Saturday, March 26, 2011

کجي- نواز ڪنڀر


کجي
(جيڪب آباد کان جنگي سر تائين جاءِ ٺاهيندڙ ڌاريو وڻ)
نواز ڪنڀر
جيئن ته ڪيترا ئي ڌاريا انسان، سنڌ کي پنهنجو مسڪن بڻائي، هتي جا ٿي ويا آهن، ائين ڪافي وڻ به ڪٿان ڪٿان ڪهي اچي، جهڙوڪر مقامي ٿي ويا آهن. جن ۾ کجي به هڪ آهي. سنڌ ۾کجيءَ سان عقيدت ۽ احترام جو رشتو پڪ سان 1400 سالن جو ته چئي سگهجي ٿو. انهيءَ جو ثبوت، جهر جهنگ ۾ بيٺل اهي کجيءَ جا وڻ آهن، جيڪي عربستان مان آندل ۽ هتي انتهائي احترام سان کاڌل، کجيءَ جي کيکڙين کي بي ادبيءَ کان بچائڻ لاءِ کين مناسب جاءِ تي پوکيو ويو. کجيءَ جا وڻ، جيڪي سنڌ ۾ جيڪب آباد کان جنگي سر تائين، هر هنڌ ۽ هر جاءِ ڏسي سگهجن ٿا.


هونئن ته کجي پوکڻ جي مناسب مند فيبروي ۽ آگسٽ ٻڌائي وڃي ٿي. جڏهن ته سندس کيکڙيءَ کي جڏهن به پوکبو آهي ته پاڻي ملڻ تي اها نرم ٿي ڦٽي پوندي آهي. اها به عجيب ۽ تحقيق طلب ڳالهه آهي ته، کيکڙين مان ڦٽل کجين مان وڏي اڪثريت نر کجيءَ جي هوندي آهي. نر ۽ مادي کجيءَ جي سڃاڻپ ۾ جيئن ته پنج سال لڳي ويندا آهن ۽ پوءِ نر کجي کي زمين مان پٽي ڪڍڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. ان ڪري نئين کجي پوکڻ لاءِ مادي کجيءَ جي آس پاس ٻچن کي اتان ڪڍي ٻئي پاسي لڳائڻ کي ئي ترجيح ڏبي آهي. زرعي لوڪ ڏاهپ جي ماهرن جو چوڻ آهي؛ “کيکڙيءَ مان ڦٽل، فوٽ کن جي ٿيل، کجيءَ جي پاڙ مان جيڪڏهن کيکڙي ڪڍي ڇڏجي ته اها گهڻو ڪري مادي ٿي پوندي آهي”.
ڪجهه وڻ، جيڪي موسم مٽجڻ جو اهڃاڻ آهن، انهن ۾ کجي به شامل آهي. هن وڻ پاران سپ ڪڍڻ، بهار اچڻ جي پهرين نشانين مان هڪ سمجهي ويندي آهي. نر کجيءَ جو سپ يا چهو، ماده کان پندرهن ويهه ڏينهن اڳ ۾ ڦٽندو آهي. نر جي سپ ۾ پائوڊر هوندو آهي، جنهن جو ماده سپ تي صحيح نموني ڪِرڻ لازمي هوندو آهي. ٻيءَ صورت ۾ ٿيل ڪتل/ کجي سڪل ۽ بغير کيکڙين جي بي سوادي ٿي پوندي آهي. اهو پائوڊر، هونئن ته هوا ۽ ٻين جيتن ذريعي، ماده تائين پهچي ٿو. جڏھن ته ماکيءَ جون مکيون اهو ڪم سڀ کان بهتر نموني سر انجام ڏينديون آهن. ان ڪري جتي ماکي ويٺل هوندي آهي، اتي جون کجيون جلد ۽ بهتر نموني واسجي وينديون آهن. جيڪڏھن کجيءَ جو قد گهڻو وڌي وڃي ته، پوءِ ان تائين نه هوا ٿي پهچي ۽ نه ئي ماکيءَ جون مکيون.
کجي، گهٽ پاڻيءَ تي گذارو ڪري وٺندي آهي. ان ڪري ئي هيءَ روهڙيءَ جي پٿريلي زمين کان وٺي اڇڙي ٿر جي ڀٽن تائين ۽ سنڌ جي ميداني علائقن کان ويندي سامونڊي علائقن ۾ به بيٺل نظر اچي ٿي. جڏهن ڪو سيلاني مسافر، اڇڙي ٿر جي واڪا ڪندڙ سڃ لتاڙيندو، اولهه اوڀر وارين اڙانگين ڀٽن کي پاسو ڏئي، اتر ڏکڻ کان اُڪرندو، پگهر وهائيندو، منزل کٽائيندو هلندو ويندو آهي ته کيس پري پري تائين، ڪيتري دير تائين، ماڻهو ۽ جانور ته رهيا پري، پر پکي پکڻ به نظر نه ايندو آهي. ان وقت مسافر، ڀٽن ۽ بر-پٽن جا ساڳيا منظر ڏسي بيزار ٿي پوندو آهي. اهڙي سفر ۾، جڏهن اچانڪ کجين جو نخلستان نظر اچي وڃي ته ٻيو ڇا گهرجي! کجين جا اهڙا نخلستان، اڇڙي ٿر ۾ موکٽ جي تاريخي قبرستان، حضرت نوح عه جي ٻيڙي لهڻ جي حوالي سان مشهور ڍنڍ پورچنڊ ڀرسان، حر تحريڪ دوران اسلحو ٺاهڻ واري هنڌ دٻي لڳ کاروڙيءَ ۾، جبو ڪوٽ وٽ ۽ جبو ڪوٽ کان گرهوڙي صاحب ۽ سامي واري مقابلي جي جاءِ تائين، سڄي پٽيءَ ۾ بيٺل آهن. جن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو؛ “اهي کجيون ميرن جي دور جون ٿي سگهن ٿيون.” ڇو جو اهو علائقو ميرن جي زيرِ اثر، سندن سير سفر ۽ شڪار لاءِ مشهور رهيو آهي. ان ڪري ممڪن آهي ته اهي کجيون، ميرن جي راکن يا سندن ٻين ماڻهن يا مير صاحبن پاڻ خود منزل دوران، ڪتل/کجي کائڻ بعد، اتي ئي کيکڙيون اڇليون/ لڳايون هجن. بهرحال انهيءَ ڳالهه تي وڌيڪ تحقيق ۽ دوستن جي رهنمائيءَ جي ضرورت آهي.
ڇا به هجي پر ان سان اها ڳالهه واضح ٿئي ته اڇڙي ٿر جي تراين ڀرسان کجي پوکي، اڇڙي ٿر وارن، زندگيءَ جي بنيادي سهولتين کان بغير زندگي گذاريندڙن، کي هڪ ته پيرُن ۽ سڱر کان سواءِ ڪو ٻيو ميوو گهر ويٺي ڏئي سگهجي ٿو ۽ ٻيو ته وڌيڪ پوکي سندن مالي حالت کي بهتر بنائڻ سان گڏ ملڪي معيشت کي به ڪنهن حد تائين هٿي ڏئي سگهجي ٿي.
جڳ مشهور شاعر، ڀڳت تلسيداس کي کجيءَ لاءِ، ڇانو کان ويندي ميوي تائين، ڪيتريون ئي شڪايتون رهيون آهن.
تلسي ايسي پريت مت ڪريو، جيسي لمبي کجور،
ڌوپ لگي ڇائون نهين، ڀوڪ لگي ڦل دور.
مقامي ماڻهن وٽ کجيءَ جي ڇانءَ، جيتري به آهي، ٿڌي ڇانءَ طور مشهور آهي. ڪن وڻن جي ڇانءَ، گرم به هجي ٿي جيئن ٻٻر وغيره.
سنڌ ۾، کجيءَ جي ٿڙ کان ويندي ڦرهن تائين ۽ ٽارين کان ويندي پنن تائين جا به ڪيترائي استعمال آهن. ٻيءَ دنيا ۾ کجي سان ڇا ٿو وهي واپري ۽ “نيشنل جاگرافڪ” کجي جي باري ۾ ڇا ٿي ٻڌائي ۽ ڏيکاري، اهو وڃي ڀلي ڪو ٽي وي يا نيٽ تي ڏسي. پاڻ پکين کان ويندي کجيءَ تائين مقامي ماحول جي مناسبت سان، مقامي ڏاهن جي علم جي ڳالهه ٿا ڪريون. ڀلي ڀڳت تلسيءَ کي کجيءَ جي وڏي قد مان ڪيتريون به شڪايتون ڇو نه هجن. مقامي ماڻهن کي انھيءَ ڊگھيءَ کجيءَ جو قداور ٿڙ، ٻيو ڪجهه نه ته به “شاخ” ٽپائڻ جو ڪم ڏئي ٿو. اهو ٿڙ، گهرن ۾ لاٽڻ طور به استعمال ڪبو آهي. سندس ٽاريون، مڇرن جا ماريل ماڻهو، مهارين ۾ استعمال ڪندا آهن. جڏهن ته کجيءَ جي ڦرھن مان واڻ، دٻڪيون/ڇٻيون، تڏا، وڃڻا، ٻهارا، ٽوڪرا، ڇڪا، پات وغيره ٺاهي، غريب ماڻھو پنهنجون ڪيتريون ئي ضرورتون پوريون ڪن ٿا ۽ مزدوري ڪري چلهه به ٻارين ٿا. مقامي طور کجيءَ مان ماکي به ٺاهي وڃي ٿي ته ڪيتريون ئي مختلف “ڊشون” پڻ تيار ڪيون وڃن ٿيون. صفا گوڏا کوڙي ويٺل کي به کارڪون کارايون وڃن ٿيون.
کجيءَ جو ميوو، جيڪو عمر جي حساب سان داڻ، ڏڪو، ڏنگ، ڪتل، ڇوهارا، کارڪون وغيره جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان کي قدرت واري مختلف وقتن ۾ مختلف ساهه وارن لاءِ غذا بڻايو آهي. شروع ۾ داڻ ٿيڻ وقت هي ڪُوئن ۽ نوريئڙن جو کاڄ ٿئي ٿو. ڏوڪي ۽ ڏنگ مهل مٿس ڪٻريون، ڪانوَ، طوطا، ڀونئرا، وهيا ۽ هيڙا هرکبا آهن. رسجڻ بعد، منجھس مختلف قسم جا ڪينئان اچي ديرو دمائيندا آهن. ان کان علاوه ماڪوڙا، ڪيڙيون، ماکي، ڏينڀو ۽ ککر به اچي کجي کائيندا آهن. سُڪل کجيءَ کي وري جهرڪيون شوق سان واپرائينديون آهن.
کجي، حڪمت جي حوالي سان به مشهور آهي ۽ ڪيترن ئي مرضن کي منهن ڏئي ٿي. تلور جي شڪار لاءِ، عربن جا رکيل مقامي راکا ٻڌائين ٿا ته؛ “کجي عربن جي دسترخوان جو لازمي آئٽم هوندي آهي. اھا کائڻ بعد ئي، بلينڪ چيڪ لکبا آهن!”
کجيءَ جو جتي ڪنڊو خطرناڪ طور مشهور آهي، اتي ان جو جن پڻ مشهور آهي. جنهن لاءِ مختلف ماڻهن وٽ مختلف ڳالهيون ۽ سبب مشهور آهن. حڪيم شاعر نسيم بلوچ وٽ اها تڪيل توريل راءِ آهي ته؛ “کجيءَ جي مختلف مرحلن دوران، مزدوري گهڻو ڪري عورتون ئي ڪنديون آهن. جنهن دوران هو نسبتاً ٻين عورتن کان وڌيڪ کجي کائي به وينديون آهن. جڏهن کجي پنهنجو اثر هسٽيريا جي شڪل ۾ ڏيکاريندي آهي ته ماڻهو ناسمجهيءَ ۾، ان ڳالهه کي کجيءَ جو جن مشهور ڪري ڇڏيندا آهن.
سال جي ٽن موسمن؛ بهار، اونهاري ۽ برسات جي اهڃاڻَ کجيءَ کي، سڀ کان وڌيڪ نقصان برسات ئي پهچائي ٿي. جڏهن کجي پچي تيار ٿيندي آهي ته، برسات جي مند شروع ٿي ويندي آهي. برساتي پاڻي لڳڻ ڪري، پڪل کجيءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو آهي.
ڪيتريون انساني ضرورتون پوريون ڪندڙ کجيءَ جو ساٿ، انسان سان قبر تائين رهي ٿو. ماڻهو عمومًا قبر تي کجيءَ جا پن ۽ ٽاريون رکندا آهن.
محترم رسول بخش درس جي شھر جهمپير جي آسپاس، کجيءَ جا سر جهڪيل ۽ چٻين چيلهن وارا وڻ، اتان جي ڀري تاڙيءَ ڪڍڻ جو ڏس ڏين ٿا. اهي سڀ نشانيون اتي جي پياڪن جون آهن، جنهن سان ماڻهو ته ڇا، پر پکي پکڻ به مدهوش ٿي ويندا آهن. هاڻ جهمپير ۾ تاڙيءَ جو اهو اوج نه رهيو آهي. شڪر جو ٻئي پاسي ان جو رواج نه پيو. ورنه اها حالت، کجيءَ سان جتي ڪٿي ٿيل نظر اچي ها. بقول آڪاش انصاريءَ جي؛ “جيءُ جهمپير منجهان ڄڻ ته ويون لڏي، سڀ خوشيءَ جون کجيون.
کجيءَ جي حوالي سان خيرپور ۾ ٿيندڙ اڄوڪي انٽرنيشنل ڪانفرنس جي موقعي جو فائدو وٺندي، اهو عرض ڪندو هلان ته؛ نه صرف انب ۽ کجي بلڪ هتي ڪيترا ئي ٻيا اهڙا وڻ ۽ ميوا آهن، جيڪي آهستي آهستي ناياب ٿيندا وڃن. يا مٿن مناسب ڌيان نٿو ڏني وڃي. انهن ۾ ليسوڙا، پيرون، ليار، سڱر، توت، ڄاڱري ٻير، ننڍا ٻير، بِهه، پَٻڻ، ٻوراني وغيره اچي وڃن ٿا. مٿن مناسب توجهه ڏئي، سندن منڊيون ڳولي، منجھانئن پرڏيهي قيمتي ناڻو ڪمائي، ڏيھ ۽ ڏيھين کي جتي خوشحال بڻائي سگهجي ٿو، اتي ملڪ ۾ تيزيءَ سان وڍجندڙ وڻن جي جاءِ تي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري نرسرين ۾ مقامي ميويدار وڻ پوکي، ماڻهن ۾ وڻ پوکڻ ۽ انهن کي سنڀالي وڏو ڪرڻ جو شوق ۽ شعور پيدا ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ حڪومت سان گڏ، غيرسياسي تنظيمن ۽ ادارن کي به ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن ماڻهن سان گڏ ملڪ به سائو ستابو ٿئي ۽ پکي پکڻ کي اجهو ملڻ سان گڏ، ماکي ۽ مال کي به فائدو پهچي.

No comments:

Post a Comment