Saturday, March 26, 2011

سنڌوءَ سڪڻ کانپوءِ - نواز ڪنڀر


سنڌوءَ سڪڻ کانپوءِ 
آيل ماحولياتي بگاڙ ۽ معاشي تباهي
نواز ڪنڀر
تازو بي بي سي جي ڪيل هڪ سروي مطابق، ۱۳ اهم مسئلن جي لسٽ ۾ ۳۳ سيڪڙو پاڪستاني عوام ماحوليات کي اهم مسئلو سمجهي ٿي ۽ اڪثريت لاءِ سڀ کان اهم مسئلو دهشتگردي آهي. جڏهن ته پاڪستان ۽ هندوستان کي ڇڏي باقي دنيا جا ۷۱ سيڪڙو ماڻهو غربت ۽ ۶۴ سيڪڙو ماڻهو ماحول ۽ آلودگي کي سنجيده مسئلو قرار ڏين ٿا. پاڪستان جي ۳۳ سيڪڙو ماڻهن جو ماحول ڏانهن مثبت رويو به ان وقت پيدا ٿيو آهي، جڏهن سڄي دنيا گلوبل ڳوٺ ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ گذريل سڄو سال، ماحولياتي سال قرار ڏنو ويو هو، پر اڃا تائين ماڻهو ماحول کي اها  گهربل اهميت نه پيا ڏين، جنهن جو ماحول گهرجائو آهي. عوام جي اڪثريت کي نه ته ايڪو سسٽم سان دلچسپي آهي، نه انهن جي دل ۾ اوزون ليئر ۾ سوراخ ٿيڻ تي سور جاڳي ٿو. هو انهن سڀني ڳالهين کان بي خبر يا ته بک ۽ بيروزگاريءَ کي اهم سمجهن ٿا يا پوءِ دهشتگردي کي. اٻوجهه عوام اهو نٿو سمجهي ته بک ۽ بيروزگاريءَ جو آخر ڪارڻ ڪهڙو آهي؟


عوام جي اڪثريت رڳو وقت جي حڪومت پاران ماڻهن کي ڊيوٽيءَ کان آجيون نوڪريون ڏيڻ کي ئي ان جو حل سمجهي ٿي. انهن جي نظر ۾ خبر ناهي ڇو ٻين ڪمن ۽ ڌنڌن جي اهميت نه رهي آهي. ماڻهن جي اڪثريت کان شايد اهو به وسري ويو آهي ته ڪنهن وقت سنڌ جي معيشت جو وڏي پيماني تي انحصار چوپايو مال ڌارڻ ۽ ماهيگيري تي هو. سنڌ جون پنجاهه کان مٿي ذاتيون، سڌيءَ طرح مختلف ڪمن ۽ ڪرتن سان لاڳاپيل هيون ۽ ڏاڍي خوشحال زندگي گذارينديون هيون. ماڻهن جا اهي ڌنڌا، ڪم ۽ ڪرتون پنهنجي ڳوٺن، شهرن ۽ سڄي سنڌ توڙي درياءَ وسيلي سڄي دنيا سان به ڳنڍيل هئا. واپار رڳو ٻاهرين ملڪن جي ٻيڙيائتن هٿان ئي ڪونه ٿيندو هو، پر هتي جا وڻجارا به ڪٿان کان ڪٿي تائين وڃي پهچندا هئا. جن جي ڪرت ويٺي ۽ گُهري کائڻ جي هئي، انهن کي به ويٺي ۽ گُهرئي پئي  مليو، ته جن جو گذارو جهنگلي جيوت جي مخصوص نسلن جي شڪار تي هو، انهن کي به پنهنجو شڪار ٿورڙو ڳولڻ سان ملي ٿي ويو.
سنڌ جي مختلف طبعي ڀاڱن جا رهواسي پنهنجن ماڳن ۽ مڪانن ۾ خوش ۽ آسودا زندگي گذاري رهيا هئا. جبلن جا رهواسي جبلن ۾، ٿر جا ٿر ۾، وچولي جا وچولي ۾. سڀئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خوش ۽ مطمئن هئا. انهن سڀني لاءِ خوشيون آڻيندڙ ذريعو ساڳيو هو. ان ذريعي مان سڀني کي پنهنجي طريقي سان حصو پتي ملي رهيو هو ۽ هو ان ذريعي کان شايد شعوري طرح بي خبر هئڻ باوجود فائدو وٺي رهيا هئا. زندگيءَ جو چرخو ڏاڍي سڪون سان ڦري رهيو هو. پوءِ اچانڪ ڇا ٿيو جو ماڻهن ۾ آهستي آهستي بک ۽ بيروزگاري بابت هاءِ گهوڙا وڌندي وئي؟! ماڻهو پريشان ٿيڻ لڳا، سڪون ختم ٿيڻ لڳو. ميٺ، محبت ۽ مهمان نوازي موڪلائي ويون. نفسانفسي جو دور شروع ٿي ويو. ماڻهن جي نفسيات ۽ سنڌ جي سڃاڻپ بدلجندي وئي. ماڻهن ۾ غير يقيني وڌڻ لڳي. “سڀاڻي” جو خوف ماڻهن ۾ ويهي رهيو ۽ پوءِ هو رڳو پنهنجو سوچڻ لڳا. اجتماعي مفادن واري سوچ ختم ٿي وئي. نسل در نسل هلندڙ ڪرتن وارا ڪم آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳا. ذاتيون مٽجڻ لڳيون. ڀاڳين جا وٿاڻ سُسندا ويا، مال موڪلائي ويو.
مڇي ختم ٿي وئي. ماهيگيرن وڃي ٻيا ڌنڌا ۽ ٻيون ذاتيون اختيار ڪيون. ٻيلا وڍجڻ سبب، ٻيلن سان لاڳاپيل سڄي معيشيت به ختم ٿي وئي. ڳوهون ڳولڻ وارا به بکون ڪاٽڻ لڳا ته لاک لاهڻ وارا به! وڻجارا به گهر ويهي رهيا ته ڀَٽن، ڀانن، مڱڻهارن ۽ لنگهن جا به جهڙوڪر لاهه نڪري ويا. جتان ڪٿان بک اچي منهن ڪڍيو. بيروزگاريءَ جو جهڙو راڪاس گهمي ويو. بيروزگارن جا قافلا بينر کڻي پٽيندا ۽ پاراتا ڏيندا، پنهنجي جُوءِ مان نڪري روڊن تي اچي ويا. هر ڪو حيران ۽ پريشان، جيترا وات اوتريون ڳالهيون.
اصل سبب ڏانهن، اصل حقيقت ڏانهن، خبر ناهي ڇو اڪثريت جو ڌيان ئي نه ويو؟! جي ڪٿان ڪا درياءَ جي سُڪڻ جي ۽ سنڌوءَ جي ساهه منجهڻ جي ڪا ڳالهه نڪتي به سهي ته اها جهڙوڪر ٻڌي اڻ ٻڌي ئي رهجي وئي! ماڻهو رڳو هاءِ گهوڙا ڪرڻ ۾ پورا هئا. علاج ڪنهن به نٿي ڳوليو. ڪجهه عرصي کان جڏهن ڳالهه صفا چڙهي وئي، ماڻهن ۾ بکن سبب رڙ جي طاقت به نه رهي. “مٿين” رهيل سهيل پاڻيءَ چڪو به مٿي ئي مٿي روڪڻ لاءِ اڃا وڌيڪ بند ٻڌڻ شروع ڪيا ۽ ڪاري نانگ جهڙا ڊيم ٺاهڻ شروع ڪيا ته سنڌ جي ماڻهن جا جهڙوڪر هٿ پير ئي ساڻا ٿي ويا ۽ انهن مان ست ئي نڪري ويو. وقت جون حڪومتون پنهنجو پنهنجو “ڪم” ۽ وقت ڪڍنديون رهيون.
 جڏهن چوڌاري اميد جو ڪو ڪرڻو نظر نٿي آيو، هر طرف جهڙوڪر اونداهه ۽ مايوسي ڇانيل هئي، ان وقت ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سرواڻ ۽ سينئر صحافي علي قاضي جي سنڌو بچائڻ واري سڏ، ماڻهن کي جهڙوڪر ڪَر موڙي، نئين سري سان اٿاريو آهي. هاڻ ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي چڪي آهي ته خوشحال سنڌ جي بدحال ٿيڻ جو اهم سبب ڪهڙو آهي؟ آخر بيروزگارن جا قافلا ڪيئن پيدا ٿيا ۽ ڪيئن روڊن رستن تي آيا!؟ ٻيلا ڇو وڍيا ويا؟ ڀاڳين جا وٿاڻ ڇو خالي ٿيا؟ پلو ۽ پوپري ڇو ختم ٿيا؟ تمر جا ٻيلا ڌٻڻين ۾ ڪيئن بدلجي ويا؟ ڳوهون ڇو نٿيون لڀن؟ ڌرتيءَ ڌڻين جا روايتي ڪرت وارا ڪم ڇو بند ٿيا؟ ڌرتي ڇو پوٺو ٿي ۽ فصل ڇو سڪڻ لڳا آهن؟! ساوڪ جي جاءِ تي ڀينگ ۽ سڪون جي جاءِ تي بي سڪوني ڇو آهي؟ ماڻهن جي نظر جڏهن اچانڪ درياءَ ڏانهن وئي ته انهن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ چوڌاري رڙو رڙ پئجي وئي. سڀني پنهنجي پنهنجي بربادي ۽ چوڌاري ٿيل ڀينگ بابت سوچيو. ان جي سببن جو پيرو کنيو ته انهن کي ڳوٺ جو واٽر سڪل مليو. واٽر ڀريندڙ شاخ سڪل ملي. شاخ کي ڀريندڙ ڪينال به خالي مليو ته ڀر پاسي جون ڍنڍون ۽ ڍورا به اُڃيارا مليا. پيرين پيرو اڳتي کنيو ته درياءُ ئي سڪل مليو! ڳالهه چٽي ٿي، سمجهه ۾ اچي وئي ته هن سڄي برباديءَ جو اصل سبب ڇا آهي.
سنڌو ڇا سڪو، ان سان گڏو گڏ سڄو ماحول به تباهه برباد ٿي ويو. انسانن سان گڏ پکي پکڻ ۽ جانور به متاثر ٿيا. هتي جي هر شيءِ آلوده ٿي وئي. پاڻي، هوا کان ويندي جر به متاثر ٿيو. ڀلي  ملڪي آباديءَ جو ۳۳ سيڪڙو ئي ماحول جي تباهيءَ کي اهم مسئلو سمجهي ۽ باقي آبادي لاءِ ڪي ٻيا مسئلا اهم هجن، پر ياد رکو ته جي ماحول صاف نه رهيو، ماحول ۾ بگاڙ پيدا ٿيو، ماحول جي لازمي جزن جو وجود ختم ڪيو ويو ته هيءُ قدرت جو سڄو ڪاروبار سخت متاثر ٿيندو ۽ اسان ان جا ڏاڍا خطرناڪ نتيجا ڀوڳينداسين. هن ماحول کي بچائڻ لاءِ پهريون، اهم ۽ بنيادي شرط سنڌوءَ جو ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ تائين تار وهڻ آهي. ان لاءِ اچو ته گڏجي سنڌو بچايون، سنڌ بچايون. سنڌ جي ثقافت، معيشت، تاريخ ۽ تهذيب بچايون، نه ته اسان پنهنجو وجود به وڃائي ويهندا سين.

No comments:

Post a Comment