Saturday, March 26, 2011

ذاتي رکون - نواز ڪنڀر


ذاتي رکون 
پکين ۽ جانورن جون پناهه گاهون ٿي سگهن ٿيون



نواز ڪنڀر
سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جيتري مختلف خطرن ۾ گهيريل آهي، اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. حڪومت ڀلي ڪيتريون ئي دعوائون ڪري پر عملي طرح ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي. اين جي اوز به نالي ماتر، پاڻ ڳڻائڻ ۽ وڻائڻ خاطر ڀلي ڪيتريون ئي سٺيون “پريزنٽيشن” ڇو نه پيش ڪن پر اهي به ڪجهه نٿيون ڪن. جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ جيڪڏهن ڪجهه ٿي رهيو آهي ته اهو پرائيويٽ طور، ذاتي رکن ۾ ئي ٿي رهيو آهي. پيرن، ميرن، زميندارن ۽ ٻين وڏن ماڻهن جون، پنهنجي پنهنجي خيال ۽ حساب سان رکيل ذاتي رکون ئي پکين ۽ جانورن جي بچاءَ جو وڏو ذريعو وڃي بچيون آهن. جيتوڻيڪ پکين ۽ جانورن جو وڌ کان وڌ شڪار به عام ماڻهو توڙي وڏا ماڻهو ئي ڪن ٿا. اهو الڳ بحث آهي ته وڌيڪ شڪار وڏا ماڻهو ٿا ڪن يا عام ماڻهو. هڪڙي ڳالهه واضح آهي ته مشڪل سان ئي ڪنهن عام ماڻهوءَ، پکين جي بچاءَ لاءِ ڪجهه ڪيو هوندو. ان جاءِ تي انهن عام ماڻهن ئي، جهنگلي جيوت کي نقصان وڏن ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ پهچايو آهي. جڏهن ته وڏن ماڻهن جون ڪيتريون ئي رکون، اڄ به جهنگلي جيوت جون پناهه گاهون آهن. جهڙوڪر هاڻي اهو طئي آهي ته جي جهنگلي جيوت کي بچائي سگهجي ٿو ته انهن پرائيويٽ رکن ۾ ئي بچائي سگهجي ٿو. اهڙين پناهه گاهن ۾ پير صاحب پاڳاري جون، ناري پاسي واريون رکون ۽ مهاڙيون، تحفظ ۽ بچاءَ جي لحاظ کان، مڙني کان وڌيڪ ۽ مثالي حيثيت جون حامل آهن.


پير صاحب، 1952ع کان گادي بحال ٿيڻ بعد، پاڻ  جتي لوڙهن ۾ قيد بي گهر ٿيل حرن کي وزارت عظمى ۽ وزارتِ اعلى تائين پهچايو، اتي  سندس جي ڪري جهنگلي جيوت کي به تحفط ۽ امان مليو. سندن شڪار لاءِ مخصوص ڪيل شڪارگاهن ۾، جن کي مهاڙيون ۽ رکون به سڏبو آهي، نه صرف ڦاڙها ۽ تتر بچي سگهيا، بلڪ ٻين ڪيترن ئي جانورن ۽ پکين به تحفظ حاصل ڪيو آهي. سنڌ جي ٻين پيرن، زميندارن ۽ “وڏن ماڻهن” وانگر پير صاحب پاڳاري جون به ڪيتريون ئي مهاڙيون آهن، جن ۾ سعيد آباد، چونڊڪو، کپرو، ڪيٽي پير پاڳارو، جوڳين واري ڀٽ (اڳوڻي ايم پي اي حاجي پير بخش جوڻيجي جي رک)، کنڀرو، اسماعيل راڄڙ، کينهواري وغيره  شامل آهن. ان کان علاوه خليفي علي غلام نظاماڻي جي سنڀال هيٺ رهندڙ پڪسري کان مٿي واري ڪٽ، جيڪا پوءِ درويش صفت خليفي سومر فقير مهر ۽ محمد اسماعيل فقير مهر جي سنڀال هيٺ رهي. اها رک ڦاڙهي جي جُوءِ جي حوالي سان مثالي هئي پر چوٽياري ڊيم، جهنگلي جيوت جي ٻين ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ سان گڏ، ان ڪٽ ۽ آجي جي دڙي واري رک کي به ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو. اسماعيل فقير مهر، جيڪڏهن پنهنجو اثر استعمال ڪندي، هڪ ٻن سالن لاءِ جيڪڏھن شڪار تي راڄوڻي پابندي لڳرائي يا غيرقانوني شڪار ٿيڻ نه ڏئي ته پکين ۽ جانورن کي بچائي ۽ وڌائي سگهجي ٿو.
ناري واري پاسي، پير صاحب جي مهاڙين ۽ ٻين جي رکن ۾ فرق هيءُ آهي ته ٻين جي مهاڙين ۾ جانورن ۽ پکين کي ايترو تحفظ نٿو ملي. ٻين جي مهاڙين ۾ جهٽڙيا، ڪٿي ڏنڊي جي زور تي ته ڪٿي ياري دوستيءَ ۾، جهنگلي جيوت تي هٿ صاف ڪري ويندا آهن. پير صاحب جي مهاڙين ۾ جي اهو ڪم ٿيندو به هوندو ته تمام گهٽ ۽ گهڻي رازداريءَ ۽ لڪ  ڇپ ۾. ڪنهن کي جرئت ناهي ته ڪو اتي وڃي بندوق سڌي ڪري. انهن  رکن ۾ ڪنهن ٻئي کي شڪار جي اجازت ناهي هوندي. پير صاحب کي ٽائيم نه ملڻ سبب، اهي رکون سالن کان بندوقن جي ٺڪائن کان محفوظ رهنديون آيون آهن. جانور ۽ پکي کائي پي، مثالي حد تائين سگها ٿي ويا آهن. جيئن اوڍ واري علائقي ۾ سدائين نشان تي/ سدائين امتحان ۾ رهندڙ ورياماڻي طريقي جي مُک خليفي وريام فقير خاصخيلي ۽ فقير نور حسن ورياماڻي جي محنتن سان، تترن واري رک ۾ تتر کائي پي هلڻ کان به هلاڪ ٿي ويا آهن. شايد ڪو هن ڳالهه کي وڌاءُ سمجهي پر هيءَ حقيقت آهي. اوڍ ۾ تتر ايترا ته وڌي ويا آهن ۽ ماڻهن سان هري مري ويا آهن، جو گهرن ۾ ڪڪڙن وانگر پيا گهمندا آهن. تترن واريون هي رکون، ناري تي ڪرنل موريءَ کان اوڍ موري ۽ اتان چوٽياري ڊئم کان زيرو پوائنٽ تائين پکڙيل آهن. ساڳيو حال ڦاڙهن جو به آهي. ڦاڙهن کي به جي ڪٿي وڌ کان وڌ، تحفظ  آهي ته اهو به خليفي وريام فقير خاصخيلي جي ناري کان اڀرندي، اوڍ موريءَ کان مٿي واري رک ۾ مليل آهي. ڦاڙهن واري رک، مخدوم آف هالا جن جي به، ناري کان اڀرندي اوڍ موري کان اوڀر ڏکڻ ڊيم سان لڳو لڳ آهي. ڦاڙهن جي واڌ ويجهه ان تحفظ ڪري ئي ٿي رهي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن پناهه گاهن کان ٻاهر نڪرڻ تي ڪي ڦاڙها “پنهنجن” ۽ “پراون” شڪارين جي ور چڙهي وڃن ٿا.
پير صاحب جي مريدن ۾ ڪي اهڙيون جايون به آهن، جتي پکي پيراڻا ڪرڻ سبب، سک جو ساهه کڻي رهيا آهن. ڳوٺ ڪانڊيرو وساڻ ۾ مور پيراڻا  ٿيڻ ڪري آزاديءَ سان گهمندا وتندا آهن. پر مار پوي پيسٽيسائڊ تي، جنهنڪري هو ٻنين ۾ چڳڻ بعد، ڪڏهن ڪڏهن موت جي منهن ۾ به هليا ويندا آهن. (پير صاحب جي شڪار جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن ٻرهوڻ جي ڀاڻوجي عالم لوڌائي، ڪانڊيري وساڻ جي سوائي وساڻ، تڙ واري شڪار جي خفتين پرچي ڏنو شڪاري، مصري ماڇي، پٺاڻ ماڇي کان احوال ۽ خبرون ٻڌيون هونديون ته ان کي شڪار جي مووي به مزو نه ڏيندي.) اهڙن مثالن جهڙا ٻيا به ڪيترائي آهن. جن مان واضح ٿئي ٿو ته هينئر جڏهن هر ڪنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي ۽ ڪوبه جهلڻ پلڻ وارو ناهي، شڪار کاتي جا ملازم هٿين خالي ۽ پيادل هجڻ سبب، سڃن چور شڪارين توڙي گاڏين ۽ بندوقن وارن با اثر شڪارين کي ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، ان وقت جهنگلي جيوت کي پير صاحب ۽ انهن جهڙن ٻين ماڻهن جي ڪري تحفظ ۽ پناهه ملي رهيو آهي. ان کان علاوه پير صاحب ڪيترن ئي موقعن تي وڻن جي غير قانوني ۽ اجائي واڍيءَ کي به ناپسند ڪيو آهي. جيئن پاڻ ڏڏر واري تاريخي مسجد ڀرسان ڪنڊيءَ جي واڍي کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هئائون. غير جانبداريءَ سان جائزو وٺبو ته پير صاحب جي ڪري ڪيترائي جانور ۽ پکي قدرتي ماحول ۾ سک جو ساهه کڻي، نسل وڌائي رهيا آهن.
جي اهو ڏسجي ته جهنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ  ڪروڙين، اربين روپين جون بجيٽون رکندڙ حڪومتي ادارا توڙي اين جي اوز ڪيترو ڪم ڪيو آهي؟ ته پڪ سان انهن کي ندامت جو منهن ڏسڻو پوندو. اسان عوامي نمائندن ۽ سياسي اڳواڻن کي عرض ڪنداسين ته هو پارٽي آرگنائيز ڪرڻ جي حوالي سان جتي به وڃن، ووٽرن سان گڏ پکي پکڻ ۽ جيت جڻين جي حقن جو به خيال ڪن. جتي ممڪن هجي اتي تعلقي ۽ يونين سطح تي ٻن چئن ايڪڙن جون ئي سهي، نيون رکون رکائين. وڻن لڳائڻ ۽ سنڀالڻ جي به تلقين ڪن. وڻ به پکين جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان کانسواءِ سرحد پار کان ايندڙ جانورن توڙي  پرديسي پکين جي مهمان نوازيءَ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن. پکين  کي وڌيڪ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
وڻن جي واڍي عروج تي پهچڻ ۽ ختم ٿيندڙ ٻيلن سبب، بي زبان پکي ۽ جانور بي گهر ۽ دربدر ٿي نسل ۽ وجود وڃائي رهيا آهن. ان وقت پير صاحب ۽ ٻين پير صاحبان يا زميندارن جون پرائيويٽ ۽ ذاتي رکون ئي، انهن بي زبانن جي آخري اميد ۽ سهارو آهن. باقي گورنمنٽ ۽ اين جي اوز جي آسري رهياسين ته ڀينگ ٿي ويندي. ٻين وڏن ماڻهن کي به گهرجي ته اهي پير پاڳاري، ملڪ اسد سڪندر صاحب، خيرپور جي هزهائنيس مير صاحب توڙي گهوٽڪي جي مهر سردارن وانگر، رکون رکن ته قدرت جي ڏنل هن سونهن ۽ انساني بقاءَ لاءِ بنيادي حيثيت رکندڙ جهنگلي جيوت کي تحفظ ڏيئي سگهجي ٿو.


No comments:

Post a Comment