Saturday, March 26, 2011

”چڙيا گهرن“ کي فطري پارڪن ۾ بدلايو - نواز ڪنڀر


”چڙيا گهرن“ کي فطري پارڪن ۾ بدلايو
نواز ڪنڀر
شايد خوبصورتي هوندي ئي قيد ٿيڻ لاءِ آهي، پوءِ اها اکين ۾ قيد ڪجي، دل ۾ ڪجي، بنگلي ۾ ڪجي، ڪئميرا ۾ ڪجي يا گهر کان وٺي چڙيا گهر جي پڃري ۾ قيد ڪجي، ڪنهن به نالي تي ڪجي پر اها هوندي قيد ئي آهي. جي ڪو تحفظ جي نالي تي ڪنهن کي، ڪنهن به طريقي سان پنهنجي مالڪيءَ ۾ آڻي ته به مقصد ساڳيو قيد ڪرڻ ۽ ٻين جي دسترس کان پري رکڻ ئي هوندو آهي. جي خوبصورتي ڪمزور به هجي ته پوءِ ته اها گهڻن جي “ڪمزوري” ٿي پوندي آهي. اها آهستي آهستي دنيا جي نظرن ۾ مٿانهين مقام تي پهچڻ باوجود، انهيءَ “مقام” جي قيمت ادا ڪندي ڪندي، آخر دم ڏئي ڇڏيندي آهي. خوبصورتي ڪري قيد ٿيلن جي لسٽ ۾ انسانن کان وٺي حيوانن تائين ڪيترائي جيوَ شامل آهن. جيئن انسان نجي جيلن جي نالي تي، ڪٿي خوبصورتي ۽ ڪٿي ڪمزوري جي ڪري قيد آهن، ائين حيوان به چڙيا گهرن جي نالي تي قيد ٿي، گهٽجي گهٽجي دم ڏئي رهيا آهن. جيئن سرڪس ۾  مشڪرا ۽ ناچو ٻين جون دليون وندرائي پردي پٺيان وڃي روئندا آهن،  ائين چڙيا گهرن جا جانور ۽ پکي به پاڻ تي ٽڪٽ لڳرائي، ماڻهن جي دل وندرائي، پنهنجي آزادي وڃائي، دل جا سور دل ۾ کڻي، آهستي آهستي، روزانو ٿورو ٿورو مرندي، هڪ ڏينهن صفا مري ويندا آهن. سندن موت جو سبب بڻجندڙن کان رڳو پڇا ڳاڇا  ئي ٿيندي آهي! سا به ڪڏهن ڪڏهن! يا ڪجهه عرصي لاءِ سندن پگهار بند ڪري وري يڪمشت ڏني ويندي آهي، نه ته پوءِ کين اتان هٽائي، ٻئي پاسي ساڳيو ظلم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي ۽ بس!! نه دل ٽٽڻ ۽ آزادي کسڻ جي ڪا سزا ڏني ويندي آهي، نه ڳرو ڏنڊ وڌو ويندو آهي، هڪ خون ڪرڻ جي سزا صرف اڌ پنو هٿ ۾ ڏئي، ڏني ويندي آهي.


چڙيا گهرن ۾ جنهن نموني، جانور ۽ پکي مسلسل مري رهيا آهن. (جن جون خبرون روزانو اخبارن ۾ اينديون رهنديون آهن) ڪٿي بک جي ڪري، ڪٿي بيماري سبب، ڪٿي موسم جي حوالي سان مناسب ۽ گهربل آبهوا نه ملڻ ڪري، ڪٿي رهڻ جو مناسب ماحول  ميسر نه هجڻ  ڪري. ڇا  انهن جي جوابدارن جي سزا رڳو بدلي ۽ انڪوائري ئي آهي؟ بي زبان جانورن جي کاڌي ۽ علاج لاءِ مقرر ٿيل بجيٽ مان به نه مڙندڙن، انهن چالاڪ، وحشي صفت انسانن کي ڇو نٿي مثالي سزا ملي؟  ڇو نٿو انهن کي سبق سيکاريو وڃي؟ ڇو انهن کي ڇڙواڳي مليل آهي؟ ان ڪري جو کين خبر آهي ته هتي جڏهن انسانن تي ٿيندڙ ظلم تي ڪو نٿو پڇي ته حيوانن جي پڇا ڪير ڪندو.

عجائب گهر ۽ چڙيا گهر بڻايل هن ديس ۾، چڙيا گهرن جي ضرورت آهي؟ جي آهي ته ڪنهن کي آهي؟ ۽ اهي آبادي جو ڪيترو سيڪڙو آهن؟ اهو ڪٿي جو انصاف آهي ته صفا ٿوري آبادي لاءِ، هيترن سارن بي زبان جانورن، پکين ۽ آبي جيوت کي بغير مناسب سهولتن جي قيد ڪيو وڃي ۽ اوستائين قيد ڪيو وڃي، جيستائين هو ساهه جي تند ٽوڙي آزاد نه ٿي وڃن. انساني آبادي جي انهيءَ صفا گهٽ  پر طاقتور طبقي  کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته  اهي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي مزي ۽ تفريح خاطر انهن بي زبانن کي بک، بغير علاج ۽ ٻي فطري سهولتن بغير قيد ڪري، کين تڙپائي تڙپائي ۽ سِڪائي سِڪائي مارين. ان لاءِ ضروري آهي ته سالن کان قيد انهن پکين ۽ جانورن کي هڪدم پنهنجي اصل ماڳن تي باحفاظت نموني پهچائي  آزاد ڪيو وڃي. جي انتهائي لازمي ئي آهي ته چڙيا گهر هجن ته پوءِ هر سال انهن جي جاءِ تي ٻيا جانور ۽ پکي رکيا وڃن. ڪنهن به بي زبان کي سال کان وڌيڪ قيد ڪرڻ کي قابل سزا ڏوهه ليکيو وڃي ۽ ان ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن کي سر عام سخت سزا  ڏني وڃي. پر ان کان به وڌيڪ بهتر اهو آهي ته جيئن هي ملڪ رڳو ڪجهه ماڻهن ۽ مخصوص طبقي جي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ رهجي  ويو آهي، ان ڪري شهرن کان ڪجهه پرڀرو، جتي جتي جنهن به جانور، پکي يا آبي جانور جو مسڪن ۽ جوءِ هجي، ان جاءِ تي گهربل اپاءَ وٺي، انهن جانورن ۽ پکين کي اتي فطري ماحول ۾ رکيو وڃي،  جنهن سان هڪ ته انهيءَ جهنگلي جيوت کي به تحفط ملي پوندو، انهن جي قدرتي ماحول ۾ پرورش به ٿيندي، نسل به وڌندو، ڏوهه جهڙو ڪم به نه ٿيندو ۽ نام نهاد وڏن ماڻهن جي ٻارن جي وندر جو سامان به ٿي پوندو. شهر کان ٻاهر اهڙن کليل چڙيا گهرن يا جانور گهرن تي اهي وڏن ماڻهن جا ٻار آساني سان گاڏين تي پهچي سگهن ٿا. انهيءَ طريقي سان نه صرف وڏن ماڻهن جي ٻارن کي جهنگلي جيوت کي، قدرتي ماحول ۾ رهندي ڏسڻ جو موقعو ملندو، بلڪ انهن کي وڌيڪ خبر پوندي ۽ ڄاڻ ملندي ۽ هن ملڪ ۾ جانورن ۽ بي زبانن تي ظلم به گهٽبو ۽ گناهه به گهٽ ٿيندو.

چڙيا گهرن کان به وڌيڪ خراب صورتحال سرڪس وارن وٽ قيد جانورن ۽ پکين جي آهي. شينهن ۽ هاٿي کان وٺي ننڍن وڏن نانگن ۽ پکين، سڀني سان ڏنڊي ۽ چهبڪ واري زبان ڳالهائي وڃي ٿي. انهن جانورن سان ڳالهائي ويندڙ ڏنڊي جي زبان  ته خير هر ڪو سرڪس ۾ ڏسي سگهي ٿو پر انهن جي پيٽ جي بک ڏانهن شايد ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي. پاسراٽين سان لڳل شينهن جو پيٽ سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. پر جي ڪو سمجهڻ وارو هجي ته. ان کان علاوهه سرڪس وارن جي تمام ننڍن ننڍن کوکن ۾ بند جانورن ۽ پکين جو درد به شايد ڪوئي نٿو سمجهي. انهن کوکن ۾ نه ته انهن جي گهمڻ، نه ئي سولائي سان پر سڌا ڪرڻ جيتري جاءِ هوندي آهي. ساڳيو سلوڪ جانورن سان به ٿيل هوندو آهي. اهي به مشڪل سان انهن کوکن ۾ رڳو ويهي سگهندا آهن. بک کان بي حال،  انهن کوکن ۾ بند پکين ۽ جانورن جا ڏاڍا هيڻا حال هوندا آهن.

 قيد ته ڪهيري فقيرن ۽ ٻين وٽ رڇ ۽ ڀولڙا به هوندا آهن پر انهن جي قيد جي نوعيت ۽ حالت نسبتا مختلف ۽ ڪجهه بهتر ان ڪري هوندي آهي، جو هو فقيرن سان در در، گهر گهر ۽ گهٽي هلي ڦري گهٽ ۾ گهٽ چيلهه ته سڌي ڪري وٺندا آهن. ٻار انهن جو تماشو به ڏسندا آهن ته رؤنشي خاطر انهن کي کائڻ لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندا آهن. فقيرن جو پاڻ به جيئن ته سڄو گذر انهن وٽ موجود انهن هڪ ٻن جانورن تي هوندو آهي، ان ڪري اهي به پنهنجي روزي روٽي جي لالچ ۾ جانورن جو خيال سرڪس ۽ چڙيا گهر وارن کان وڌيڪ ڪندا آهن. اهي جانور جيئن ته انهن فقيرن جا پاليل هوندا آهن، ان ڪري انهن جو هو خيال به وڌيڪ ڪندا آهن.

خدارا! ڪجهه ماڻهن جي تفريح خاطر بي زبانن کي قيد ڪري، ٿيندڙ ظلم جو سلسلو بند ڪريو ته بهتر آهي. پنهنجي ٻارن جي تفريح خاطر جانورن ۽ پکين جي ٻچن تي ايڏو ظلم ڪنهن به ريت چڱو ناهي.

No comments:

Post a Comment