Saturday, March 26, 2011

ڏاڏي کجور - نواز ڪنڀر


ڏاڏي کجور
پيئڻ بلائون به جنهن جون معتقد آهن!
نواز ڪنڀر
پيئڻ بلا جنهن جي باري ۾، جتي ڪٿي پر ٿر ۾ اڃا به وڌيڪ، عجيب و غريب ڳالهيون مشهور آهن، اها جڏهن ديهه پتي پوٽا، يوسي کينهواري، تعلقي نارو ۽ ضلعي خيرپور جي وريامائي سنگت سان واسطو رکندڙ اولياءَ الله ڏاڏي کجور راڄڙ جي گهر ۾ کير اچي پيئي ٿي ته ڪنهن کي ڪجهه به نٿي چوي ۽ ٻار ان کي ڪتن ٻلن کان بچائڻ لاءِ هٿ ۾ کڻي ڪنهن کاري هيٺان واڙي ٿا ڇڏين، ته اهي ڳالهيون اڃا به وڌيڪ عجيب ۽ اعتبار نه اچڻ جهڙيون لڳن ٿيون. سانگهڙ-چونڊڪو روڊ تي ڳوٺ عثمان بهڻ کان اوڀر ۾ اڇڙي ٿر جي واري تي ڪلاڪ کن جي پنڌ تي ڀاڙڪو ڍنڍ جي اولهه ۾ ڀٽ جي ڪڇ ۾ ابدي آرامي ٿيل هن عورت اولياءَ جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن. ڀاڙڪو هڪ راڄڙ جو بگڙيل ڪوڏائي جو نالو آهي. هيءَ کاري ڍنڍ پنج ڇهه ايڪڙن ۾ آهي. ڍنڍون ته هتي آس پاس لکي، تس، ڇهو، بيستوئي وغيره به آهن، پر ڀاڙڪو کي ڏاڏي جي ڪري ٻي اهميت حاصل آهي. ان اهميت جو فائدو هت ايندڙ ٿورن گهڻن پکين کي به ٿئي ٿو ته هرڻن کي به ٿيندو هو، جو هتي ڪنهن کي به بندوق هڻڻ جي قطعن اجازت ناهي. ها ڏاڏي جي حد کان ٻاهر جو ذمو ڏاڏي جو ناهي. ڪنارن سان ڪيهر گاهه سان ۽ ڀٽن جي وچ ۾ واقع هيءَ ڍنڍ ڏاڍي خوبصورت ۽ دلڪش نظارو پيش ڪندڙ آهي. جنهن کي ڪنڊي، ڪرڙ ۽ ڦوڳ جا وڻ، ٻوڙهو، آڪڙي، بکڙو، ڇپري، لمب، برانج ۽ ڪج گاهه اڃان وڌيڪ خوبصورت بڻاين ٿا ۽ ڪنهن سڪون جي گهرجائوسياح جا شدت سان منتظر آهن.نانگ بلائن جو پير، ڪانئي سلطان جو ڀاڻيجو ۽ واچل راڻي جو پٽ گوگو پير سڏجي ٿو. ان وٽ نانگ بلائون رهنديون هيون، ڪنهن زماني ۾ هتان سنڌ مان راهمون فقير راڄڙ گهران ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي هندستان وڃي گوگي وٽ نڪتو، جتي گوگي جي سيوا ڪرڻ جي سلي ۾ کيس ڪاري واسينگ نانگ، ڪوڀاري ۽ پيئڻ بلا جو مدو، جهاڙ ۽ گوگي جو ماڻ مليس. وقت جو وهڪرو هلندو رهيو، ٿر جا ماڻهو نانگ بلائن جا ستايل هن در تي سوالي ٿي ايندا رهيا، شفا وٺي واپس ورندا رهيا. جواب ۾ هي ماڻهو ماڻهن جي در تي وڃي گوگي جي خيرات، جيڪا ٿيندڙ پوک مان هوند سارو ٿئي وٺندا ۽ زندگي جو گاڏو  گهليندا رهيا. بارٽر سسٽم تحت زندگي روان دوان رهي. لوڻ پڙهي ڏيندڙ هن خاندان کي گهر ۾ ان گڏ ڪري رکڻ، يا ٻوري ان جي رکڻ جي منع ان ڪري به ٿيل هئي ته متان گهر ۾ داڻا اچڻ سان هي ڪٿي سياڻا نه ٿي وڃن ۽ ماڻهن تي گهربل توجهه نه ڏين. مان ۽ مرتبو نه سڃاڻين، ان ڪري در در تي  وڃي ان گهرڻ ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي کين سختي سان تاڪيد ٿيل آهي، جنهن تي اڄ سوڌو عمل ٿئي ٿو. پر هي روضي ڌڻي رحمت الله عليه جي جماعت جا فقير، گهرندا رڳو جماعت مان ئي آهن. ڏاڏي کجور کي هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو الهه رکيو ولد بابو فقير رکيو ويو.


جيئن ته نانگ بلائن جو واسطو ۽ سلسلو هن خاندان سان راهمون فقير جي وقت کان هو، جيڪو مختلف ماڻهن کان ٿيندو ڏاڏي کجور تائين پهتو. ڏاڏي پنهنجي وقت جي وڏي پرهيزگار ۽ الله واري هئڻ سان گڏ وڏي مال واري ڀاڳياڻي به هئي. ڏاڏي جي حوالي سان ڪيترائي قصا علائقي ۾ مشهور آهن پر جنهن واقعي ڏاڏي کجور جي هاڪ هنڌين ماڳهين پهچائي سا هئي ميرن پاران سندس پٽ کي ڇيڙ لاءِ زوري کڻڻ ۽ پوءِ توبهه تائب ٿيڻ. ٿيو ائين جو هڪ ڀيرو وڏيرو جانو (آرائين جو وڏو) ناري کان پرين ڀر ميرن جي ڇيڙ لاءِ (دستور موجب) ڏاڏي جي اڪيلي پٽ الهه رکئي فقير کي ٻڪريون چاريندي، چماٽون هڻي وٺي ويو. جڏهن ڏاڏي کي خبر پئي ته هن پنهنجي معتقد پيئڻ بلا کي پٺيان اماڻيو. جانو به سڄي رات ڏاڏي جي ڪرامت ۽ پيئڻ جي خوف کان آجو ٿي مس مس وڃي فجر مهل پهرو هٽراءِ ستو. پر پوءِ به ڊپ مان نيٽ کٽ ڀرسان رکي ڇڏيائين. جانو جي اک لڳي ته پيئڻ به وڃي پهتي. ساڳي نيٽ تي چڙهي هن جانو کي ڪکي وڌو. (ڇو جو نانگ بلائون کٽ تي نه چڙهنديون آهن، ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته وڻن ۽ ڀٽن تي چڙهي سگهندڙ بلائون کٽ تي نٿيون چڙهن!) جانو جي ساهه پيئڻ سان جانو ته مري ويو پر پونئيرن کي اچي سر جي لڳي. اهو لڪاءُ ڏسي مير صاحبن  هميشه لاءِ ڏاڏي جي ڀٽ ۽ ڏاڏي تان ڇيڙ معاف ڪئي. پوءِ ڏاڏي اتان موجوده مقام تي پنهنجي ڀيڻ کٻڙي جي اولاد وٽ اچي رهي. واضح رهي ته کٻڙي فقيرياڻي وارا مخدوم صاحبن جا  مريد آهن. ڏاڏي کجور ته ان دور ۾ وفات ڪري وئي، پر پيئڻ بلائون ناتو نڀائينديون اچن. اڄ به سانوڻي ۾ جڏهن آگم ٿيندو آهي ته ڏاڏي جي اولاد جي گهر پيئڻ بلائون اينديون آهن ۽ پنهنجي ٽرٽر جهڙي ٻولي ۾ گهرڀاتين کي متوجهه ڪري کير گهرنديون آهن. کين پيالي ۾ کير وجهي ڪنهن وڻ ۾ رکي ڏبو آهي ته سوڻ ڪري چپ چاپ هليون وينديون آهن. پيئڻ بلا رات جو ڏسي سگهندي آهي ۽ ڏينهن جو انڌي هوندي آهي، هن کي ڏاڏي جي اڱڻ ۾ ٻار به پيا کڻندا آهن. هڪ  ٻئي پويان  جام اينديون آهن، وارياسي علائقي ۾ هي وڌ ۾ وڌ پنج ڇهه فوٽ جي ٿئي. انسان جي کونگهري جي آواز تي هي جهڙوڪر عاشق آهي. هي پنهنجي ساٿي جي مارجڻ تي ماڻهو سان وير وجهندي آهي. ۽ ان کي نڀائيندي آهي. هن جي پي وڃڻ بعد انسان کي مٿي ۾ چڪر، دل خراب ۽ سج اڀرڻ سان نظر گهٽجي ويندي آهي ۽ ماڻهو ڪنڌ ڍاري مري ويندو آهي. روائتي علاج پيئڻ پيتل کي گهر اندر کڏ کوٽي چاليهه ڏينهن تائين ان ۾ رکبو آهي. کين سج جي روشني کان هر ممڪن طريقي سان بچائبو آهي. سڀ ضرورتون ۽ حاجتون کڏ ۾ پوريون ڪبيون ۽ ڪرائبيون آهن. کين ڦٽڪي، گيهه ۽ بصر کارائبا ۽ پياربا آهن.

ڀاڙڪو ڍنڍ جي ڪناري ابدي آرامي ٿيل ڏاڏي کجور جي ڪچي قبر تي سندس خاندان جي ئي مجاور رمضان فقير هڪ ننڍڙو پڪو ڪمرو ٻه سال کڻي اڳ ۾ ٺهرايو آهي. ڏاڏي پاران منع ٿيل آهي ته سندس قبر مٿان پيل پڙ ۽ ڪرڪ (ننڍيون چڙيون) نه کپائجو. ان ڪري اهي آس پاس ۽ قبر مٿان وڏي تعداد ۾ پيل آهن، جن ۾ اڪثر پڻ بلائون به ڏسبيون آهن. ڪٿي ڪٿي باس باسيل رڍ ٻڪري جون کلون به وڻن ۾ رکيل آهن، جڏهن ته کل کپائڻ جي اجازت مليل آهي. ڏاڏي جي قبر تي چنڊ جي هر چوڏهين تي خيرات ٿيندي آهي. سانوڻ ۾ ڏاڏي جي سالياني واڙي يا خيرات ٿيندي آهي. تر جو هر سوالي ۽  بيمار ڏاڏي تي باسون باسي ڀريندو آهي. لوڻ پڙهائي گهر ۾ ڇٽبو آهي. اولاد جا سوالي ڏاڏي تي رلي جي باس باسيندا آهن. ڏاڏي جي پٽ الهه رکيو جو نالو رمضان ۽ الهه رکيو جو سلسلو اڄ به هلندڙ آهي. پر ڏاڏي جو پنهنجو نالو بي ادبي جي ڊپ وچان نه اٿاريو ويو. آس پاس جا ماڻهو اڄ به پنهنجي روزاني جي ٻولي ۾ ڏاڏي وڌائي ۽ ڏاڏي پناهه رکي جون پنهنجي ۽ پنهنجن پيارن لاءِ دعا گهرندا آهن. اهڙي ئي هڪ دعا صادق خاصخيلي به ان وقت گهري، جڏهن اسان ڏاڏي جي قبر تان موٽندي پنهنجا وڃڻ وارا پير  واپسي ۾ ان وقت وڃائي ڇڏيا، جڏهن سج به آخري ساهه پئي کنيا، پري پري تائين ڪو گس ٻڌائڻ وارو به ڪو نه هو. اسان هڪڙي ڀٽ ٽپي، ڏاڏي جي دعا سان پير به هٿ ڪري ورتا. ته ڇپري گاهه جون اهي ٽڪيون به ڏسي ورتيون، جيڪي حڪيم هتي اڪثر ڳوليندا وتندا آهن. مٿيون سڀ ڳالهيون ۽ ان جهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪ ۽ هڪ کي ٻه ڪرڻ وارن کي شايد سمجهه ۾ نه اچي سگهن، باقي هڪ ۽ هڪ کي هڪ ڪرڻ ۽ سمجهڻ وارن کي سولائي سان سمجهه ۾ اچي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ڪا به سرڪار سڳوري عثمان فقير بهڻ کان ڏاڏي جي قبر تائين چند ڪلوميٽرن تائين پڪو روڊ ٺهرائي ڇڏي ته ڪيترن ئي حاجتمندن ۽ معتقدن کي سولائي ٿي سگهي ٿي ۽ پئسا ۽ وقت نه هجڻ سبب پري جي ماڳ مڪانن تي سياحن لاءِ نه وڃڻ جي سگهه رکندڙن لاءِ هي مقام، هي ڀٽون ۽ انهن جي وچ ۾ خوبصورت ڍنڍون، روڊ رستا، راجه سائين جون ترن جو رکون سير تفريح جو بهترين ۽ سستو ذريعو ٿي سگهن ٿيون ۽ ڳوٺاڻن لاءِ روٽي روزي جو به سلسلو جڙي سگهي ٿو.

No comments:

Post a Comment