Saturday, March 26, 2011

مائي اوڍياڻي شڪارڻ - نواز ڪنڀر


مائي اوڍياڻي شڪارڻ
ڀٽائي رحه کي متاثر ڪندڙ ڪردار
نواز ڪنڀر
سينه به سينه هلندڙ روايتن مطابق؛ مائي اوڍياڻي شڪارڻ کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي متاثر ٿيو هو. اها ٻي ڳالھ آھي ته اھا مائي اڃا تائين ڪنهن تاريخدان جي تحقيق جو مرڪز بڻجي نه سگهي آهي. سانگهڙ شهر کان ڇهه ست ڪلوميٽر پري، گهاٽن کٻڙن ۾، پراڻن ڪنڊن جي وچ ۾، رنگ برنگي پڙن سان ڍڪيل هڪ قبر ٺهيل آهي. اها ئي مائي اوڍياڻي جي اڪيلي قبر يا تڪيو آهي، جنهن تي اڄ مرد ۽ عورتونم باسون باسين ٿا.


علائقي ۾ ملندڙ روايتن مطابق؛ هيءُ علائقو گهاٽو جهنگ هو، جنهن ۾ ڪنڊي ۽ ڇانگري ٻيرن جي وڻن جي وڏي ڪثرت  هئي. اتي رونجها ذات جا ڀاڳيا به وڏي تعداد ۾ آباد هئا. بنيادي طور هيءُ علائقو هندن جي اثر ۾ هو. جن ۾ هتان کان ڏيڍ ڪلوميٽر اولهه ۾ ريلومل جي زمين، باغ ۽ دڪان، ان کان ڏيڍ ڪلوميٽر کن اولهه ۾ ميٺا رام جون ٻنيون ۽ باغ، ڀرسان اتر ۾ کوڄي جو دڪان ۽ زمينون  هيون. جتي پوءِ خان صاحب جو پهلوان ڳوٺ آباد ٿيا. ميٺا رام جو ڳوٺ ڪرنل ايم اي لطيف جي نالي ۾ تبديل ٿي ويو آهي، پر مائي اوڍياڻي اڄ به ساڳئي نالي ۽ عزت و احترام سان ابدي آرامي آهي.
مائي اوڍياڻيءَ متعلق مختلف روايتون ملن ٿيون. جن مطابق مائي شڪاري قبيلي سان تعلق رکندڙ هئي. شڪاري جيئن ته مختلف جانورن کي، مختلف طريقن سان شڪار ڪري گذر سفر ڪندا هئا، تنھنڪري سندن لاءِ هيءُ علائقو ڏاڍو زرخيز هو. هڪ ڀيري اوڍياڻي گرميءَ ۾ ڪٿان خير خيرات وٺيو واپس ديري تي پئي آئي ته ننڍن گلرن کي رڙيون ڪندي ڏٺائين. کيس ڏاڍو قياس آيو. گلرن کي پاڻي پيارڻ چاهيائيان پر ڪو ٿانوءَ نه هيس. جهنگ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ بعد، ٻڪ ۾ پاڻي گلرن کي پياريائين. قدرت واري کي مائيءَ جي اها ادا ايتري ته پسند پئي، جو هوءَ رنگيءَ جي رنگ ۾ رڱجي وئي. هاڻ اوڍياڻي شڪارڻ، اڳوڻي اوڍياڻي نه رهي هئي، بلڪ دعا پٽ واري مائي اوڍياڻي بئجي چڪي هئي.
چون ٿا ته هڪ ڀيري ڀٽائي صاحب جو اتان گذر ٿيو. ڀٽائي صاحب کي جهنگ ۾ هلندي هڪ ڪنڊي جي بنڊي پير ۾ لڳي. کانئن بي اختيار نڪري ويو؛ “باهه لڳيئي!” کت کي باهه لڳي وئي. پاڻ اڳتي وڌيا. اڳيانئن هڪ ڪتيءَ ڀونڪيو. ڪن روايتن ۾ ته پاڻ ڪتي کي گهوري ڏٺائون ۽ ڪن مطابق ته پاڻ ڪتي کي چيائون؛ “هل ڙي نڌڻڪي.” مائيءَ اهو لقاءُ پئي ڏٺو ۽ ٻڌو. هن ڀٽائيءَ صاحب کي چيو؛ “ڪتي ڌڻيڪي آهي. بنڊي، کت ڪونهي جو کيس باهه لڳي.” ڀٽائي صاحب ڏٺو ته؛ “مار! ڳالهه ڳري آهي! ماڻهو پيا آهن!!”
چون ٿا ته، مائيءَ ڀٽائي صاحب کي ماني کائڻ جي دعوت ڏني، جيڪا پاڻ قبول ڪيائون. مائي هئي شڪارڻ، سو سندس آڏو، ديڳڙي ۾“گلويون” رڌي کڻي آڻي رکيون. ڀٽائي صاحب سڄو لقاءُ اکين سان پئي ڏٺو. دل جهلي نه سگهيو ۽ مائيءَ کي چيائين؛ “هينئر بک ڪانهي، ماني ٻڌي ڏيو، اڳتي وڃي کائيندس.” مائيءَ، ماني ڪپڙي ۾ ٻڌي ڏنس. ڀٽائي صاحب جن اٿي روانا ٿيا. ٿورو اڳتي وڃي اها ماني ڪنهن سڪل وڻ جي پاڙ ۾ هاري، ڪپڙو ڇنڊي اڳتي وڌي ويا. گهر پهچي پاڻ اهو ڪپڙو، ڪن روايتن مطابق، هڪ نوڪر کي ۽ وڌيڪ روايتن مطابق ڪنهن نوڪرياڻيءَ يا ٻانهيءَ کي ڌوئڻ لاءِ ڏنائون. ڪپڙو ڌوپجڻ جو ته ڌوپجي ويو پر ڀاڄيءَ جي سڻڀ وارو داغ نه لٿو. نوڪر/ ٻانهيءَ داغ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي کڻي چوسيو. جڏهن نوڪر ڪپڙو ڌوئي واپس پئي آيو ته زمين تي پير نٿي لڳس ۽ زمين کان مٿان مٿان هلندو پئي آيو.
ڪن روايتن ۾ نوڪرياڻي ڪپڙو ڌوئي پاڻيءَ جا دلا مٿي تي ۽ ڪڇ ۾ کنيو پئي آئي ته اهي مٿي کان مٿي ۽ ڪن روايتن ۾ ٻانهي پاڻ زمين کان مٿي رڙهندي پئي آئي. ڀٽائي صاحب اها ماجرا ڏٺي ۽ سبب پڇيو. جواب ملين؛ “ٻيو ته ڪو اهڙو عمل ڪو نه ڪيو اٿئون. ها باقي ڪپڙو چوسي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي هئيسون.” ڀٽائي صاحب ڳالهه جي تهه تائين  پهچي ويا. واپس ساڳئي رستي تان ٿيندا، مائي اوڍياڻيءَ جا وڃي مهمان ٿيا. رستي ۾ ان سڪل وڻ کي ڏٺائون، جنهن تي ماني هاري هئائون ته اهو سائو ستابو ٿيو بيٺو هو. اڃا به وڌيڪ پڪ ٿي. مائيءَ کي ماني لاءِ چيائون. مائي وراڻيو؛ هاڻ دير ٿي وئي آهي.
اها ڳالهه ثابت آهي ته هڪ رنگي جي رنگ ۾ رڱيل شڪارڻ عورت ڏانهن، ٻين ڪيترن ئي الله لوڪن سان گڏ، ڀٽائي صاحب به پنڌ پئي ڪيا ۽ هزارن کي متاثر ڪندڙ به، هن غريب مسڪين مائيءَ کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو هو. هڪ ڳالهه جيڪا تاريخ جي طالب علمن کان طلب ٿي ڪجي، سا اها آهي ته ڀٽائي صاحب گهڻو ڪري جتي به ويا آهن، يا جنهن ڳالهه ماڻهوءَ يا واقعي کان متاثر ٿيا آهن، ان جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ضرور ڪيو اٿن. هن مائيءَ جي حوالي سان پيسو ڳوٺ ۾ رهندڙ سئو سالن کان مٿي عمر جو حر تحريڪ جو غازي چاچو بلاول خاصخيلي، گلشير وساڻ ۾ رهندڙ استاد رمضان وساڻ ۽ اسان جو ڪاليج جو موجوده ورڪر ساٿي احمد وساڻ، توڙي ڪاليج جو اڳوڻو بزرگ دوست ۽ علائقي جو نالي وارو خطيب سائين سيد محمد شاهه توڙي ٻيا ڪيترا ئي ڄاڻو خاموش آهن. جيڪڏهن ڪنهن لطيف جي پارکوءَ کي هن سلسلي ۾ ڪو شعر ذهن ۾ هجي ۽ اهو ظاهر ڪري ته ڳالهه اڃا به وڌيڪ سولي ٿي پوندي.
پهرين حر تحريڪ دوران، مکيءَ ۾ 12 ماڻهن جي ڪابينا ٺاهي, پنهنجو حڪم هلائيندڙ بچو بادشاهه خاصخيلي ھيو. سندس وزير پيرو وساڻ، پنھنجي مرشد جي حڪم تي، انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي جنھن ھنڌ تي سر ڏنو، ان کي جهوڙي واري لئي ٿا سڏين. جنھن کان اتر-اولهه فرلانگ کن تي، موجوده جهوڙي واسين مان ڪجهه ماڻهو، لئي جي يادگار واري هنڌ کي اهو هنڌ مڃڻ کان، دليلن سان انڪاري آهن.
اتر ۾ سڏ پنڌ تي راڄ شينهن وارو قبرستان آھي.
اوڀر ۾ ٻن ٽن ايڪڙن تي سوهري جي ڪنڊن وارو، ڪنهن بزرگ جو تڪيو آهي. جيڪو هاڻ آباد زمين جي وچ ۾ هڪ ٻن کٻڙن ۽ ڪريل ڪنڊن سان ويران پيل آهي. هي رونجهن جي حوالي سان مشهور آهي، هتي رونجها وڏي تعداد ۾ آباد هئا، جن وٽ مشهور حر ڪردار ميرو فقير نظاماڻي به اچي رهندو هو. اها زمين به اڳ ۾ هندن جي هئي، پوءِ سانگهڙ ۾ آباد ڪجهه ماڻهن کي ڪليم ۾ ملي ۽ پوءِ انهن کان وساڻن خريد ڪئي.
اولهه ۾ آلي جا ڪنڊا آھن. اتي چانڊين ڏاتار جي نالي جا ڪي ڪنڊا ڪيا هئا، پوءِ اهو سڄو علائقو ۽ اتي رهندڙ آلي جي ڪنڊي وارا سڏجڻ لڳا.
مٿي ٻڌايل ٽنھي ماڳن جي وچ ۾ ابدي آرامي ٿيل مائي اوڍياڻي شڪارڻ، اڄ به ڪنهن تاريخدان ۽ لطيف جي پارکوءَ جي نظر جي متلاشي آهي. جيڪو هن امر عورتاڻي ڪردار کي تاريخ جي ڪتابن ۾ جائز حيثيت ڏياري سگهي.
ساڳئي نموني، ھتي جي زمين ڪنهن اهڙي جاکوڙي جي به منتظر آهي، جيڪو هتي اچي سندس ٿاڪن، مٿن ٿيندڙ حملن ۽ حملن پٺيان لڪل هٿن، پيسومل جي ڀاءُ توڙي مکي ميٺارام جي قتل تان به پردو کڻي سگهي. ان سان گڏوگڏ مائيءَ جي ستن تڪين جي باري ۾ به ٻڌائي سگهي.
ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته؛ “مائيءَ جا ستن تڪين مان ڪي نئون آباد، هالا ۽ ڄام ڏاتار آھن.”
ڪن لاڏائو، ڇڄ وڪڻندڙ قبيلن جي فردن مطابق؛ “ٽنڊي باگي واري پاسي به آهن.”
ڪن ماڻهن مطابق؛ “هتي مائيءَ جو تڪيو آهي. خبر ناهي هوءَ پاڻ ڀٽ شاهه تي رکيل آهي.”
جيتوڻيڪ يارنهين چڪ ڀرسان رهندڙ سندراڻين، مٿس قبو اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڏائي نه سگهيا.
ڪجهه به هجي هن اڪيلي آرامي ٿيل عورت تي، جيڪا ٻئي ڪنهن کي، نه ته هتي پورجڻ ٿي ڏئي ۽ نه ڪنهن کي ڪو مزار اڏڻ ٿي ڏئي ۽ نه ئي ڪنهن کي مزار ڀرسان ڪا ڪاٺي کڻڻ ٿي ڏئي، وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

No comments:

Post a Comment