Thursday, August 18, 2022

لوڪ ساھت جا رنگ ۽ سانوڻي رت جا تھوار دولت رام کتري

لوڪ ساھت جا رنگ ۽ سانوڻي رت جا تھوار

دولت رام کتري



هونئن ته هر موسم جي پنهنجي اھميت ۽ پنهنجو رنگ آهي پر سانوڻي مند (سانوڻي رت) جو پنهنجو هڪ الڳ رنگ آهي.ھي اھا مند آهي جنهن ۾ فطرت جا سمورا رنگ نمايان نظر ايندا آهن .ھن مند ۾ڪيترائي تھوار پڻ ملھايا ويندا آهن. جن کي “سانوڻي جا تھوار” پڻ سڏيو ويندو آهي.گذريل ڪجهه ڏينهن کان اھي تھوار شروع پڻ ٿي چڪا آهن. جيتوڻيڪ انھن تھوارن کي ھندو جاتي جا ماڻهو مذهبي فلسفي تحت ملھائيندا آهن پر در حقيقت ھي تھوار ثقافتي ۽ موسمي حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا. ھي ڌرتي جا اھي تھوار آهن جنهن ۾ ثقافتي لوڪ ساھت ۽ لوڪ رنگن جي جھلڪ نمايان نظر ايندي آهي. سنڌ ۾ انهن تھوارن کي شاندار روايتن ثقافتي قدرن۽ لوڪ رنگن جي تسلسل ۾ ملھايو ويندو آهي. سانوڻي مند جو بنياد “چوماسي برساتن” سان سلھاڙيل ھوندو آهي سانوڻي مند (رت) جي چار مھينن جي “چوماسي برساتن” جي تاريخي ۽ جاگرافي طور تي پڻ وڏي اھميت رھي آهي. ھن مند ۾ “سانوڻيءَ جا دلڪش منظر” پڻ پسي سگهجن ٿا. سانوڻي مند جي فطرت ۽ جمالياتي حسن جو پنهنجو ھڪ الڳ رنگ آهي ۽ انھي رنگ کي مختلف شاعرن پنهنجي ٻولي ۾خوبصورتي سان ڳايو پڻ آهي. ھن رت ۾ ھمرچي، راسوڙي، ٽيج ڪجليي ۽ ورساڙي جھڙا لوڪ گيت ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن سانوڻي مند جي منظرن ۽ لوڪ رنگن کي پنهنجي شاعري ۾ پڻ سمويو آهي. اياز ته پنهنجي شاعري ۾ انھن سانوڻي مند جي فطري رنگن کي نواڻ پڻ ڏني.شيخ اياز جي شاعريءَ جو ھي ڪمال آهي جو اياز جي گيتن منجهھ سانوڻي مند جا سمورا ثقافتي منظر اکين ۾ اوتجي وڃن ٿا. شيخ اياز سانوڻي تھوارن ھمرچن ۽ راسوڙن کي پنهنجي زندگي ۾ ڪين وساري سگھيو ھو. سانوڻي مند جي تھوارن کي ياد ڪندي اياز ھي سٽون پڻ تخليق ڪيون ھيون ته؛

Wednesday, August 17, 2022

لوڪ ڏاهپ جي پٺيان لڪل سائنسي راز - مظفر بھاول لغاري

لوڪ ڏاهپ جي پٺيان لڪل سائنسي راز

مظفر بھاول لغاري



جڏهن سائنس پنهنجي ٻالڪپڻ مان گذري رهي هئي تڏهن هن تي ويساهه گهٽ هوندو هو يا بس ڄڻ نه هئڻ جي برابر هوندو هو تڏهن ڪو ڏاهو ڏاهپ جي دعوا ڪرڻ خودڪشي سمجهندو هو. ان زماني ۾ ڪجهه سرڪش جوڌا پنهنجي جان جي بازي هارائي  گهاڻي ۾ پيڙهيا ويا باهه ۾ ساڙيا ويا  ۽ ڪي زهر سان ماريا ويا، ان زماني ۾ ڪي پراڻين چوڻين تي يقين رکيو ويندو هو.