Saturday, April 27, 2019

اداڪار ڍانڀر سلطان جو انٽرويو - همير گاد


اداڪار ڍانڀر سلطان جو انٽرويو
(مزاحيه)
همير گاد


صحافي: سڀ کان پهريان ته اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان جي تعليم ڪيتري آھي.؟
اداڪار: مان ڀائرن سوڌو سَت درجا پاس آھيان.
صحافي: اوهان پنهنجي فن جي شروعات ڪهڙي ڊرامي کان ڪئي.؟
اداڪار: منهنجي پهرين ڊرامي جو نالو هو ”دوزخ جو گيٽ ڪيپر“ جنهن ۾ مون مهمان اداڪار طور ڪم ڪيو هو.
پوءِ جنهن ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو هيرو آيس ان جو نالو هو ”عشق جو مرض“ ان ۾ منهنجو مٿي جبل جي چوٽيءَ تي پنڪچر ڳنڍڻ واري جو رول هو.
صحافي: هن فيلڊ ۾ اچڻ کان پهريان ڪهڙو ڪم ڪندا هُيئو.؟
اداڪار: هوٽل تي چانھ ٺاهيندو هُيس.

Friday, April 12, 2019

ڪاپي پيسٽ اديب جو انٽرويو - همير گاد


ڪاپي پيسٽ اديب جو انٽرويو
همير گاد
صحافي: شفن ”گناهگار“ صاحب! اوهان پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو.؟
اديب: ڳوٺ سڪيلڌو کان ڪجھ پنڌ تي اولھ طرف مُنهن ڪري ڏکڻ طرف اسان جو پنهنجو ويڙو هو انهيءَ ويڙهي ۾ الائي ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ پيدا ٿيس ڪا خبر ناهي.
شفن نالو منهنجي بابا سائينءَ پنهنجي وفات کان مهينو کن پوءِ رکيو جڏھن ته “ گناهگار“ منهنجو تخلص آھي.