Saturday, March 26, 2011

ڍور سڱوئڻ - نواز ڪنڀر


ڍور سڱوئڻ 
روايتي طريقا ۽ انجيڪشن جو خطرناڪ استعمال
نواز ڪنڀر 
جدت ۽ سهل پسنديءَ سبب اسان پنهنجي ماحول مان، سماج جون ڪيتريون ئي ڪارائتيون ريتون ۽ رسمون، رواج ۽ روايتي طورطريقا ترڪ ڪري ڇڏيا آهن. جن ۾ مال کي ميڙڻ يا ڏُهڻ وقت، سڱوئڻ جا روايتي طريقا به شامل آهن. ٿوريءَ تڪليف يا ڏکيائيءَ سبب تن کي ڇڏي، جيتريون مصيبتون ۽ خطرا خريد ڪيا آهن، تن جو اسان کي صحيح معنى ۾ اندازو ئي ڪونهي! انهن روايتي طريقن جي ڪري، ڪڏهن ٽائيم ڪجهه وڌيڪ خرچ ٿيندو هو ۽ ڪڏهن مال وقت تي ميڙي به ڪونه سگهبو هو پر هاڻ سُئي هڻي، چند لمحن ۾ ڍور کي سڱوئڻ/ ڳڙي پوڻ/ ڏُهڻ لاءِ تيار ڪرڻ سان تمام خطرناڪ بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن. ٿورو وقت بچائي، بيماري خريد ڪرڻ ۽  زندگي داءَ تي لڳائڻ ڪٿي جي دانشمندي آهي؟!


مال کي سڱوئڻ  جي انهن روايتي طريقن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
1.       ڦر تي مال ميڙڻ:
هن طريقي ۾ مال کي ڏُهڻ وقت، مٿس ڦَرُ ڇڏبو هو. ڦر جي ڌائڻ سان، ڍور ڀٽارو منٽن ۾ سڱوئجي ويندو هو. جيڪڏهن ڪا کٽر نه سڱوئبي هئي ته ڦر کي لڪائي، ماهر ڀاڳيا ڦر جو آواز ڪندا هئا ته “ماءُ” ويچاري ڍِڪي ڦَرَ کي سڏيندي، ڏُهائيءَ لاءِ تيار ٿي ويندي هئي.
2.       ڀاڙي وارو طريقو:
ڪي ڍور وري ڀاڙي تي ڏُهائي ڪرائيندا آهن/هئا. جيئن ڪي آفيسر ۽ سندن اسٽاف، رشوت کانسواءِ ڪم ڪرڻ کان پيو ڪيٻائيندو آهي ۽ پڙ ڪڍي بيٺو هوندو آهي. اهڙيءَ طرح  ڪي ڍور، گاهه جي ڀريءَ، مانيءَ جي ٽڪر، بُههَ، کڙَ جي رشوت/ ڀاڙِ تي ڏهائي ڪرائيندا آهن.
3.       ونگ ڏيڻ:
ڪن جانورن کي ونگ ڏيئي، پيرن/ ڄنگھن ۾ رسو ٻڌي، ڏُهبو آهي. وڌيڪ کٽر هجڻ جي صورت ۾ چئني پيرن ۾، پر عام حالتن ۾ پٺين ٻن پيرن ۾ ونگ ڏيئي، ٿڻن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي، هٿ گهمائڻ سان، ڍور سڱوئي  ڏُهي وٺندا آهن.
4.       اکيون ٻڌڻ:
هن طريقي ۾ کٽر مال کي، اکين تي پٽي ٻڌي  ڏُهبو آهي. جيئن نارَ يا گهاڻي ۾ وهندڙ اٺ يا ڍڳي جون اکيون ٻڌي، سندس ڌيان ٻئي پاسي وڃڻ کان بچائي، ڪبو آهي. مال پاران به کير لاهڻ لاءِ يڪسوئيءَ جو هئڻ لازمي آهي. هن طريقي سان مال، آس پاس ڪجهه نه ڏسڻ جي ڪري، نسبتًا ڏهائي لاءِ جلد تيار ٿي ويندو آهي.
5.       سَڱوءَ ڏيڻ:
اوھ تي/ آخري وڏن ٿڻن تي، مسلسل هٿ گهمائڻ سان، ٿڻ گرم ٿيڻ تي به ڪي ڍور جلدي سڱوئجي ويندا آهن. ان طريقي کي سـڱوءَ ڏيڻ چئبو آهي.
6.       سيڪو ڏيڻ:
ڍور جا ڪن نوڙيءَ يا رسي ذريعي سڱن سان ٻڌي، رسي تي پاڻي هاربو آھي ته ڪن کي ڇڪ ۽ مال کي تڪليف ايندي آھي. ان سان به مال ڏُهائيءَ لاءِ تيار ٿئي ٿو.
7.       وقت يا پهر وڌائڻ:
ڪانگهارو/ وهڪيل ڍور، صبح ۽ شام/ چوٿين پھر ڏهڻ بجاءِ، هڪ وقت تي يعني اٺين پھر ڏهڻ سان به جلد ڳڙي پوندو آهي.
8.       هَٿَر ڪرڻ:
ڍور کي هٿ سان ماني يا ڪا ٻي شيءِ کارائي به ڏهڻ تي هيرائبو آهي. جيستائين ڪا شيءِ هٿ سان نه کارائبس، اوستائين ڏُهڻ نه ڏيندو.
9.       گوهو ڏيڻ:
ڪي جانور، ڏُهڻ وقت ٻوٿ/ منهن ڏوهي ڏانهن ڪندا آهن. ڏوهو، سندس وات يا منهن ۾ گوهو هڻندو ته مال پيو گوهي وارو کير چٽيندو. پوءِ اها مال جي عادت ٿي ويندي آهي. ان تي به سڱوئيل رھندو.
10.   بوتو ٺاهڻ:
ڪڏھن ڪڏھن مال کي مئل ڦر ڄمندو آھي يا ڄمڻ کانپوءِ ستت مري ويندو آھي. ان حالت ۾ ماءُ جي حالت خراب ٿي ويندي آھي ۽ ڏھائڻ کان پڙ ڪڍي بيھندي آھي. اھڙي صورت ۾ مئل ڦر جي کل لاهي، منجھس بُهه ڀري، بوتو ٺاهي، ماءُ آڏو رکبو آھي. مال کي ان دوکي سان به ڏهي وٺبو آهي.
مال کي ڏهڻ کان اڳ ڍؤ ڪونه ڏبو آهي. ٿورو بکيرو مال، آسانيءَ سان ڏُهائي ڪرائيندو آهي. ڏهڻ کانپوءِ مال کي ڀاڙو/ کاڌو ڏبو آهي. ڀاڙي جي آسري مال جلد مڙندو آهي.
جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به طريقي سان ڍور “راهه راست” تي نه اچي ته پوءِ ڀاڳيو بيزار ٿي وجهندو هو لٺ ۾ هٿ. لٺ جي زيپٽ تي به مال سڌو ٿي ڏهائي لاءِ تيار ٿي ويندو هو.
اهي هئا اهي روايتي طريقا جيڪي اسان وٽ صدين کان مروج هئا. انهن ۾ ٿوري تڪليف ۽ ڪجهه وقت ته وڌيڪ لڳندو هو پر انجيڪشن واري صحت دشمن طريقي مان جان ڇٽل هئي.
ڀاڳيا محمد موسى ڪيريو، غلام قادر ۽ اسدالله شاهپور چاڪر وارو، امير بخش ڪنڀر “ماستر” ڪوٽ نواب وارو ۽ محمد حسين “بابلي نظاماڻي” سانگهڙ وارو، حال اوريندي ٻڌائين ٿا؛ “انجيڪشن ذريعي ڏڌل کير پيئڻ سان، فائدي بجاءِ بيماريون پيدا ٿين پيون.”
ماڻهو سوچين ٿا ته؛ شايد کير ۾ طاقت نه رهي آهي. کير ۾ اڄ به طاقت آهي. شرط اھو آھي ته مال کي صحت بخش طريقي سان ڏهجي. هاڻ ته هٿ يا چيچ سان ڏهڻ بجاءِ ماڳهين مشينون استعمال ٿي رهيون آهن. انهن روايتي طريقن کي ڇڏي، اڄڪلهه مال سڱوئڻ ۽ کير وڌائڻ لاءِ انجيڪشن جو استعمال عام جام آهي، جنهن سان ماڻهن ۽ مال جي صحت تي ڪيترائي خطرناڪ اثر مرتب ٿي رهيا آهن ۽ بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن.
11.   جانورن تي اثر:
جانورن کي سڱوئڻ لاءِ لڳندڙ سئيءَ لاءِ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته؛ “اها ويم دؤران عورت کي لڳڻ سان ويم ۾ آساني ٿئي. ان جي لڳڻ سان لڱ ساڻا ٿي وڃن ٿا. هي هارمونل انجيڪشن آهي، جنهن جي لڳڻ سان پيدائش جو سڄو نظام حرڪت ۾ اچي ٿو ۽ کير به ٿڻن ۾ لهي اچي ٿو. پر ان سان جانورن کي ڪيترائي نقصان ٿي رهيا آهن. سئي لڳائڻ بعد جانور جو سڄو کير لاهڻ ڪري پوئتي ڦر لاءِ ڪجهه نه ٿو بچي.”
مزي جي ڳالهه ته ڪڏهن  سئي موجود نه هجڻ وقت، خفتي ڀاڳيا خالي سئي هڻي ڍور کي سڱوئي وٺندا آهن. سئيءَ سبب مال جي سُنُ ٿي، وقت کان اڳ ويم ڪرڻ ڪري ڦَرُ پوري عمر جو نه هجڻ ۽ ڪمزور ھئڻ سبب، جلد مري وڃي ٿو.
ڀاڳين ۽ ڊاڪٽرن جي بقول ته؛ “کير وڌائڻ واري انجيڪش، مال جو ڪيلشيم ڳاري ٿي، جنهن سان هڏا ڳرڻ سبب جانور ڪمزور ٿئي ٿو ۽ ان جي عمر گهٽجي ٿي.”
مثال طور؛ مينهن جي عمر عام طور تي 20/22 سال ٻڌائي وڃي ٿي. جيڪا تقريباً ڏهه ٻارنهن دفعا ويامندي آهي. اندازًا پاڏي/وڇ ٽن سالن ۾ مينهن ٿي وڃي ٿي، جيڪا ڏهن مهينا ۽ ڏھ ڏينهن بعد ويامندي آهي. سئيءَ جي هيراڪ 9 مهينن ۾ ئي ويامي پوندي آهي. جنهن سبب ڦر ڪچا ۽ غيرصحتمند هئڻ ڪري جلد مري ويندا آهن. جنهن سان مال جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي.
12.   انسانن تي اثر:
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٿوري آسانيءَ خاطر ۽ ڪجهه وڌيڪ کير حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ روايتي طريقا ترڪ ڪرڻ بجاءِ انهن تي ڌيان ڏجي، جنهن ۾ مال ۽ ماڻهو، ٻنهي جي ڀلائي ۽ بهتري آهي. جيئن اڄ سڄي دنيا اندر ڀاڄين ۽ ميون ۾ پيسٽيسائڊ استعمال ٿيل يا نه ٿيل هجڻ جي ڪري، انهن جا الڳ الڳ اگهه مقرر ٿي رهيا آهن. ڪٿي ائين نه ٿئي ته اسان به ڪجهه عرصي کان پوءِ خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ بعد، “سئيءَ وارو کير” يا “بغير سئيءَ وارو کير” جو اصطلاح استعمال ڪريون.
ان سلسلي ۾ حڪومت کي هن اهم مسئلي ڏانهن به فورًا ڌيان ڏئي، سئي جي استعمال تي پابندي هڻي، ڪنهن ٻئي صحت بخش ۽ بهتر متبادل/ حل لاءِ سوچڻ گهرجي. اها سئي جڏهن ايتري قدر خطرناڪ طريقي سان کير تي  اثر انداز ٿي سگهي ٿي ته پوءِ ان جا گوشت تي ڪيترا اثر پوندا هوندا، ان تي به تحقيق ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
چوپايي مال جو، ملڪي زراعت ۾ 52.5 سيڪڙو حصو آھي ۽ مجموعي ملڪي پيداوار ۾ 11 سيڪڙو حصو آهي. جڏهن ته سنڌ کير ۽ گوشت جي لحاظ کان ملڪي ضرورت جو 26 سيڪڙو پورو ڪري ٿي. ان کي خطرناڪ اثرن کان بچائڻ لاءِ حڪومت کي فوري طور قدم کڻڻ گهرجن.

No comments:

Post a Comment