Wednesday, May 8, 2019

گنجا فرشتا - قاسم ڪيهر


گنجا فرشتا
قاسم ڪيهر
وڏڙن جو چوڻ آهي ته، ”گنجو هجڻ خوشحالي ۽ دولتمنديءَ جي نشاني آهي.“ جڏهن ته اسان جو هڪ دوست ان ڳالهه تي پريشان آهي ته هو ڏينهون ڏينهن گنجو ٿيندو ٿو وڃي، پر دولت جو ته سندس زندگيءَ ۾ پري پري تائين ڪو نالو نشان ئي ناهي. رهندو سُڃائپ سندس مٿي جي وارن جو رهيو کُهيو ڦُندڻ به ڦِٽائڻ جي ڪڍ آهي.


“گنجائپ دولت جي نشاني آهي”، وڏڙن جي اها ڳالهه ان ڪري به سچ لڳندي آهي ته اسانجي پياري عادل عباسيءَ جڏهن گذريل عيد تي ريڊيو جي لاءِ ڊرامو پئي لکيو ته کيس ايتري ته وقت جي ڪمي ۽ تڪڙ هئي جو کيس مٿي کنهڻ جي به واندڪائي نه پئي ملي ۽ مٿي نه کنهڻ جو نتيجو؟ توهان صاف صاف، بلڪه بلڪل صاف سمجهي سگهو ٿا ته جڏهن پياري عادل عباسيءَ کي مٿي کنهڻ جو خيال آيو تيستائين جهار فصل کائي چڪي هئي ۽ عادل ڊرامي لکڻ مان فارغ ٿيڻ سان گڏوگڏ فارغ البال به ٿي چڪو هيو.
ڪجهه دونمبري گنجا به ٿيندا آهن، جيڪي دولتمندن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ گنجا ٿي ويندا آهن. اهڙن دونمبري گنجن جو وار وار قرض ۾ ڪارو لڳو پيو هوندو آهي، جنهن جي فڪر ۾ هنن جا وار ته ڇڻي پوندا آهن پر قرض جو ڍير ساڳيو سندن مٿي تي هوندو آهي. اسان جي پروڊيوسر دوست عابد ڪاظميءَ جو چوڻ آهي ته وار خوبصورتيءَ سان گڏ حجمن جي رزق ۾ اضافي جو به سبب هوندا آهن، تڏهن ته پاڻ به اٺين ڏينهن شيخ زيد ڪالونيءَ جي روڊن تي ڪرسي رکي ويٺل حجمن کي وار ڪترائڻ لاءِ ڳوليندو وتندو آهي.
چوندا آهن ته پهلوان ۽ سپاهي جي مٿي جا وار ان ڪري به ننڍڙا هوندا آهن ته جيئن دشمن هن جي وارن ۾ هٿ وجهي هن کي هيٺ نه ڪيرائي سگهي. شايد ان ڪري ئي اسان جي هڪ عاشق مزاج پروڊيوسر دوست پنهنجو مٿو وارن سميت سڀني سوچن ۽ قدرن کان خالي ڪري ڇڏيو آهي. اڄوڪي دور ۾ هڪ پاسي مرد وارن وڌائڻ جي چڪر ۾ طفيل سنجراڻي ٿيڻ جي ڪوشش پيا ٿا ڪن ته وري ٻئي پاسي عورتون وارن ڪٽائڻ ۾ عافيت ٿيون سمجهن. اڪثر عورتون پنهنجي مٿي جا وار پنهنجي ٻارن کان وڌيڪ سنواري ٿيون رکن، مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نجي زندگي ۾ ڪم ڪرڻ واريون عورتون يعني ورڪنگ وومين، پنهنجي ڪلهي کان وڌيڪ پنهنجي وارن کي وڌيڪ ترجيح ڏينديون آهن. ترقي پذير ملڪن ۾ عورت جيڪڏهن مرد سان گڏ آفيسن ۽ اسڪولن ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪري ٿي ته ان کي عورت جي عظمت سمجهيو ٿو وڃي، پر جيڪڏهن ڪو مرد عورت سان بس ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سفر ٿو ڪري ته ان کي مرد جي هلڪڙائپ جي علامت ٿو سمجهيو وڃي. وڏن شهرن ۾ هڪ سروي مطابق ڪٽيل وارن وارين عورتن جون شاديون دير سان ٿيون ٿين، ڇو ته انهن کي ڪنهن مرد کي پنهنجي زلفن جو اسير بڻائڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائپ پيش ٿي اچي.
اسان وٽ گهڻي قدر گنجن ماڻهن کي دولتمند ته سمجهيو ويندو آهي، پر ان سان گڏ انهن کي ڏاڍو محنتي، ذهين ۽ شريف النفس به سمجهيو ويندو آهي. يعني انسانن ۾ گنجو فرشتو. ان ڪري ئي ڪجهه معزز عورتون فرشته صفت ٿيڻ لاءِ پنهنجا وار مؤنث مان مذڪر ڪرائي ڇڏينديون آهن. بهرحال! اچون ٿا گنجن فرشتن جي ذڪر ڏانهن، ته بقول اسان جي هڪ گنجي دانشور دوست جي، “مردن کي پنهنجي گنجائپ بلڪل نه لڪائڻ گهرجي، ڇو ته گنجائپ خوشحالي، دانشمندي، شريف النفسي ۽ فارغ الباليءَ سان گڏوگڏ مرداڻي حشمت جي نشاني به سمجهي ويندي آهي، ڇو ته اها به هڪ اهڙي خوبي آهي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ عورتن ۾ ته اصل نظر ڪانه ايندي آهي.”
اسان جا هڪڙا ٻه مشهور ليکڪ دوست وارن جي معاملي ۾ بلڪل ايئن نظر ايندا آهن جو هنن کي ڏسندي ئي گهٽين ۾ ٻار رڙيون ڪري چوندا آهن: “اچي ويا فلمي بابا، اچي ويا”. اهي ٻئي اهڙا قلمڪار آهن، جيڪي گنجي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي خوشحال ٿي ويا هيا ۽ هن وقت وڏين ڪرسين تي ويٺل آهن، جتان هو پنهنجي لکڻين کان وڌيڪ پنهنجن اختيارن جو مظاهرو پيا ڪن. ڪجهه دوستن جو چوڻ آهي ته انهن جي لکڻ جي طاقت به انهن جي وارن وانگر رهي آهي ۽ جيڪڏهن انهن جي ٽڪڻ ڪرائي وٺجي ته هو بلڪل ڪانگهارا اديب ٿي پوندا.
اها ڳالهه اسان کي ان ڪري به سچ ٿي لڳي جو انهن مان هڪڙي ويچاري کي ته پنهنجي وارن جي ڇڻڻ جي پريشانيءَ اصل وڪوڙي ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي روز روز نوان چينل پيا کلندا وڃن ته ٻئي پاسي هن جا وار پيا ڪرندا وڃن. اهڙي هڪڙي اديب ۽ ڪرندڙ وارن واري گنجي فرشتي کي ڏسندي اسان جو دوست صمد ڀٽي ته تڪڙ ۾ ڊبل شيشن واري عينڪ لڳائي ڇڏيندو آهي ته جيئن هن جو ڪو سڪيلڌو وار نه هن جي آرٽسٽڪ اک ۾ پئجي وڃي.
آخر ۾ ڳالهه ڪيون گنجن فرشتن جي فائدي جي ته، ڪجهه مغز ماري ڪندڙ چاڪليٽي دانشورن چانهه جي اڌ ڪوپ تي چار ڪلاڪ غور ويچار جا بکيا اڊيڙڻ کانپوءِ هڪ ٿيوري ڏني آهي ته شادي شده مرد جيڪڏهن جلدي گنجا ٿي وڃن ته اهو انهن جي حق ۾ تمام گهڻو بهتر آهي، ڇو ته گنجن تي ٻيون عورتون تمام گهٽ توجهه ڏينديون آهن، ان ڪري انهن جو سڄو ڌيان پنهنجي گهر ۾ ئي رهندو آهي.


(قاسم ڪيھر جي فيس بوڪ وال تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment