Saturday, March 26, 2011

ٻوڏ - نواز ڪنڀر


ٻوڏ
نتيجو آهي سياسي ۽ سماجي تبديلين جو
نواز ڪنڀر
ٻوڏون اڳ ۾ به اينديون رهيون آهن ۽ اينديون رهنديون پر هن ٻوڏ جيڪا سنڌين ماڻهن جي رڪارڊ لڏ پلاڻ ڪرائي آهي، ان جا يقيناً ڪيترائي سماجي ۽ سياسي نتيجا نڪرندا ۽ تبديليون سامهون اينديون. ممڪن آهي ته ڳالهه خوني تڪرارن کان مٿي چڙهي قومي مفادن جي ٿيندڙ ڦرلٽ ۽ قبضي تي ختم ٿئي. اهي جھيڙا، جيڪي مال جي ڀيل ۽ زمين جي ننڍڙي حصي تي  قبضي جي ڪري هلندڙ هئا، سي وڏي پئماني تي قومي مفادن جي ٿيندڙ ڀيل تي دنگ ڪن. ننڍڙن ننڍڙن زميني ٽڪرن تي هلندڙ خوني تڪرار، ڪهڙي  خبر ته وڏي پئماني تي ٿيل ۽ ٿيندڙ زميني بلڪ شهرن جي قبضي جي خاتمي تي ختم ٿين! ٿي سگهي ٿو ته اهي سڀ خواهشون ئي هجن ۽ رڳو وڌيڪ دربدري ۽ غربت پلئه پئي، جنهن سبب ڪيترا ئي سماجي مسئلا جنم وٺن. خير، اهي ته ٿيون مستقبل ۾ ٿيندڙ سماجي تبديلين جون ڳالهيون، پر موجوده ٻوڏ خود سياسي ۽ سماجي تبديلي جي ئي نتيجي طور سامهون آئي آهي. حالانڪ ٻوڏون يا ته قدرتي آفتن جي ڪري ايندون آهن يا ماحولياتي تبديلين جي ڪري پر هي  ٻوڏ شايد ان ڪري به ”رڪارڊ“ ٻوڏ ۽ منفرد هجي، جو هي ٻوڏ ۱۹۴۷ع کان پوءِ آيل سياسي تبديلي  جي ڪري آئي آهي! مثال طور هاڻ اسان وٽ هڪ صديءَ جو سڄو رڪارڊ موجود آهي ته ٻوڏ ڪهڙي ڪهڙي سال آئي ۽ ان مان ڪيترو نقصان ٿيو؟ ساڳئي وقت هي ٻوڏ به اسان جي سامهون آهي ته ان مان آيل تباهيون به! اڳوڻين ٻوڏن ايترو جاني ۽ مالي نقصان نه ڪيو هو، جيترو هن ٻوڏ ڪيو آهي ۽ ٻوڏ اڃا به  هلندڙ آهي. قصو خبر ناهي ڪٿي دنگ ڪندو؟ جي ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته اڳين ٻوڏن جي مقابلي ۾ هن مان نقصان وڌيڪ ڇو ٿيو آهي؟ ته ٽي بنيادي فيڪٽر سامهون ايندا؛ آبادي ۾ اضافو ۽ تبديلي، ذاتي لالچ ۽ حرص ۽ ملڪي سياسي نظام ۽ قانون جي حڪمراني ۾ تبديلي. انساني آبادي ۾ اضافي سبب ماڻهن جتي وڌيڪ زمينون آباد ڪيون، اتي وڌيڪ آبادي، درياءَ جي فطري وهڪرن کي نظر انداز ڪري، انهن وهڪرن جي وچ ۾ تقريباً ۲۷ ڪلوميٽرن ۾  آباد ٿي وئي. ساڳئي وقت انساني لالچ  ۽ حرص ۾ بي پناهه اضافي سبب اهي زمينون جيڪي دريا جي فطري وهڪري جون واٽون هيون، اهي آهستي آهستي، ڪچي جي قدرتي ٻيلن مان ڦرنديون، ذاتي ڪيٽين ۾ تبديل ٿينديون ويون. اهي تبديليون نتيجو هيون قانون جي حڪمراني ۽ سياسي نظام ۾ آيل تبديلي جون، جيڪا تبديلي ۱۹۴۷ع کان پوءِ شروع ٿي.


ٿوري دير لاءِ اهو سوچيون ته جي انگريزن واري قانون تي عمل ٿئي ها ته ڇا ڪچو، ڪيٽين ۾ تبديل ٿئي ها؟ ڪچي جي ٻيلن  جي زمين ڪنهن کي  ذاتي طور تي الاٽ ٿي سگهي ها؟ ڀلي کڻي سرڪار انگن اکرن ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڪچي جي زمين هيتري هئي ۽ ان مان  رڳو هيتري الاٽ ٿي آهي. ڳالهه صحيح هوندي پر اسان وٽ آيل سياسي تبديلي بعد هاڻ مهاڳو، رڳو وڌيڪ قبضي ڪرڻ لاءِ ئي هٿ ڪبو آهي. ان لحاظ کان سرڪاري زمين ڀلي ڪيتري به الاٽ ٿي هجي پر مهاڳي جي نالي قبضي ٿيل زمين، اصل الاٽ ٿيل زمين کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ آهي. زمين تي ٿيل انهيءَ قبضي کي وزير داخلا به مڃيو آهي  ۽ ان جي سبب آيل تباهي کي به. ڇا جيڪڏهن اڳوڻو نظام هجي ها ته بندن جي اها حالت هجي ها؟ ڪچو هيئن الاٽ ٿئي ها؟ هيئن ڪيٽيون ٺهن ها؟ هيئن ڪچي جو ٻيلو ختم ٿئي ها؟ هيئن دريا  جو گلو گهٽي  ڪو سوڙهو ڪري سگهي ها؟  ان جي نتيجي ۾ هيئن آيل تباهي اچي ها؟ ماڻهو ائين در بدر ٿين ها ۽ مرن ها؟ ان ڪري اهو چوڻ ته ٻوڏ قدرتي آفت آهي يا ماحولياتي تبديلين سبب  آئي آهي، صحيح ناهي. اها ٻوڏ واضح طور تي نتيجو آهي سياسي ۽ سماجي تبديلي جو، جن ۾ ڪجهه ماڻهن کي بي پناهه اختيار مليل آهن. جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو ايترا با اختيار نه هجن ها ته ڪٿي ته پنو عاقل  جو نالو به ٻڌجي ها! ڪٿي ته انهيءَ کنڊ جي رڪارڊ اسٽور ٿيڻ جي ڳالهه به ٻڌجي ها! ڪٿي ته ملڪي پاور گيم جي ان اهم کلاڙي جو نالو  به کڄي  ها، جنهن کي علي واهڻ کي ڪٽ هڻڻ واري  ڳالهه ان ڪري واري ۾ نه هئي، جو ان سان کيس ڪيترن ئي قسمن جا نقصان هئا.
جي اڳوڻو سياسي نظام هلندڙ هجي  ها ته  نه سکر ۾  ائين اربين روپين جي کنڊ اسٽور ٿيڻ جون ڳالهيون ٿي سگهن ها، نه پنو عاقل ايترو اهم هجي ها، نه  ئي علي واهڻ بجاءِ ٽوڙي بند ٽوڙيو وڃي ها، نه ڪنهن هڪ فرد جي مفادن جي تحفظ ۽ خواهش جو احترام ڪندي دريا کي سندس اصلي وهڪرن بجاءِ غير فطري رستن تي وهڻ لاءِ ائين مجبور ڪيو وڃي ها. درياءَ جا گس به ائين مقرر ٿيل هوندا آهن، جيئن چوپائي مال جا. جيئن چوپايو مال ٻڌي ڇوڙي وقت، مقرر وقتن تي، مقرر هنڌن تي اچي بيهندو ۽ لنگهندو آهي، ائين دريا به سياري اونهاري ۽ سانوڻي ۾ مقرر هنڌن تان لنگهندو آهي. جي مال کي سندس مقرر هنڌن تي وڃڻ کان، زوري روڪبو ته جي هوندو هيڻو ته هليو هلندو، نه ته رسو ڇنائي ڪندو منهن! پوءِ جيڪو رستي ۾ آيو، ليٽندو ويندو. ساڳي ڪار دريا سان به ڪئي وئي آهي. ايترا سال ته دريا هيڻو هجڻ ڪري هر ڪنهن ان کي پنهنجي مرضي مطابق پئي هڪليو پر هن ڀيري دريا بند ڇنائي منهن ڪيو آهي، ڏسون ڪٿي ٿو دنگ ڪري پر جي ڪجھه ماڻهو سياسي ۽ سماجي تبديليءَ سبب درياءَ کان ڏاڍا ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪن ها ۽ درياءَ کي پنهنجي مقرر رستن ۽ واٽن  تي هلڻ ڏين ها ته هيڏي تباهي هرگز نه اچي ها.
ان ڪري ڏوهه نه درياءَ جو آهي، نه فطرت جو، نه ماحولياتي تبديلين جو. سڄو ڏوهه ان سياسي ۽ سماجي تبديلين جو آهي، جنهن سبب ڪجهه انسان پاڻ کي فطرت کان ڏاڍو سمجهڻ لڳا آهن. هيءَ ٻوڏ انهن کي اهو ياد ڏيارڻ لاءِ  آئي آهي ته سماجي ۽ سياسي تبديلين سبب ٻيو ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو پر فطرت کي نه ٿو بدلائي سگهجي. زمين ۽ ماڻهن  تي قبضو ته ڪري سگهجي ٿو پر فطرت تي نه.
ڪاش! اها ڳالهه انهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي، جيڪي هن ٻوڏ جا، هن تباهي ۽ بربادي جا ذميوار آهن. جي اهي پاڻ کي فطرت کان هاڻ به هيڻو سمجهي وٺن ته شايد هي ٻوڏ، تباهي ۽ بربادي جي لحاظ کان آخري وڏي ٻوڏ بڻجي پوي. ٻي صورت ۾ رڪارڊ ته ٺهندا ئي ڊهڻ لاءِ آهن ۽ شايد هن ڀيري ته اها صدين جي چوڻي به صحيح ثابت  نه ٿئي ته؛ ”ٻڏي جا ٻيڻا ٿيندا آهن“.

No comments:

Post a Comment