Thursday, December 23, 2021

زال مُئَي ڏيڍ يتيم - عزيز سولنگي

زال مُئَي ڏيڍ يتيم

عزيز سولنگي



شير افگن علي قلي بيگ لاءِ وقت جي مورخ کي اهو لکڻو پيو ته؛ ”هُو خاور مانيڪا جيترو معاملا فهم ۽ تدبر رکندڙ هُجي ها ته، ائين بي موت نه مري ها.“ زالَ جي حُسن، مُڙس مارائي وڌو. خبر ناهي ته شير افگن جي زالَ مهرالنساءَ ڪاني ڪرامت واري، ٽوڻي ڦِيڻي واري ۽ پهتل هُئي، جو کيس اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي هُئي ته، جوڌا ٻائيءَ جو شيخو ۽ اڪبر جو عياش شهزادو سليم نورالدين جلد ئي بادشاهه بڻجندو.

Wednesday, November 24, 2021

مڱيرا

مڱيرا

(کائڻ جا شوقين ڌيان ڏين)

عوامي آواز اخبار



مڱيرا هونئن ته ڊراءِ فروٽ ۾ ايندا آهن ۽ انهن ۾صحت جا ڪيترا ئي فائدا آهن پر انهن جي روز جي استعمال سان ڪجھ نقصان به آهن. جن جي باري ۾ هتي اسان توهان کي ٻڌائينداسين.

سياري جي ٿڌين راتين ۾ مڱيرا کائڻ جو پنھنجو ئي مزو آھي. پر جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته ڪنھن به شيءِ جو گهڻو استعمال، انسان جي لاءِ نقصانڪار هوندو آهي. اهڙيءَ ريت، مڱيرا به گهڻا کائڻ يا روز کائڻ سان، ڪجھ نقصانده ٿيندا آهن، جن جي باري ۾ توهان سڀني کي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي.

Saturday, October 30, 2021

خانه بدوش قبيلي جي درد ڪٿا - ذلفي چاچڙ

خانه بدوش قبيلي جي درد ڪٿا

ذلفي چاچڙ



عمومن ماڻھو پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچڙن جو سک چاھيندا آھن ۽ ان جي حاصلات لاءِ سدائين سرگرم رھي ڪوششون ڪندا رھن ٿا، کين ان جستجو ۾ بي انتھا تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پئجي وينديون آھن، جن ڪاڻ اھي مسئلا، مشڪلاتون ۽ مصيبتون سندن اولاد جي بھتر مستقبل ۽ پرسڪون زندگي واري اميد جي سامھون ڪجھ به ناھن ھونديون ۽ اھي سڀ پيڙائون، ڏک ماڻھو خوشي سان قبول ڪري سھي ويندا آھن، پر سنڌ ۾ ڪجھ اھڙا لڏائو قبيلا ۽ مالوند ماڻھون به آھن، جيڪي رڳو پنھنجي چوپائي مال کي خوش ۽ ڍئو تي رکڻ لاءِ نه صرف خود پر پنھنجي آل و عيال کي به بيحد تڪليف ۽ ڏک ڏئي وڏا ڪشالا ڪٽيندا رھندا آھن، ان خيال ۽ مقصد سان ھو ھميشه لڏپلاڻ پڻ ڪندا رھندا آھن ۽ سدائين سفر ۽ مسافري واري حالت ۾ زندگي جا ڏينھن بسر ڪندا آھن، انھن لڏائو ۽ مسافري زندگي گذاريندڙن قبيلن ۾ شنباڻي قبيلو به ھڪ آھي، جيڪو ھونئن ته بلوچ قوم جي وڏي ذات بگٽي برادري جو (نک) پاڙو آھي، پر ھن پاڙي جا ماڻھو بگٽين جي ٻين پاڙي جي ماڻھن جيان سخت مزاج، ويڙھاڪ ۽ ضدي بلڪل به ناھن ھوندا ۽ نه ئي اھي ڪنھن سان ھرو ڀرو جو دشمني به پيدا ڪندا آھن، جڏھن ته اھي ماڻھو پنھنجو پلاند ڪرڻ ڪڏھن به ناھن وساريندا ۽ ايستائين پنھنجي سر تان ڪاري پڳ يا ڪپڙو ناھن لاھيندا، جيستائين اھي پنھنجو ڪنھن ڏانھن رھيل پلاند نه ڪن. مالوند اھي ماڻھو اتر سنڌ جي انھن خطرناڪ علائقن ۾ به پنھنجو مال چاريندي ۽ جھوپڙا اڏي ويٺل نظر ايندا آھن، جن علائقن ۾ رھندڙ ذاتين سان بگٽين جو خوني تڪرار به ھلندڙ ھوندو آھي، جتي اڪثر صرف ساڳي ذات وارو ھجڻ جي ڏوهه ۾ بيگناهه ماڻھن کي قبيلائي دھشتگرد قتل ڪري ڇڏيندا آھن، پر اھي ماڻھو به کين بگٽين جي پلاند ۾ ڪو نقصان نٿا پھچائين، توڙي جو سندن بابت اھا خبر به ھجي ٿي ته انھن جو شمار بگٽين ۾ ئي ٿئي ٿو، مثال طور ماضي ۾ بگٽي، جکراڻي، بگٽي، مزاري تڪرار ٿيو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا سوين ماڻھو قتل ٿيا، پر ان خوني ويڙهه ۾ شنباڻين پاڻ کي پري رکي پنھنجي مختلف نوعيت جي ڪٺن زندگي ۽ ڪرت ۾ مگن رھيا، ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي ته سنڌ ۾ آباد ٿيل شنباڻي قبيلي جي ماڻھن کي انگريزن سنڌ ۾ آندو ھو، حر تحريڪ کي چٿڻ لاءِ۔ منھنجو ان نقطي تي دوستن سان اختلاف آھي، ڇو ته اھي ڪڏھن به جنگجو رھيا ئي ناھن، ويجھي ماضي ۾ ڊيره بگٽي ۾ نواب اڪبر خان بگٽي خلاف ٿيندڙ آپريشن کان به ھو لاتعلق رھيا، بظاھر غريب ۽ پوشاڪ مان تنگدست لڳندڙ شنباڻي برادري جي ماڻھن وٽ ڪروڙين رپين جو چوپايو مال ھوندو آھي، جيڪڏھن اھي چاھين ته اھو پنھنجو سمورو مال کپائي دربدري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنھنجي زندگي جو انداز بدلائي سگھن ٿا ۽ ايئن گھڻا گھراڻا ڪري به چڪا آھن، جن پنھنجو سنڌ ۾ مستقل ٿاڪ قائم ڪري تعيلم حاصل ڪئي، جيڪي سدائين لاءِ سنڌ جا ۽ سنڌي ٿي ويا، ان قبيلي جا ڪيترائي نوجوان سنڌي ادب، شوبز ۽ سياست ۾ پاڻ مڃائي چڪا آھن.

مڪلي، سُر رامَڪلي، جوڳي ۽ اک اک جو ڦير - جوکيو جسارت الياس سنڌي

مڪلي، سُر رامَڪلي، جوڳي ۽ اک اک جو ڦير!

جوکيو جسارت الياس سنڌي



چتين سان ڀرپور گيڙون ويس، پٺيءَ تي گودڙي، “سُرمو سڀ ڪا پائي، پر اک اک جو ڦير” تي ويساھ ڏياريندڙ ڳٽ سرمي ۾ سرس ڪارا ۽ ڪٽورا نيڻ، وڏن ڀَنڱَن (پانچن) واري شلوار، نج سنڌي پڳ جا بنا پلاند جي ڏنل وَرَ، لٺ سھاري ھلندڙ ڏٻري جسم مان صدين پراڻي سنڌ جي مٽيءَ جي ھُڳ، ڪنڌ ۾ مالھا؛ جنھن ۾، پٿرن جا انيڪ پويل قسم! کيس چيم ته گھر ھلڻو آھي؛ ھل ته ڪار ۾ ھلون. ٺُپ جواب ڏنائين ته؛ “ڪار کان بي ڪار ھلجي، ڇو ته ڪار ڪم اچي رات ڪار ۾، نه ڪي ڏينھن جي ڪجي ڪا ڪار اِھا، جا ڪندي ڪارو 'ناري' مون!” سندس ڏنل جواب جي منطق تي دماغ ۾ واچوڙا اچي ويم. اڃا ان تي پئي سوچيم تيسين پاڻ پنھنجي ھمسفر سان گڏ اٿي، گودڙيون ۽ ٻيا سامان کڻي، اڳتي وڃڻ لڳو. اھا زال به سندس قميص جي دانوڻ ۾، مضبوط ھٿ وجھي، اکيون پوري، پنھنجي آھير مٿان لازوال ڀروسو ڪري ھلڻ لڳي. جيڏانھن مانڌيار پوڙھو، اوڏانھن ھيءَ چادر واري جھورَ پوڙھي...! ھي روز اتي اچي، نم جي وڻن جي ڇانو ۾ ويھي، پنھنجي ڏات ڏيکاري ٿو. جڏھن کانئس پڇيم ته، “ھن پوڙھيءَ کي ڇو ٿو وٺيو اچين؛ ڇڏي ڏينس گھر منجھ ويھي گھر سنڀالي” ته ھن اڌ صدي پراڻي کل جي انداز ۾ ٽھڪ ڌئي جواب ڏنو ته؛ “نوري ھجڻ جو واعدو ٻنھي ڪيو آھي، ته ھوءَ گھر ۾ ڇا ڪندي؟ انڪري اسان ٻئي ڄڻا، جتي ڪٿي گڏ ھوندا آھيون”. جيتؤڻيڪ سندس لفظ ۾ درد ڇُلڪي رھيو ھو، پر ظاھري طور سَرھو پئي نظر آيو. سندس اکين مان ڪا پري پنڌ واري اڻپوري آس جرڪي رھي ھئي! جتي ھو روز ويھن ٿا، اتان لنگھندڙ سوين ماڻھو، ڪي گھڙيون بيھي کين ڏسن ٿا، ته ڪي وري سندن اخلاقي مدد به ڪن ٿا. آھن ٻئي ايڏا جھونا جو ھلڻ مھل، ٻئي پنھنجا پُٺا سڌا ڪري نه ٿا ھلي سگھن. نظر ٻنھي جو گھٽ پر ھينئين جا سريلا! سانجھي ٿيڻ واري ھئي ۽ سج به لھڻ وارو ھو. جھور ھوندي به ھي ٻئي ڄڻا، جوانن وانگر تکا پئي ويا ته رڙ ڪري کين چيم؛ “پٿرن کان پاسو ڪري ھلو، انھن تان ٿاڙٻجي نه پئو!” “ابا ھت جو پٿر پٿر اسان کي ساريل آھي، جيڪڏھن ڪنھن 'نوريءَ' کي لڳي به پيو ته؛ 'ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي اُنَ ريءُ'؛ اسين سھي وينداسين، تون رڳو پنھنجي ڪر، واڙي تان سڄو ڏينھن “لنگھڻ” گذاريندڙ ٻچن لاءِ کير وٺيو، پوءِ ٿا اچون!” ائين چئي، ھي ٻئي ڄڻا معمول مطابق، ڪجھ پنھنجو پاڻ سان ڀُڻڪندي، کياتيون وکون کڻي، اڳتي وڌي، پويان زمين تي پنھنجا نشان ڇڏيندا ويا، جيڪي اتان تيز گذرندڙ گاڏيون ڊاھينديون ويون!