Saturday, March 26, 2011

ڪال ڪڻڇي - نواز ڪنڀر

ڪال ڪڻڇي
(باهه وقت پهرين پهچندڙ ۽ اسر ويل اٿاريندڙ پکي)

نواز ڪنڀر

قدرت انسانن وانگر پکي به ڪيترن ئي منهن مهانڊن ۽ مزاجن جا خلقيا آهن. جيئن ڪي انسان سک جا ساٿي هوندا آهن ته ڪي مهل جا ڪسا هوندا آهن. ڪي بهادر، ڪي چالاڪ، ڪي ڏاها، ڪي اڀرا، ڪي سڀرا، ڪي دانشور ته ڪي وري اٽي تي چٽي! پکي به ائين ئي هوندا آهن. ڪي نظر ايندا ته اکيون ٺري پونديون. ڪي ٻوليندا ته مزو اچي ويندو ۽ ڪي ظاهر ٿيندا ته ماڳهين نحوست پئي سامهون نظر ايندي. اهڙين ئي خاصيتن مان ڪجهه خاصيتون رکندڙ، عام جام نظر ايندڙ ۽ اڪثر حالتن ۾ نظر انداز ٿيندڙ، ڪاري رنگ جو ڪوئل کان معمولي ننڍو، پڇ  Vوانگر نرالو، ننڍي چهنب وارو ڪڏهن به هيٺ زمين تي نه ويهندڙ پکي ڪال ڪڻڇي به هڪ آهي.ڪال ڪڻڇي کي پکين وارا پوسٽر ٺاهيندڙ، وائلڊ لائيف وارا خبر ناهي ڇو ڪانڪڻڇي به لکندا آهن ته ڪارپٽ به. شايد سنڌي مان انگريزي ۽ پوءِ وري انگريزي مان سنڌي لکڻ ڪري ڪانڪڻڇي لکجي ويل ٿو ڏسجي. پر ڪال ڪڻڇي جو اهو عجيب نالو هن تي ڇو ۽ ڪيئن پيو؟ ڪاري هجڻ ڪري ڪار يا ڪال ته سمجهه ۾ اچي ٿو باقي ڪڻڇي ڇا ۽ ڇو آهي؟ اهو هڪ سوال آهي، سڀني ساڃهه وند پڙهندڙن لاءِ. عام خلق ان کي ڪال ڪڻڇي يا رڳو ڪڻڇي ڪري به سڏيندي آهي. هن کي اردو ۾ سياهه کوتوال ڪوا ۽ انگريزي ۾Black Drango سڏين. هن جو بائيولوجيڪل نالوDururus adsnismiulis  آهي. ان نالي سان نيٽ تي وڃي هن جي نسل ۽ خاندان جي باري ۾ ٻي دنيا ۾ گڏ ڪيل معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. پر سنڌ ۾ هن جي باري ۾ ڇا مشهور آهي؟ اچو ته مياڻ جي چاچي جمعي ملاح، منظور ملاح، باکوڙي موري جي ڪيهر بڙڌي، لعل بخش عرف لالو لغاري، اربيلو بڙڌي،  نسيم بلوچ، رئيس علي نواز بڙڌي، خليل لغاري، عمرڪوٽ جي علي بخش رند کان پڇون ۽ ٻڌون ٿا.


سنڌي خفتين جي بقول ڪال ڪڻڇي اتي  فورن پهچي ويندي آهي جتي، باهه لڳي يا دونهون دکي! ڇو؟ چون ٿا ته جڏهن نمرود حضرت ابراهيم عليھ السلام کي باهه جي اوڙاهه ۾ اڇلايو هو ته ڪال ڪڻڇي پنهنجي چهنب ۾ پاڻي جون بوندون ڀري، آڻي، باهه اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان ڏينهن کان ڪڻڇي اڄ سوڌو پنهنجو فرض نباهيندي اچي.جتي باهه ٻرندي/لڳندي آهي، ڪڻڇي اتي پئي مٿي ڦيرا ڏيندي آهي. جي ڪراچي جهڙي  وڏي شهر ۽ ڏيپلي جي ڀٽن ۾ ڪڻڇي نه پهچي ته ان تي گهڻي  ميار ناهي. جتي ڪٿي ته فائر برگيڊ به نٿي پڄي سگهي نه! سياري ختم ٿيڻ ۽ بهار جي اچڻ تي جڏهن ڌنار ۽ مالوند مال جي چاري لاءِ جهنگ جي پراڻن، سرن ۽ پن کي باهه ڏئي ساڙيندا آهن. يا ڳوٺ ۾ ڪٿي باهه لڳندي آهي ته ڪڻڇي پئي اتي ڦيرا ڏيندي آهي. فائر برگيڊ کان به اڳي ڪڻڇي اتي پهچي ويندي آهي. ڪڻڇي کي ڪيئن ٿي خبر پوي ته ڪٿي باهه لڳي آهي؟جيئن ڳجهه کي مئل ڍونڍ جي خبر پوي. ڪانو کي ڀت جي خبر پئي. ايئن ڪڻڇي کي به باهه جي خبر پئجي ويندي آهي. ڪڻڇي اڪثر ڪري جهنگ ۾ ئي رهندي آهي، ان ڪري باهه جي خبر به هن کي آساني سان ملي وڃي ٿي. جيئن ته هاڻ وڻ ٽڻ ۽ جهنگ ڪافي حد تائين ختم ٿي ويا آهن. ان ڪري هن منفرد پکي جي  آبادي ۾ به ڪافي ڪمي اچي وئي آهي . هروڀرو اهو لازم ناهي ته ڪو حلال پکي ئي شڪارين جي ور چڙهيا آهن پر سڀ ئي پکي ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري ماحولياتي تبديلي کان متاثر ٿيا آهن.نيٽ واري دوست عمر سومري کان معذرت ڪندي، سنڌ جي ٻهراڙين جي خفتين جي بقول ته باهه لڳڻ واري جاءِ تي ڪڻڇي ان ڪري ايندي آهي جو باهه تي ڪيترائي جيت وغيره اچي جمع ٿيندا آهن. هن جو گذارو ئي اهڙن جيتن تي خصوصاً پرن وارن جيتن، تڏ، مڪڙ ،کنڀن وارا ماڪوڙا، پوپٽ، ڀنڀورين وغيره  تي هوندو آهي، جن کي هي وڏي شوق سان واپرائيندي آهي.

ڪڻڇي رڳو جتي باهه ٻري ۽ دونهين دکي اتي نظر اچڻ جي ڪري ئي منفرد مقام نٿي رکي بلڪه هن جون ٻيون به ڪيتريون ئي اهم انفراديتون آهن.  ٿرين وٽ ڪڻڇي برسات جي خبر آڻيندڙ جو درجو رکندڙ به آهي. ٿرين جي بقول ته سانوڻ ۾ جڏهن ڪڻڇي ٻڪري جي پڇ تي ويهي ته برسات جي علامت سمجهجي، ڪڻڇي عام حالتن ۾ ٻڪري تي گهٽ ويهڻ پسند ڪندي آهي.هي  وڏي مال تي ويهڻ کي ترجيح ڏيندي آهي.ڪجهه خفتين جي بقول ته صبح جو سوير يا اسر جو (عام ٽوٽي ماڻهن جي بقول اڌ رات جو) سڀ کان پهرين ته جهرڪين جهڙا پر انهن کان ڪجهه ننڍا عام طور تي سرن تي ويهندڙ ۽ ان جا سنگ کائيندڙ ۽ انهي مند ۾ وڌيڪ نظر ايندڙ چچيها پکي اٿندا ۽ ٻوليندا آهن. پر اهي خبر ناهي  ڇو اڪثر نظر انداز ئي ٿيندا رهندا آهن. شايد ان ڪري جو هو ڪڏهن ڪڏهن صفا نظر نه ايندا آهن يا گهٽ نظر ايندا آهن.ان ڪري نوٽس رڳو ڪڻڇي جي ٻولڻ جو ئي وٺبو آهي. اڃان جڏهن نه گهڙيون هيون نه الارم، نه ريڊيا هئا نه لائوڊ اسپيڪر، ان وقت  خلق خدا جي، ڪڻڇي جي ٻولي تي ئي اٿي روزا رکندي هئي ته عام ڏينهن ۾ نماز لاءِ به هن جي آواز تي اٿندي هئي. هاري ناري به ڪڻڇي جي ٻولي تي اٿي هر جوٽيندا هئا. ان لحاظ سان ڪڻڇي جو ٻولڻ وڏي اسر ۽ سج اڀرڻ کان گهڻو اڳ جو اهڃاڻ هئي. ان وقت ڪڻڇي جي ٻولي تي هاري هر سنڀاليندا هئا ته وڏڙيون کيرولوڙڻڻ لاءِ چاڏيون سنڀالينديون هيون. هو ڪڻڇي جي ٻولي سان گڏ ذڪر به پيون ڪنديون هيون ته کير به پيون ولوڙينديون هيون. ڪڻڇي جي ٻولي ڏاڍي سريلي ۽ وڻندڙ هجڻ ڪري هڪ ته ان جي ٻولي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ سٺو لڳندو هو. ماڻهو لائوڊ اسپيڪر جي زوردار آواز يا ڪانو جي بي سري آواز تي ، جهرڪين جي چرچر تي اٿڻ مهل جهڙو بيزار ۽ چڙچڙو ڪونه ٿيندو هو. ان ڪري ئي ڪم تي يا ڪيڏانهن وڃڻ مهل هن جي آواز جي ڪن تي پوڻ کي سٺو سنوڻ سمجهبو هو.. ظاهر آهي ماڻهو سوير اٿندو ته سوير ئي ڪم تي ويندو . ان مان سٺو نتيجو ئي نڪرندو ۽ سٺو سنوڻ ٿيندو. جي ڪو اڌ ڏينهن چڙهڻ بعد اٿي ڪم تي ويندو ته ڪهڙو ڪم ٿيندو ۽ ڪهڙو سنوڻ سٺو ٿيندو!!

ڪڻڇي سويري اٿي هارين نارين، پوڙهن پڪن، نمازين  ۽ پرهيزگارن کي پنهنجي سريلي آواز سان سوير اٿاري پاڻ به پئي ذڪر ڪندي آهي ۽ خلق کي به  پئي خلقڻهار جو نالو وٺڻ جي تلقين ڪندي آهي. ان بعد جڏهن ڀاڳيا ۽ مال وند مال ميڙڻ ۽ ڇوڙڻ جي ڪندا آهن ته ڪڻڇي وڃي مال جي پٺي تي ويهندي آهي. خاص ڪري مينهن ۽ ڍڳين تي ويهي، انهن مان پئي چچڙ چونڊيندي آهي. جنهن سان هڪ ته هو پنهنجي روزي حاصل ڪندي آهي ۽ ٻيو ته مال کي چچڙن جي مصيبت کان  به بچائيندي آهي. جيئن ته ڪڻڇي هيٺ زمين تي گهٽ ويهندي آهي.جي هرو ڀرو هيٺ ويهڻو ئي پيس ته هو ڪوشش ڪري زمين تي پيل ڪنهن ڪاٺي وغيره تي ويهندي آهي.پر سڌو سنئون زمين تي گهٽ  ئي ويهندي آهي. هوا ۾ اڏامندڙ جيت جڻيا کائيندڙ هن پکي کي مال تي ۽ وڻن تي ويهڻ سٺو لڳندو آهي. جيت جڻيا کائيندڙ  پکين جي گوشت ۾ ڌپ ٻڌائي وڃي ٿي. جي ايئن آهي ته پوءِ تتر ۽ جهرڪيون به جيت جڻيا کائين ٿا انهن جي گوشت ۾ ڌپ ڇو ناهي؟ معنى اصل سبب اڃان ڪو ٻيو آهي. شايد ڪو خفتي  ان ڏس ۾ ڪا رهنمائي ڪري سگهي ۽ ڪجهه ٻڌائي سگهي.بهرحال هن جي گوشت ۾ ڌپ جا ڏس ملن ٿا. نر ۽ مادي جي اڳ سڃاڻپ نه رکندڙ  هن پکي جي چهنب ۾ اڪثر جيت هوندا آهن. جيئن ته ٻنين ۾ اسپري ۽ دوائن جو رواج عام جام آهي. ان ڪري لڳي ٿو ته هن کي فصلن مان زهريلا ۽ دوائون لڳل جيت ملن ٿا ۽ اهي کائڻ ڪري هن جي زندگي تي اثر پيو آهي ۽ هي ڪافي گهٽجي وئي آهي. اڪثر ڪري اڪيلي چڳندڙ ۽ نظر ايندڙ ڪڻڇي ٻٻرن يا ٻين ڪنڊيدار وڻن ۽ ڏکين جاين تي آکيرو ٺاهڻ کي ترجيح ڏيندي آهي. ان ڪري ئي ڳوٺ اقبال بڙدي جي وڏي عمر جي رئيس علي نواز بڙڌي جي  بقول هن جا آنا يا ٻچا اسان ڪڏهن به شرارتي ڇوڪرن جي هٿ ۾ نه ڏٺا آهن. هن جو آکيرو ڪاٺين جو گول، چانهه جي پليٽ جيترو هوندو آهي  پر ان جي اندران هي ڪک پن رکي ان کي نرم ٺاهيندي آهي پر رهڻ اڪيلو ئي پسند ڪندي آهي. مزي جي ڳالهه ته ڪانو سان هن جو ٻچن ۽ آنن تي هميشھ جهيڙو رهندو آهي. پر هي ڪانو کي ويجهو به اچڻ نه ڏيندي آهي. ماڻهو جي آکيري کي ويجهو وڃڻ تي شور ڪندي آهي. ڪڻڇي جي اهڙين “مڙسانه” خاصيتن جي ڪري ويچارو ڳيرو اڪثر ڪري هن جي پاڙي ۾ آکيرو ٺاهي رهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي.سچ چوندا آهن ته  يا ته ماڻهو پاڻ مڙس ماڻهو ٿئي يا مڙس ماڻهو جي پاڙي ۾ رهي.

ڪڻڇي هونئن ته مقامي پکي هئڻ ڪري سڄو سال هتي ئي هوندي آهي پر ڪڻڪن ۾ هن کي ٻنين مان شايد جيت وڌيڪ ملن ٿا  ان ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب ڪڻڪن ۾ وڌيڪ نظر ايندي آهي. سياري ۾  يا ته وڌيڪ ٻوليندي آهي يا ماٺار جي ڪري ٻولي پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. باز جا خفتي باز جي اصلي يا نقلي هجڻ جي تصديق به باز کي بکيو رکي، پوءِ ڪڻڇي جي سامهون ڪري ڪندا آهن. جي باز وڙهيو ته معنى اصلي  آهي ٻي  صورت ۾ محنت ئي اجائي ويندي آهي ۽ پئسا ئي پاڻي ٿي ويندا آهن. ڪڻڇي باز جي بري نيت کان پوري ريت باخبر  هجڻ ڪري ان کي ويجهو به اچڻ نه ڏيندي آهي. هن جي پڇ جي v وانگر هجڻ يا ڪٽجڻ جي حوالي سان به ڪهاڻي مشهور آهي.

ڪجهه به هجي، ايترين سارين خاصيتن جي باوجود ڪڻڇي جو اوترو مان ۽ مرتبو ناهي جيترو هجڻ گهرجي يا جيترو هو لهي ٿي. ويتر جو ٻه ڇتيون مايون جڏهن پاڻ ۾ وڙهنديون آهن ته شل نه هڪ ڪاري (رنگ جي) هجي ته پوءِ سائين ٻي ٺهه ڦهه طعنو هڻي ڪڍندي ته هل ڀيڻسان ڪاري ڪڻڇي! اهڙا طعنا ۽ تنڪا ٻڌي ٻڌي ڪڻڇي ڏاڍي مايوس ۽ بددل ٿي پئي آهي. هن جو اندر سڙي ويو آهي تنهن ڪري هو ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. اڄڪلهه اسان هن جي ۽ ٻين پکين جي بچاءُ ۽ تحفظ لاءِ جي ٻيو ڪجهه نٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻي جي سخت کوٽ ۽ گرمين جي ڏينهن ۾ گهر جي ڪنهن ڀت، ڇت يا اڱڻ ۾ پاڻي جو ڪو ٿانو ڀري رکي هن جو ۽ ٻين پکين جو ڪجهه مسئلو حل ڪري سگهون ٿا اها اسان جي اخلاقي ذميواري آهي ڇو جو اسان پکين مان سڌي اڻ سڌي طرح ڪيترائي فائدا حاصل ڪندا رهندا آهيون.

No comments:

Post a Comment