Friday, November 29, 2019

سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم يا ھنر


ڪنڀارڪي ھنر جي اھميت
موسيٰ ڪنڀر
Image result for necessity of pottery work in pakistanارتقائي طور انسان جڏهن غارن جھنگلن کي ڇڏي پاڻي جي پيچرن ڀرسان گھر اڏي پاڻ ۾ ملي جلي ويٺو ته تهذيب جي ارتقا شروع ٿي، پهرين هن ڪچا ۽ پوءِ پڪا گھر اڏيا، حملي کان بچڻ لاءِ ڪاٺ جا هٿيار ۽ ٻني جي کيڙڻ لاءِ هر ۽ پاڃاري ٺاهيا. اناج رکڻ لاءِ گنديون، ماني پچائڻ لاءِ دانگي ۽ ٻوڙ رڌڻ لاءِ ڪني ۽ ٿڌو پاڻي رکڻ لاءِ گُندي ٺاهي. اهڙي ريت واڍڪي، رازڪي ۽ ڪنڀارڪي ڪم اهميت ورتي. مطلب ته ڪنڀارڪو ڪم ايترو پراڻو آهي جيتري انسان جي تهذيب. هن ڪم جا ۱۲ هزار سال آڳاٽا نشان چين مان لڌا ويا، جيڪي چڪ بدران هٿ سان ٺاهيل آهن، (چائنا آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۲۰۰۰ع). ۸ هزار سال مهر ڳڙهه ۽ سنڌ جي آمري واري دڙي وٽان هٿ سان مٽي جا ٺاهيل ٿانو لڌا ويا آهن، جڏهن ته عراق ۾ ۴۰۰ ق. م جي دور جو چڪ هٿ آيو، عراق کانپوءِ اهو هنر ايران آيو جتي چڪ جي ڪجهه جديد صورت ٺهي، مصر ۾ به ڪنڀارڪا ٿانو ۽ انهن کي پچائڻ لاءِ آوي هٿ آئي. ايران وٽان بلوچستان ذريعي سيوهڻ ۾ ڪنڀارڪو هنر پهتو، جيڪو اپر توڙي وچولي سنڌ، لاڙ، ٿر، ڪڇ ۽ گجرات جي مارواڙ علائقي ۾ پهتو.

Monday, November 25, 2019

نفسياتي مسئلا ۽ انھن جو حل - ھمير گاد


نفسياتي مسئلا ۽ انھن جو حل
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
سوال: آئون گذريل هڪ مهيني کان شديد ڊپريشن جو شڪار آھيان. مون کي جنهن ڇوڪريءَ سان پيار هو ان منهنجي محبت ۾، منهنجي دشمن سان شادي ڪري ڇڏي. چيائين؛ ”جڏھن تباھ ئي ڪرڻو آ ته پنهنجي عاشق کي ڇو ڪريان، ان جي دشمن کي ڇو نه ڪريان. جڏھن ته ان جي مڙس جي پهريان به شادي ٿيل آھي.؟ (سڻڀو گيھ)
جواب: اوهان روزانه ٽي وقت گوري ”جي سوريا“ کائيندا ڪريو سال پورو کائيندا رهو جيڪڏھن ڊوز توهان کي فائدو نه ڏي ته ان کي ۲ سال تائين کائو فائدو ٿي ويندو. جيڪڏھن ۱۰ سيڪڙو به فائدو نه ٿئي ته رات جو سمهڻ کان بعد ۾ ۵۷۰ ڀيرا شيلا ڪي جواني پڙهي محبوبه جي مڙس جي گهر ڏي منهن ڪري شوڪاريندئو ته پڪ ئي پڪ اوهان جو ٻيڙو هميشه لاء ٻُڏي ويندو.

اچو ته گرامر سکون - دريا خان شنباڻي


اچو ته گرامر سکون
طنز مزاح
دريا خان شنباڻي
Image result for ‫دانائی معنی‬‎اسان کي ننڍي هوندي پنهنجي انگريزيءَ جي استادن گرامر پڙھائڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به “گرام” ۾ ڪو نه اچي سگهياسين. انهن ٽئي زمان به پڙھايا، پر اسان کي گرامر سمجهڻ لاءِ شايد زمانا درڪار هئا، پر پوءِ به استادن کي شابس، جو ڪا ڪسر نه ڇڏيائون ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون ته من اهڙا سڀاڳا ڪنهن مقام تي پهچي سگهن پر اسين ٽنهي زمانن مان نڪري الائي ڪهڙي “مڪان” تي پهتاسين. اسان کي استادن اهو به ٻڌايو ته ايڪٽو وائيس ۽ پيسِو وائيس ڇا آھي ۽ لکي به ايندا هئاسين پر آخر تائين ان جو اصل مقصد سمجهي نه سگهياسين. استاد چوندا هئا ته “مان لکان ٿو” واري جملي کي پيسِو وائيس ۾ تبديل ڪريو ته اسين کيس “مون کان لکرايو ويو” لکي ڏيکاريندا هئاسين، ته استاد شاباش به ڏيندا هئا. پر جي انهن ڏينهن ۾ استاد اسان کي اهو جملو “مون شادي ڪئي” واري جملي کي “منهنجي شادي ڪرائي وئي” لکرائين ها ته اڄ شايد هي در در ڀٽڪڻ واري نوبت نه اچي ها. “مون شادي ڪئي” واري جملي کي هيئن لکون ها ته “استاد سائين! منهنجي شادي زوري ڪرائي وئي”.

مطالعي بابت عظيم ماڻھن جا ويچار - ھمير گاد


مطالعي بابت عظيم ماڻھن جا ويچار
ھمير گاد
مطالعو انسان جي لاءِ اخلاق جو معيار آھي. (ڊاڪٽر علامه اقبال)
خراب صحبت کان تنهائي سٺي آھي. ليڪن تنهائيءَ کان پريشان ٿيڻ جو انديشو آھي. ان لاءِ سٺن ڪتابن جي مطالعي جي ضرورت آھي. (امام غزالي)
ورزش سان جسم مضبوط ٿيندو آھي. ساڳيءَ ريت مطالعي جي، دماغ لاءِ اها ئي اهميت آھي، جيڪا ورزش جي، جسم لاءِ. (ايڊيسن)

عطائي ڊاڪٽر - ھمير گاد


عطائي ڊاڪٽر
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
جيئن پکين ۽ دوائن جا قسم ٿيندا آھن، ائين ئي ڊاڪٽرن جا به قسم ٿيندا آھن. هڪ سٺا ڊاڪٽر آھن جيڪي خلقِ خدا جي خدمت، بغير ڪنهن لالچ جي، ڪري رهيا آھن. ٻيو اچانڪ ڊاڪٽر آھن. اچانڪ ڊاڪٽر اُهي آھن، جن کي ڪو ئي سڏ ڪري چوي؛ ”او ڊاڪٽر! ڪهڙا حال اٿئي.“ ڪجھ وقت ته اهو ھمراھ سوچ ۾ پئجي ويندو ته ”وڏي ڳالھ آ! مان ڊاڪٽر آھيان! مون کي پاڻ کي ئي خبر ناهي.. پر مان ڊاڪٽر ڪڏھن ٿيس، منهنجي ته ڪيمسٽريءَ ۾ ڪمپيوٽر ڊپلوما ٿيل آھي.“ ۽ ٽيون وري اهي ڊاڪٽر آھن، جن کي عطائي ڊاڪٽر يا ڪاسائي ڊاڪٽر به چيو ويندو آھي.

Sunday, November 17, 2019

ٻارھن مھينن جا نالا - راڻا محمد شاھد - يوسف جميل لغاري


 ٻارھن مھينن جا نالا 
راڻا محمد شاھد/ يوسف جميل لغاري

جنوري:
عيسوي سال جي پهرين مهيني جو نالو، روم جي هڪ ديوتا (Janus) جي نالي تان اخذ ڪيل آهي. جانس ديوتا بابت اهو چيو ويندو آهي ته هن جي عبادت صرف جنگ دوران ڪئي ويندي هئي، امن ۾ نه. هن ديوتا کي ٻه مٿا هئا جن سان هو هڪ ئي وقت سامهون ۽ پوئتي ڏسي سگهڻ جي صلاحيت رکندو هو. جيئن ديوتا جانس ان هڪ ئي وقت اڳتي توڙي پوئتي نهاري سگهي ٿو، جنوري جي مهيني ۾ به انسان به گذريل سال توڙي نئين سال سوچ ويچار ڪري سگهي. چيو وڃي ٿو ته لفظ جنوري لاطيني ٻولي جي لفظ جنوا (Janua) مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي دروازا. ايئن هن مهيني جي نالي جي مناسبت سان معنيٰ ٿي “سال جو دروازو” هي مهينو ۳۱ ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي.