Saturday, March 26, 2011

برسات جا ساھوارا اهڃاڻ - نواز ڪنڀر


برسات جا ساھوارا اهڃاڻ 
برسات جي حوالي سان پکين، جانورن، جيتن ۽ نانگ بلائن جا اهڃاڻ
نواز ڪنڀر
نيچرل ڪميونيڪيشن جي حوالي سان تاڙي واري مضمون کان پوءِ جن مهربانن ۽ دوستن فونن، خطن، نياپن، روبرو يا اي ميل ذريعي جنهن دلچسپي جو مظاهرو ڪيو، مشورا ۽ معلومات ڏني، انهن سڀني جا ٿورا ۽ احسان. پڙهندڙن جي نيچرل ڪميونيڪيشن جي انهيءَ مضمون ۾ دلچسپيءَ کي ڏسندي برسات جي حوالي سان ڪجهه ٻيا قدرتي اهڃاڻ عرض رکجن ٿا. قدرتي ڪميونيڪيشن جي حوالي سان هڪ عرض ڪندو هلان ته پنهنجي جڳهه تي هي سبجيڪٽ سالن ۽ صدين کان موجود آهي پر ان کي اڄ ڏينهن تائين شايد ڪٿي به ۽ پڪ سان سنڌ ۾ ڪنهن به يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ مضمون طور ڪڏهن به زيرِ بحث نه آندو ويو آهي. نيچرل ڪميونيڪيشن Natural Communication ۽ روايتي ڪميونيڪيشن Traditional Communication لوڪ ڏاهپ واري سبجيڪٽ جا ٻه اهم مضمون آهن. ان تي بحث ڪنهن ٻئي ڀيري، پر اچو ته پاڻ ڏسون ته برسات جي حوالي سان قدرت پکين، جانورن، نانگ بلائن، جيتن ۽ ٻين ساهوارن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪهڙي نموني نياپا اماڻي ٿي. اڄ جو پنهنجي علم ۽ عقل جي غرور ۾ غرق ٿيل انسان جي ان ڏانهن ڌيان نٿو ڌري ته ان ۾ قدرت جو ڪهڙو قصور! پاڻ عبدالقادر جوڻيجي جي پيرن تي هٿ رکي ڳالهه کي اڳتي ٿا وڌايون.


جانورن جا اهڃاڻ:
 ڍڳي جي پٺي ۽ ڪونهٽ (ٿوهو) ميري هجي، ڍڳين ۾ آرس ۽ سستي وڌيڪ ٿئي ته برسات جا پڪا امڪان هوندا آهن. ساڳئي نموني ٻڪرين جي پٺي ميري هجي، رات جو ٻڪريون ۽ رڍون ٻه، ٽي ڀيرا ويهڻ جو هنڌ (وٿاڻ) بدلائين ته برسات جي پڪ سمجهجي. ڍڳيون منهن مٿي ڪري هوا کي سُنگهين ته برسات جي اچڻ جي علامت سمجهبو آهي.  رات جو ويٺل ڍڳيون وٿاڻ بدلائين، اتر منهن ڪري ويهڻ جو  مطلب برسات ۾ ٻه ٽي ڏينهن جي دير آهي. ڪُتا، منهن مٿي ڪري، اوناڙ ڪن ته ٻوڏ وارو يا نڀاڳ وارو سال ليکبو آهي. گدڙ رات جو اوناڙيندو آهي پر جي گدڙ ڏينهن جو اوناڙ ڪري ته نڀاڳ ۽ ڏڪر جي نشاني. ٻڪري ٽپا کائي، ڳئون ڀٽن کي ٻڪيون هڻي (پيرن سان واري مٿي  اڇلي) ته ورهيه ڀلو. اٺ منجهند جو ڀٽ تي چڙهي ويهي ته به ورهيه ڀلو. اٺ ڀٽ نه وٺي، هيٺ هلي ته ڏڪر جي پڪ سمجهجي.
نه رڳو مال جي حساب سان پر ڀاڳيا کير جي حساب سان به برسات جو اچڻ نه اچڻ معلوم ڪندا آهن. جي کير ولوڙيندي شوشٽ جو آواز ٿئي ته ورهيه ڀلو. جي کير “گهو گهو” ڪري ته ورهيه ناهي، معنى ڏڪر آهي.
ڪيڙين ماڪوڙين جا اهڃاڻ:
سانوڻي ۾ ڪيڙيون وڌيڪ هجن، پَر ڪن، منهن ۾ اڇا آنن جهڙا داڻا کڻي قطار ڪري هيٺانهين کان مٿانهين ڏانهن وڃن ته برسات سمجهبي، پر جي مٿان کان هيٺ وڃن ته آسرو گهٽ يا دير جا امڪان. ماڪوڙن تي به ساڳيون ڳالهيون فٽ اچن ٿيون. جيڪا ڪيڙي پر ڪڍندي آهي، ان جي مرڻ جا امڪان به وڌيڪ هوندا آهن. جيئن اردو ۾ چوندا آهن ته، “چيونٽي ڪي موت آتي هي تو اس ڪي پر نڪل آتي هين.”
 جيتن ۽ نانگ بلائن جو اهڃاڻ
 آر ٻولي، بلا وڻ تي چڙهي ته برسات جو اڳواٽ اطلاع سمجهڻ کپي. ڏڪر ۾ نانگ بلائون گهٽ ئي نظر ايندا آهن. ماڪوڙو ملڪ ۾ وڌيڪ هجي ته سُڪر جو سال سمجهجي. ماکي گهڻي هجي ته اڇڙي ٿر ۾ سڪار ۽ ٻئي ٿر ۾ ڏڪار جي علامت سمجهبي آهي. ککرن جي گهڻائي به سڪار جي نشاني مڃبي آهي. گاهه کي لڳندڙ  هڪ ڪاترو جيت، جيڪو لٽ وانگر ڪارو ڪٻرو هوندو آهي، وار به هوندا اٿس، اهو سڪار جي نشاني ٻڌايو وڃي ٿو. جنهن سال ڪوئا ۽ انهن جا ٻر وڌيڪ نظر اچن ته ان سال بلائون ۽ برسات وڌيڪ سمجهڻ گهرجن. پر ڪڏهن ڪڏهن وري  ڪنهن سال ۾ برسات وڌيڪ پوڻ باجود بلائون گهٽ هونديون آهن، تنهن لاءِ لوڪ ڏاهپ جا ماهر مختلف اشارا ڏسي ان جو مطلب اڳواٽ  ٻڌائي ڇڏيندا آهن. ڏيڏري سڪي تي تنواري/ڪرڪي ته برسات اچڻ جو اهڃاڻ مڃبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن برسات وسڻ بعد هڪ گلابي رنگ جو بخمل جهڙو جيت، ان کي برسات وساڙو (مينهن وساڙو) يا مينهن جو مامو  چئبو آهي، ظاهر ٿيندو آهي، ان جو ظاهر ٿيڻ، وڌيڪ ۽ فائدي واري برسات وسڻ جي نشاني هوندو آهي. جنهن سال مال ۾ چچڙ وڌيڪ هجن ته ان کي به وڌيڪ برسات پوڻ جي معنى ۾ وٺبو آهي. جي ملڪ ۾ گينگها گهڻا ته سانوڻ ڀلو، جي ٽنڊڻ گهڻا ته ڏڪار جا ڏس. سانڊو وڻ جي چوٽي تي چڙهي، سسي سائي، ڪنڌ ڦڪو ۽ جسم ڳاڙهو هجي ته ڀلي ورهيه جا پار سمجهبا آهن.
پکين جا اهڃاڻ
 ڪوئل ٻولي ته سانوڻي اچڻ جو اطلاع، تاڙو ٻولي ته برسات لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ جو مفت مشورو سمجهڻ گهرجي. پوءِ متان ڪير چوي ته خبر ئي نه پئي ۽ دير ٿي وئي. تاڙو گهڻو ٻولي، گهڻي برسات، جي ٿورو ٻولي ته ٿوري برسات. ڪُڪڙ ڦڙڪيون هڻي، اڏامڻ جي ڪري، چٻرو ٻولي ته اها به برسات جي اچڻ جو اطلاع آهي. چٻرو برسات کان ڏهه پندرهن ڏينهن اڳ ۾ ٻوليندو ۽ هڪ وڻ مان ٻئي وڻ تي اڏامي وڃي ويهندو، اهي به برسات جا اهڃاڻ آهن. ڪانوَ هڪ وڻ کان ٻئي تي ٽولا ڪري  اڏامي وڃي ويهن ته برسات جو امڪان سمجهبو. مور صبح جو سوير ۽ سج لٿي  ٻولين، صبح سج اڀرڻ مهل پر پکيڙي عام رواج کان وڌيڪ ناچ ڪري ته برسات جو وڏو آسرو هوندو آهي. جهرڪي بنا برسات جي شام جو پر پکيڙي واري ۾ وهنجڻ جي ڪري ته به برسات جي اميد آهي. ٽيٽيهر پنج آنا لاهي ته برسات وسندي گنج، چار لاهي ته چوکو چوکو (سٺو سٺو)، ٽي آنا ته ٽپي ٽپي (ڪٿي ڪٿي)، ٻه ته مينهن وسندو ٻائيڙو (ملڪ ٻوڙ). ٽيٽيهر، ڪانوَ ۽ ڪوئل وغيره جيڪي سانوڻي جي موسم ۾ آنا ٻچا ڪندا آهن، انهن جي آنن ۾ به خفتي برسات جا اهڃاڻ ڳولي وٺندا آهن. چار بيدا يا چار آنا ته برسات چئني پاسن کان، ٽي آنا ته ٽن پاسن کان ۽ ٻه ته ٻن پاسن کان سمجهبي آهي. هڪ ٻيو به ننڍو ڪارو پکي جنهن کي ٽپهو سڏبو آهي، اهو معمول کان وڌيڪ ٻولي ته اها به برسات جي نشاني هوندي آهي. ٿر ۾ هڪ ٻيو پکي به برسات جي علامت ٻڌجڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جا پار پتا  ڪارو، جهرڪي کان وڏو ۽ ڳيري کان ننڍو پکي مغرب بعد “تُڪ، تُڪ تُرررر” ڪري ٻولي ٿو. ان جي وڌيڪ ٻولڻ کي به برسات جي نشاني سمجهڻ گهرجي. خفتي هڪ ٻي ڪاري پکي جو به ڏس ڏين ٿا، جيڪو  صبح جو مال پَهرڻ وقت، خصوصاً ٻڪري جي پُڇ تي وڃي ويهي ته اهو به برسات جي موڊ جو ڏس ڏيندڙ هوندو آهي. (ڪو مهربان انهن ٻنهي پکين جا نالا ٻڌائيندو ۽ انهن جي باري ۾ وڌيڪ احوال ڏيندو ته سندس مهرباني ٿيندي.)
 هي آهن  اهي برسات جون اڳڪٿيون، جيڪي گهڻي ڀاڱي ٿر ۾ مقامي ڄاڻ Indigenous Knowledge طور، لوڪ ڏاهپ Folk Wisdom جي ماهرن وٽ موجود  آهن، جن تي عمل ڪندي هو پنهنجي روزمرهه جي زندگي جو ڪار وهنوار اڪلائين ٿا، جنهن لاءِ هو نه ڪا ٽي وي ڏسن، نه ريڊيو ڪن سان لائين، نه ئي اخبار جي محتاجي ڪڍن. هلندي ڦرندي، ڪم ڪار ڪندي، هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائي چوڌاري موجوده قدرت جي پنن تان سبق پڙهيو وٺن. جيئن ٿر جو Indigenous علم آهي، ائين برسات جي حوالي سان ڪاڇي، ميداني ۽ سامونڊي علائقن جو به علم آهي، جيڪو اتي جي لوڪ ڏاهپ جي ماهرن سان ملي معلوم ڪري سگهجي ٿو.
صدين جي تجربي ۽ مشاهدي کان پوءِ هٿ آيل اهو علم هن وقت رڳو جهونن ۽ پوڙهن جي سينن ۾ وڃي باقي بچيو آهي. هڪ ته نئين نسل وٽ ان مقامي يا ديسي ڄاڻ جي لاءِ ڪابه دلچسپي ڪونهي ۽ ٻيو ته نئين نسل ۽ جهونن جي وچ ۾ “گئپ” اچي ويو آهي. ان “گئپ” لاءِ هروڀرو ڪنهن کي به قصور وار قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. اهو گئپ وقت جي تقاضائن آندو آهي. ان ڪري جيئن جيئن جهونا جهان ڇڏي وڃي رهيا آهن، تيئن اهو علم به پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيا آهن، جيڪو ڪڏهن به موٽڻو ناهي. ان ڪري  ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ مقامي ڄاڻ جو مضمون متعارف ڪرايو وڃي. ان کي جلد کان جلد محفوظ ڪيو وڃي.  جنهن جي لاءِ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ موجود اسائنمنٽ واري سلسلي مان به فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. حڪومتي سطح تي اهو مقامي علم اوليت جي بنياد تي گڏ ڪيو وڃي. اسان جون علمي ادبي تنظيمون علم ادب جي ٻين پاسن  ڏانهن ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪجهه وقت هن علم جي بچاءُ لاءِ به ڪڍن. ڊونر ادارا، ايجينسيون ۽ مقامي سماجي تنظيمون به هن طرف توجهه ڪن ته هي اسان جي صدين جو ورثو محفوظ ڪري ۽ ان مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment