شڪاري
ڀيل
ڀٽائيءَ
جي بيتن تي نڪاح پڙهائيندڙ لادين قبيلو
نواز
ڪنڀر
سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ ڪيترا ئي اهڙا قبيلا ۽ ذاتيون رهن
ٿيون، جيڪي پنهنجي اُٿڻي ويهڻي، عادتن، مزاج يا ڪرت وغيره جي حوالي سان منفرد هجڻ جي
ڪري مشهور آهن. اهڙن ئي قبيلن مان هڪ قبيلو/ ذات تعلقي کپري ۾، اڇڙي ٿر جي ڪنڌيءَ تي
به آباد آهي، جيڪو ڪيترن ئي حوالن کان منفرد آهي. پنهنجو پاڻ کي ’شڪاري ڀيل‘ سڏائيندڙ
هن قبيلي کي هندن جي اڪثريت وڏو گوشت کائڻ، ماساتن، ڦڦاٽن، ماروٽن وغيره سان شادي ڪرڻ
۽ ٻين ڪيترن ئي ڳالهين سبب هندو نه ٿي سمجهي. هن قبيلي جا ڪي ڪي ماڻهو رمضان ۾، ڪڏهن
ڪڏهن روزو به رکن ٿا. محرم جي ڏهي ۾ شادي ۽ خوشي وغيره ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا. مردو دفنائين،
هندن وانگر شاديءَ ۾ چونئري ڪرڻ بجاءِ، مسلمانن کان نڪاح پڙهائين ٿا. دلچسپ ڳالهه اها
آهي ته، مسلمان مولوي، هنن جي نڪاح ۾ رڳو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جا بيت
پڙهي، دعا گهريو ڇڏين. هي ڪوشش ڪري مسلمانن کان ذبح ڪرائين، نالا زالين مڙسين، مسلمانن
وارا رکن پر واضح طرح ڪنهن به مذهب ۽ فرقي کان پري رهن. ناري جي پرين ڪنڌيءَ رهندڙ
هي ماڻهو، پير صاحب پاڳاري جي مريدن جي اڪثريت واري علائقي ۾، انهن جي صحبت يا اثر
هيٺ رهڻ سبب، گهرن ۾ پير صاحب جا فوٽو ضرور لڳائين ٿا.