Saturday, March 26, 2011

بهار - نواز ڪنڀر


بهار 
جنھن ڄڻ اچڻ کان بس ڪئي!
نواز ڪنڀر
هن سال بهار ۾ پوندڙ گرمي ثابت ڪيو آهي ته موسمون مٽجن نه پيون، بلڪ مٽجي چڪيون آهن. لاهور هجي يا نوابشاهه، بهار ۾ گرمي جا ريڪارڊ ٽٽي چڪا آهن، جنهن کي ڏسي ميداني، مهراڻي، ٿر، ڪوهستان توڙي ڍنڍن جي آسپاس رهندڙ جهونن جي متفقه راءِ اها آهي ته، بسنت/چيٽ/بهار ۾ ايتري گرمي اڳ ڪڏهن نه ڏٺي سين. گرمي جو سبب جتي موسمن ۾ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديليون آهن، پاڻي جي کوٽ آهي، سمنڊ جو چڙهڻ آهي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو وڌڻ آهي، اتي اسان واري پاسي ڏينهون ڏينهن ٻيلن جو ختم ٿيڻ ۽ وڻن جو وڍجڻ به هڪ اهم سبب آهي. بهار جيڪا سياري ۾ سٽجڻ کان پوءِ گلن ٻوٽن، پکي پکڻ، جيت جڻن، وڻن ٽڻن جي ڦُٽڻ، گونچ ڪڍڻ، پراڻا پن ڇاڻي، نوان ڪڍڻ جي رُت هئي، جيڪا سياري ۽ اونهاري جي وچ ۾ ساهي پٽڻ جي موسم هئي سا هاڻي بدلجي گرمي رت ۾ تبديل ٿي وئي آهي، يا پوءِ رڳو باهه لڳڻ واري مند رهجي وئي آهي.


دنيا جا ماڻهو ۽ ماهر ڀلي سال ۾ چار موسمون ڳڻائن، پر سنڌي ۽ هندي موسمي ڪئلينڊر مطابق سال ۾ ٻن ٻن مهينن جون ڇهه موسمون هجن ٿيون، جن ۾ پندرهين فيبروري کان پندرهين اپريل تائين بسنت رُت هوندي آهي، جنهن کي بهار يا چيٽ به سڏبو آهي. اڳي روايتي طرح هن مند ۾ راتيون ٿڌيون ۽ ڏينهن تِڙڪي وارا هوندا هئا. ڏينهن جو ايتري گرمي ڪونه هوندي هئي، جيتري ٻن ٽن سالن کان ٿيندي، هن سال چوٽ چڙهي وئي آهي. (موسمي ماهرن مطابق ايندڙ سالن ۾ اها گرمي هن موسم ۾ اڃان به وڌندي). اڳي گرمي پيرون پچڻ بعد ٿيندي هئي، جيڪا هاڻ کٻڙ جي ٻور جهلڻ کان فوراً پوءِ ٿيڻ لڳي آهي، ان مان موسمن جي تبديلي جو اندازو آساني سان ڪري سگهجي ٿو. بهار ۾  وڻن ۾ ڦوٽهڙو پوندو هو، ڪڪڙ، تتر ۽ مور آنا ڪندا هئا، چوپايو مال کير وڌائيندو هو، ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا هئا، پر موسمي تبديلين سبب هاڻ بهار ۾ اها بهاري نه رهي آهي. جيئن ڪڏهن ماڻهو وقت ۽ حالتن سبب ننڍپڻ مان سڌو ٻڍاپي ۾ هليا ويندا آهن، ائين لڳي ٿو ته هاڻ بهار به اچڻ کان بس ڪري ڇڏي آهي ۽ سياري کان سڌو اونهارو اچي ويو آهي. بهار جون سڀئي نشانيون ته موجود آهن، پر بهار، بهار نه رهي آهي. هن ڀيري جيڪي بهار جا ڪجهه ڏينهن محسوس ٿيا سي ٿيا، ايندڙ سالن ۾ شايد اهي به ڏسڻ نصيب نه ٿين ۽ ماحولياتي تبديليون ڏسي شايد بهار به اچڻ کان صفا بس ڪري وڃي.
موسمن بابت لوڪ ڏاهپ رکندڙ پنيهل جو امين ڀنڀرو، سانگراڙي جو سيد عمر شاهه تجربي ۽ مشاهدي جي آڌار بهار اچڻ جون نشانيون ٻڌائيندي چون ٿا ته انبن جو ٻوڪجڻ ۽ کجي پاران ڇها/ڦرها ڪڍڻ، سياري وڃڻ جي اڳواٽ اطلاع برابر هوندو آهي، تنهن بعد نم ٻور جهلي، سرنهن ڦٽي، ٽالهي گونچ ڪڍي، باهڻ به بهارجي ۽ ڪنڊي ٻور جهلي ته ان کي سياري جي موڪلاڻي ۽ بهار جي شروعات سمجھجي. انهي دوران هولي جو تهوار ايندو آهي ته سنڌ ۽ هند جو نئون سال چيٽي چنڊ به بهار ۾ شروع ٿيندو آهي. پڌرئي جي عبدالله مڱرئي ۽ پڌروئي ڍنڍ ڀرسان لال خان مڱرئي جي  موسمي ماهر جهوني چڀڙ جوڻيجي جي بقول ته بهار ۾ واچوڙا لڳندا آهن، جنهن ۾ مختلف طرفن جون هوائون پاڇاٽي ڪڻڪ کي رتي ڪنديون آهن. جڏهن اڃان ٿريشر نه آيو هو، ڳاهه ڍڳن تي ڳاهبا هئا، هلرون هڪلبيون هيون،  تڏهن ڪڻڪن جي وائر به انهن چوواين تي  ٿيندي هئي. انهن هوائن متعلق لوڪ ڏاهپ جي ماهرن  وٽ پنهنجا پڪا پختا رايا، چوڻين جي صورت ۾ موجود آهن. مثال طور؛ ڏکڻ پوکون پچائي/سون اپائي. اتر لڳي سڀ مچائي، اوڀر لڳي (پورب) مينهن وسائي، الهندو لائي سڀ ڦٽائي. واچوڙن ۾ اتر ۾ لڳندڙ تيز ۽ مٽي واري هوا کي انڌرا به سڏبو آهي، ان دوران ڪڻڪ نُسرڻ بعد ڪڏهن ڳڙي سان چيٽ واري برسات پوندي آهي، اها برسات شروع ۾ پئي ته فصلن لاءِ ڀلي پر آخر ۾ ڪڻڪ ۽ لوسڻ کي سٽي رکندي آهي. چيٽ ۾ هلڪي برسات به ڪڻڪن لاءِ فائديمند هوندي آهي، برسات بعد ڳنڍير، ٻوڙو ۽ ڀنگري ڦٽندا آهن، پر ڳنڍير اڳڀرائي ڪندي برسات جي ٽئين چوٿين ڏينهن پن ڪڍيو بيٺو هوندو آهي. هي پڪو ۽ سٺو  گاهه لوسڻ وانگر  ٿئي، ڳنر جهلي، ٻوڙو ڪري ۽ نڙ وانگر هڪٻئي مان پاڙ هڻي پکڙبو آهي. ڳنڍير کي سڀ مال کائي ٿو شايد ان ڪري ئي قدرت هن کي سڀ کان اول ڦُٽڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. جنهن سال  چيٽ وسي ته چئبو آهي هاڻ سانوڻي ۾ برسات نه پوندي. چيٽ وٺو معنيٰ سانوڻي “ٽُڀي” پئي. ٿر ۾ چوندا آهن ته چيٽ نه وٺو ڀلو، راجا نه رٺو ڀلو. ٿر ۾ سياري ختم ٿيڻ جي نشاني ڦوڳ ڦٽڻ سان جانچبي آهي ته ڦوڳ پاران ڦوڳي جهلڻ وري بهار اچڻ  جي نشاني هوندي آهي، جڏهن ته ڦوڳي مان ٿيل ٻج “گهَٽا” سڪي ڇڻن ته اهو بهار  ختم ۽ آرهڙ شروع ٿيڻ جي معنائن ۾ ورتو ويندو آهي.
چوواين ۾ لڳندڙ واچوڙن لاءِ مختلف ڳالهيون مشهور آهن. ڪن جي بقول ته واچوڙن ۾ جِن هوندا آهن. ڪن چواڻي ته واچوڙن کي ملائڪ هلائيندا آهن. واچوڙي لڳڻ تي ٻار ان ۾ جُتي انهيءَ آسري تي اڇلائيندا آهن ته جي جُتي سڌي ڪري ته ان هيٺيان کارڪون ملنديون. ڪي واچوڙن کي ڀتر هڻي ڀڄائيندا آهن. ڪي وري انهن کي پيرن فقيرن جا واسطا ڏئي ۽ اڳيان کوهه هجڻ جو ڊپ ڏئي هٽائيندا آهن، پر انهن سڀني ڳالهين جو سائنسي جسٽيفيڪيشن ملڻ اڃان باقي آهي. واچوڙا ملاحن کي به  متاثر ڪندا آهن. ڍنڍن ۾ رهندڙ بتيلن وارا ڪنڌي تي پڄڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اڇي ڍنڍ ۾ هلڻ وارا دڏ ۽ پن جو پاسو وٺندا آهن. جڏهن ته سمنڊ ۾ هلندڙ ناکئا ناتار اڇلائي، پاڻ بچائڻ جي ڪندا آهن. جڏهن لڪون لڳنديون آهن، انب انبڙيون جهليندا آهن ۽ توت ڪرندا آهن ته واچوڙا ختم ٿي ويندا آهن. واچوڙن ختم ٿيڻ ۽ لڪون لڳڻ وارو وقت باهه لڳڻ جي مند يا مهينو هوندو آهي. بهار جي آخر ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني، ڪٿي نه ڪٿي باهه لڳڻ جا واقعا سامهون ايندا رهندا آهن. اهو وقت  انبڙيون لڳڻ، سرنهن جي گل ڪرڻ، ٽالهي ڦٽڻ بعد ٿوري گرمائش ٿيڻ جو وقت هوندو آهي. منڍ جمڙائو جي علي بخش ملاح ۽ پڪسري جي بهادر ملاح چواڻي ته ملاحن لاءِ، ڍنڍن ۾ توت جهڙو “بادوڪو” گاهه، ڦلڙين وارو “مائو” گاهه ۽ ڪنڊن جهڙو “کاراندو” ڦٽڻ بهار جي نشاني هوندي آهي. انهن گاهن کي ڪرڙو ۽ موراکي وغيره ڏاڍو شوق سان کائينديون آهن. بهار ۾ ٻين ساهه وارن وانگر مڇيون به نئون ڦٽل گاهه وڌيڪ کائڻ ڪري خوش هونديون آهن. جنهن بعد اپريل مئي ۾ انهن ۾ لڳ ٿئي ته جون جولاءِ ۾ وري آني ڇاڻيندي آگسٽ تائين اهو عمل مڪمل ڪن.
ماحولياتي ماهر ڪافي عرصي کان ڪَن کڻائيندا پيا اچن ته موسمون مٽجن پيون. دنيا ۾ انهيءَ پاسي توجهه ڏني وئي ۽ ڪي اپاءَ به ورتا ويا آهن، پر پاڻ واري پاسي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه! لڳي ٿو ته  ڪجهه عرصي بعد بهار جو ذڪر به شايد رڳو ڪتابن ۾ وڃي بچي. شاعري ۾ آيل بهار جي معنيٰ کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ به متان ڏکيو ٿي پوي. جيئن  ٿڌ کان فوراً بعد گرميون اچڻ سان فالج جو خطرو  هجي ٿو، ڪٿي ايئن نه ٿئي ته سڌو سياري جي سيءَ کان اونهاري جي گرمي ۾ اچڻ سان سڀئي ساهه وارا ڪنهن نئين مصيبت ۾ نه اچي وڃن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موسمن جي مٽجڻ ۽ ان جي شدت کي قابو ۾ رکڻ جا اُپاءَ هينئر ئي ورتا وڃن ته بهتر ٿيندو. پوءِ متان وقت هٿان به نڪري وڃي ۽ بهار جون بهاريون به رڳو يادگيرين ۾ رهجي وڃن.

No comments:

Post a Comment