ جھيڙو ئي ماکيءَ تي هوندو آهي. ماکي پاليندڙن کي خوف ئي فقط ڳورپٽ جو هوندو آهي. گھڻو ڪري ۲۴ ڪلاڪن ۾ ۴۰ ڪلوميٽر هم چورس علائقي کي ڇاڻي وٺندي آهي. ڳورپٽ جي شڪار جو رائونڊ ۲ کان ۸ ڪلاڪن جو هوندو آهي. بعد ۾ ڏر ۾ يا ڪنهن ڇانوَدار ٻوڙي هيٺيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ سمهي آرام ڪندي آهي.
ڳورپٽ جو کاڌو نهايت وسيع آهي. انڪري هن کي انسان کان پوءِ ٻيو نمبر زيانخور جانور به سڏيو ويندو آهي. پر اها نه فصلن جو نقصان ڪري، نه پاڻيءَ جو، نه وڏن جانورن جو، نه هروڀرو ماڻهوءَ کي ڪجھه چوي. بس جيت جڻن جي آنن ٻچن جون ڪالونيون يا آکيرا جلديءَ ۾ ڳولي وٺندي آهي. ڀنؤر، وڇون، ڪرڙيون، نانگ بلائون، ڪئا ۽ پکي هن جي پسنديده خوراڪ آهن. نانگن جي لاءِ ته پويون ڏينهن آهي. ڪهڙي به قسم جو نانگ هجي، ۽ ڪيترو به زهريلو ڇو نه هجي، ڳورپٽ جي نظر تي چڙهڻ کانپوءِ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جو ڀڄي سگھي. سنڌي ماڻهن مٿس نالو ئي عجيب رکيو آهي، جي لفظي معنيٰ تي نه وڃجي، ته پوءِ جنهن معنيٰ ۾ کيس استعمال ڪيو ٿو وڃي اهو صحيح آهي. اصطلاحن ڳورپٽ ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو شڪل جو بُڇڙو، ۽ جيئن تيئن ڪري هر شيءِ چٽ ڪري وڃي.
ڳورپٽ ارڙ بلائون، ننڍا توڙي وچٽ واڳون، واسينگ نانگ، ڪنڀارا نانگ، ٻوگھيون، کپر، لنڊيون، سنگھچوڙ، سڀ ڳهي ٿي وڃي. وڻ جي چوٽيءَ تي ويٺل لنڊيءَ کي به سيڪڊن ۾ لاهي ٿي وٺي. ننڍن جانورن ۾ سها، ٻچڙاٽ لومڙيون، ٻلا، ۽ وڏن جانورن ۾ ڦاڙها ۽ گدڙ به ماري ٿي وٺي. صدين کان نانگ ۽ وڇون کائيندي زهر پروف ٿي وئي آهي.
ڳورپٽ شڪار ڳولهڻ لاءِ سنگھڻ جي حس جو استعمال ڪري ٿي. گھڻيون تڻيون شيون زمين مان کوٽي ڪڍي ٿي. شل نه ڪٿي ڪنهن، سهي، سيهڙ يا ارڙ بلا يا نانگ يا ڪوئي جو ٻِر ڏسي، کيس منٽن ۾ کوٽي ڪڍندي! هن جا چنبا يا هٿ نهايت مضبوط ٺهيل آهن، جنهن جي پنجن ئي آڱرين جا ننهن ڄڻ ته ڪم ئي انهي لاءِ ٺهيل هجن. وڻن تي چڙهڻ مهل ماکين جي ٻچن سان گڏو گڏ پکين جي آکيرن مان بيدا ڪڍيو کايو ڇڏي. ڇا ان ۾ ماڻهن کي اها نشاني نظر نٿي اچي ته فطرت کيس قدرتي توازن لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي؟
چيو وڃي ٿو ته ڳورپٽ پاڻي گھٽ پيئندي آهي. ڇو ته هن جي کاڌي ۾ پاڻي اڳيئي موجود هوندو آهي. ڳورپٽ ڦَل به کائيندي آهي. جھنگلي ميون ۾ ڇانهان، گدرا، ريڀڙيون، ٽوهه، ٻير وغيره کايو وڃي. ڳورپٽ گھڻو ڪري اڪيلي شڪار ڪندي آهي. سياري ۾ ڏينهن جو، ۽ اونهاري ۾ رات جو شڪار ڪرڻ پسند ڪندي آهي.
ڳورپٽ اڪيلي رهڻ پسند ڪندي آهي. سال ۾ هڪ ڀيرو نر ۽ مادي پاڻ ۾ ملي هڪٻئي کان جدا ٿي ويندا آهن. شڪار دؤران جتي به آرام جي ضرورت پوندي اٿس اتي ڏر کوٽي سمهي پوندي آهي. جي ڪنهن نور، سهي، سيهڙ ۽ گدڙ جي ڏر ملي ويس ته ان کي به استعمال ڪندي دير نه ڪندي. لڳ جي موسم ۾ نر ۽ مادي هڪٻئي جي ڳولا ۾ پنج پنج سؤ هم چورس ڪلوميٽر جو به سفر ڪن. انڪري اڪثر ڪٿي نه ڪٿي ماڻهن جي آبادين ۾ اچيو ڦاسيو به پون.
سنڌ ۾ ڳورپٽ ڪوهستان (دادو، ڄامشورو ۽ ٺٽو)، بدين، ٿر ۽ اڇڙي ٿر ۾ رهي. پنجاب جي علائقي چولستان، بلوچستان جي علائقن سبي، لسٻيلو، مڪران، قلات، پشين، لورالائي ۽ چاغي ۾، جڏهن ته هندستان ۾ گجرات، راجستان ۽ اتر پرديش ۾ لڌي وڃي ٿي. لڳ جي موسم دؤران اها هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سفر ڪري. اڪثر مينهن جي موسم ۾ (وونئڻن جي چونڊاڙن ۾ وچولي سنڌ ۾ ڳورپٽ جو ڏهڪاءُ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو) اها زرعي علائقن جو رخ ڪري ٿي، جو برساتن سبب نانگ بلائون، ڏيڏر، ڪوئا، ٻلا، ۽ ٻيون شيون ٻوڏن يا مينهن جي پاڻيءَ ڪري ٻاهر نڪرن، ۽ شڪار جام لڳي. جنهنڪري اڪثر ان موسم ۾ ڪٿي نه ڪٿي اها مارجيو وڃي.
سنگھڻ جي تيز حس هجڻ ڪري ٻين ڪيترن جانورن جئان ڳورپٽ به پنهنجي جوءِ ۾ هڪ مخصوص جاءِ تي ريلو ڪري. سماجي طور اڪيلي رهڻ ڪري پنهنجي نسل جي ٻئي ڀاتيءَ جي خبر چار لهڻ لاءِ پيشاب ذريعي هڪ خاص قسم جي خوشبوءِ ڇڏي ٿي ته جيئن هر روز اتي اچي اها خبر لهي ته ڪو نر يا مادي ته اتي موجود نه آهي.
تحقيق مطابق ڳورپٽ وڌ ۾ وڌ ٻه ٻچا ڪري ٿي، جن مان گھڻو ڪري هڪ ئي بچي سگھندو آهي. ٻچا ڏر ۾ ڪري ٿي. ڪتن جي ٻچن جيئن اهي پهريان انڌا هوندا آهن. ڳورپٽ هر ٻئي يا چوٿين يا پنجين ڏينهن ٻچن کي هڪ ڏر مان ٻيءَ ۾ منتقل ڪندي رهي ٿي. نيٺ ٻن مهينن کانپوءِ ڏر مان نڪري ٻچا ماءُ سان گڏ شڪار تي هلڻ جهڙا ٿيندا آهن. ٽن مهينن ۾ آزاديءَ سان شڪار ڪرڻ جهڙا ٿي ويندا آهن، پر خطرناڪ نانگ جھلڻ، وڻن تي چڙهڻ، وڏا جانور پڪڙڻ لاءِ ماءُ کان گھڻا داءُ پيچ سکڻا پوندا اٿن. اهي اٺن مهينن ۾ مڪمل طور ڳورپٽ ٿي ويندا آهن. نر ڳورپٽ ماديءَ جي نسبت ۾ وڏو، وزني ۽ سگھو ٿئي ٿو.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڳورپٽ شڪار لاءِ سنبرندي آهي ته گوشاڪ نالي هڪ وڏو باز ساڻس گڏ هلندو آهي. ڇو ته ڳورپٽ جيڪي ڏر کوٽيندي آهي انهن مان ٽين پتي ڪوئا ۽ ڪرڙيون ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، جن تي اهو باز حملو ڪندو آهي. ٻيا جيڪي پکي ڳورپٽ مٿان اڏامندي ڏٺا ويا آهن انهن مان ٽڪلو ۽ متاح (ماکيءَ جو رس چوسين ٿا) ۽ ڪنن وارو چٻرو (رات جي وقت پٺيان لڳيس ٿو). بگھڙ، ڪاري پٺ وارا گدڙ ۽ وڏا جھنگراڙ ٻلا به ڳورپٽ پٺيان هلندي ڏٺا ويا آهن. آفريڪن محققن جو چوڻ آهي ته ٻچن واري مند ۾ گدڙ ۽ ڳورپٽ هڪٻئي جا ازلي دشمن ٿيو پون، ڇو ته ٻئي هڪٻئي جي ٻچن کي ماري کائين ٿا.
ماڻهن ۾ ڳورپٽ متعلق هڪ ڏندڪٿا اها به موجود آهي ته اها ڪنهن به جانور يا ماڻهوءَ تي حملو ڪرڻ وقت جھٽ هڻي هن جا خصيا پٽي وٺندي آهي، ته جيئن اهو هيڻو ٿي پوي. اهو درست آهي ته ڳورپٽ پنهنجي دشمن (حمله آور) تي حملو ڪرڻ وقت جھٽ هڻندي آهي، پر ان جھٽ جو مطلب دشمن کي ڀڄائڻ هوندو آهي، نه ڪي کيس نسلي طاقت کان محروم ڪرڻ. ٻي ڳالهه اها مشهور ڪئي وئي آهي ته واٽ ويندي جي ماڻهو سامهون اچي ويس ته اها اٿي هن جي وات ۽ نڪ تي هٿ ڏيئي کيس ٻوساٽي ماري وجھندي آهي. اهي ڏند ڪٿائون ايئن ئي آهن جيئن چئبو آهي ته چراخ تي ڏائڻ سفر ڪندي آهي، ڇو ته چراخ جيڪو شڪار ڪندو آهي، ان جو گوشت چراخ ۽ هنيانءُ ڏائڻ کائيندي آهي.
ماڻهن ۾ اهو به مشهور آهي مادي ڳورپٽ يعني مَمَ ستل مردن جا گوڏا چٽيندي آهي، جنهن بعد اهي مرد هن جا غلام ٿي پوندا آهن، ۽ ڳورپٽ (مَمَ) هنن سان ”اُها ڪار“ ڪندي آهي جو هو هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي پوندا آهن، ۽ جلد ئي مري ويندا آهن.

اهي سڀ ڳالهيون ماڻهن ۾ ڳورپٽ خلاف خوف جي علامت بڻيل آهن. پر حقيقت ۾ اهي سڀ قصن ۽ ڪهاڻين واري دؤر جون وندرائيندڙ آکاڻيون آهن، جيڪي لوڪ ادب ذريعي اڃا به اسان جي وهمن ۽ وسوسن جو حصو آهن.

No comments:

Post a Comment