Saturday, March 26, 2011

ٻوڏ، پکي پکڻ ۽ جانور - نواز ڪنڀر


ٻوڏ، پکي پکڻ ۽ جانور
نواز ڪنڀر
سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جتي لکين ماڻهو دربدر ٿيا آهن، اتي پکي پکڻ ۽ جانور به سخت متاثر ٿيا آهن. سيلاب متاثر پکين ۽ جانورن لاءِ به ڪجهه سوچيو وڃي ها، جن لاءِ ڪنهن به مرحلي تي ڪنهن به نه سوچيو. جيڪڏهن انهن جي ڪا اهميت ناهي، اهي فضول آهن، اهميت صرف ۽ صرف انسان کي ئي آهي ته پوءِ انهن پکين ۽ جانورن لاءِ ”شڪار کاتي“ جهڙو کاتو ڇو جوڙيو ويو آهي؟! ڇا اهو کاتو رڳو ناجائز شڪار کي، لائسنس اشو ڪري، جائز قرار ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي؟! ڇو نٿا هن کاتي جا منسٽر ۽ اهلڪار ڳالهائين؟ سڄي سنڌ نه صرف سيلاب پر ڪيترن ئي ڏينهن تائين مسلسل برسات هيٺ رهي آهي. ماڻهن ته وڃي محفوظ هنڌن تي پناهه ورتي، پر پکي ۽ جانور ڪيڏانهن وڃن؟ جيڪڏهن ڦاٿل ماڻهن لاءِ جهازن ۽ ٻيڙين ذريعي کاڌ خوراڪ هٿو هٿ نه سهي، مٿان اڇلائي ڏيئي سگهجي ٿي، ته پکين ۽ جانورن لاءِ به اهڙو انتظام ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ملڪ غريب آهي، هن ملڪ ۾ سخي، همدرد ۽ نرم دل ناهن، جيڪي پکي پکڻ جي کاڌي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهن ته حڪومت يا اهي ادارا، جيڪي ماحول، پکي پکڻ ۽ جيت جانورن جي تحفظ جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي ئي کڻي انهن ملڪن کي مدد جي اپيل ڪن، جن مان کين اڳي ئي مدد ملي رهي آهي. جي اهي عام ڏينهن ۾ پنهنجن ادارن کي هلائڻ لاءِ پکي پکڻ ۽ ماحول جي نالي ۾ پئسا وٺي سگهن ٿا ته اهڙي مصيبت، بلڪه قيامت ۾ مدد لاءِ ڇو نٿا چون؟! ڇا اسان ماحول، پکي پکڻ ۽ جيت جڻي جي تحفظ جي ڳالهه به رڳو ڏيکاءُ، بلڪ انهن بي زبانن جو نالو وٺي، پنهنجين پگهارن، پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ ڪريون ٿا؟! ڇا اها ماحول جي تحفظ واري ڳالهه به رڳو ناٽڪ آهي؟ اهي بي زبان ته ڪا گهر به نٿا ڪري سگهن، اهي ته ڪنهن جا ووٽر به ناهن، انهن تي ته هونئن ئي سڀني جون بندوقون اڀيون هونديون آهن، سڀني جون ڪوڙڪيون اڏيل ۽ ڄار وڇايل هوندا آهن، افسوس جو انهن بي زبانن تي ميڊيا جي ڪنهن ماڻهوءَ جي به اک نه ٿي ٻڏي. وڏا وڏا نالي وارا ماحول-دوست-صحافي به انهيءَ ڏکيءَ ويل انهن بي زبانن کي وساري ويهي رهيا، جن جو هو کٽيو کائيندا رهيا آهن!


افسوس اهو به آهي ته انهن لاءِ عملي طور ڪنهن ڪجهه نه ڪيو، پر وڌيڪ افسوس ان جو آهي ته انهن جو ڪنهن کي خيال به نه آيو! ايتري بي حسي؟! ايتري سنگدلي! گذريل برساتن ۽ ٻوڏن جا تجربا ٻڌائين ٿا ته انهن برساتن ۽ ٻوڏن دوران بي شمار پکي، جانور بک وگهي به مئا ته لڙهي به ويا، پر هن ڀيري ته برسات ۽ ٻوڏ گڏوگڏ آيون آهن، انسانن سان گڏ پکي پکڻ لاءِ به ٻٽي مصيبت جي گهڙي آهي، اوليت ڀلي انسانن کي ئي ڏيو، سڀ ذريعا ۽ وسيلا ڀلي انسانن کي بچائڻ لاءِ ئي استعمال ڪريو، پر ڪجهه ته انهن لاءِ به ڇڏيو. ڇا اهي پکي، اهي جانور رڳو اسان جي مزي ماڻڻ خاطر ئي آهن! انهن جي تحفظ جي اسان تي ڪا به ذميواري عائد نٿي ٿئي؟! ڇا مهذب ملڪ ۽ ماڻهو پکين ۽ جانورن سان اهڙو ورتاءُ ڪندا آهن، جهڙو اسان پيا ڪريون؟ خدارا ڪجهه ته سوچيو، ڪجهه ته ڪريو! انهيءَ برسات ۽ ٻوڏ ۾ ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي ٿيڻ، ڪنهن وني کان وَر وڇڙڻ  تي به افسوس آهي، پر ڪنهن بي زبان ماءُ جو آکيرو به ته هن برسات ۽ طوفان  ڪيرايو هوندو، ان آکيري ۾ به ته ڪنهن ماءُ جا ٻچا هوندا! انهيءَ ٻوڏ ڪنهن جانور کان به ته ان جو ساٿي ڌار ڪيو هوندو! پوءِ انهن لاءِ ڇو نه ٿو سوچجي!!؟
هيءَ موسم مورن/ ڊيلن جي آنن ۽ ٻچن جي به آهي ته ڇڊن پاڊن تترن جي به. برسات ۾ انهن جا آنا به خراب ٿيندا ته ننڍا ٻچا به بک ۽ برسات ۾ حياتيون وڃائيندا. ساڳئي وقت، ٻوڏ ۽ برسات ٻين ڪيترن ئي جانورن سان گڏ سهن لاءِ به موت جو پيغام آندو آهي. ڀٽ جا پکي ۽ جانور ته اڃا به بچي ويندا، پر ڪچي ۽ پڪي جي جانورن لاءِ جان بچائڻ مشڪل آهي. انهيءَ موقعي تي انهن شڪارين تي به بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ کانئن پکين ۽ جانورن لاءِ پناهه گهرندي، کين التجائون ئي ڪري سگهجن ٿيون ته هو پکين ۽ جانورن جي بي وس ٿيڻ بعد انهن جي پٺيان، بندوقون کڻي ۽ ڪتا بڇڻ کان پاسو ڪن ته بهتر آهي. هو  جي خدا جي ڏمر کي اڃا به نه ٿا سڃاڻين ۽ ان جو سبب اڃا به نه ٿا سمجهن ته پوءِ ڪڏهن سمجهندا!
ڇا اهو ممڪن آهي ته انسانن وانگر هن برسات ۽ ٻوڏ سبب حياتيون وڃائيندڙ پکين ۽ جانورن جا انگ اکر به گڏ ڪيا وڃن! ۽ ٻڌايو وڃي ته هن سيلاب ۽ برساتن گهڻن پکين ۽ جانورن کي بي گهر ڪيو ۽ گهڻن کان ساهه کسيو ۽ ڪيترا پکي ۽ جانور شڪارين جي شوق جي نظر ٿيا؟ صحافي دوستن کي به گذارش آهي ته هو پنهنجي آس پاس برسات ۽ سيلاب سبب ٿيندڙ نقصان جا انگ اکر ڏيڻ مهل پکين ۽ جانورن کي پهتل نقصانن جا به انگ اکر ڏين، جهڙي نموني مختلف ذاتين ۽ ماڻهن جا الڳ الڳ ڳوٺ ٿين ٿا، اهڙي نموني مختلف پکين ۽ جانورن جون به مختلف علائقن ۾ جُو هجي ٿي، جتان پکين ۽ جانورن جي نقصان جو اندازو نسبتن آساني سان لڳائي سگهجي ٿو.
آخر ۾ هڪڙي التجا انهن سياحت جي شوقينن کي به جيڪي فطرت جي حسن جون حسناڪيون پسڻ لاءِ برسات ۾ مختلف ماڳ مڪانن جو رخ ڪندا آهن، اهي اوڏانهن وڃڻ مهل جيڪڏهن پاڻ سان گڏ ڪجهه داڻا يا داليون وغيره پکين ۽ جانورن کي ڏيڻ لاءِ به کڻي وڃن ته ان سان ڪيترن ئي بي زبانن کي بک کان بچائي سگهجي ٿو، اهي پکي ۽ جانور اهڙن ماڳ مڪانن جي سونهن ۾ اضافي جو باعث بڻجن ٿا ۽ اتي ويندڙن جي دل وندرائين ٿا. اهي پکي هوندا ته انهن جا ٻچا اسان جي ٻچن جي دل وندرائيندا، ان ڪري اچو ته پنهنجي لاءِ، پنهنجي ٻچن لاءِ فطرت جي حسن ۽ سونهن کي سلامت رکڻ لاءِ ئي سهي، انهن بي زبان کي بچائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي وس آهر ڪجهه نه ڪجهه ڪريون.

No comments:

Post a Comment