Saturday, March 26, 2011

انبن ۾ اسرار - نواز ڪنڀر


انبن ۾ اسرار
نواز ڪنڀر 
جڏهن انب مارڪيٽ ۾ ايندا آهن ته پڙين ۾ چوپائي مال جا اگهه ڪري پوندا آهن. ڀاڄين جو وڪرو گهٽجي ويندو آهي ته ٻئي ميوي جي طلب ۾ به ڪمي اچي ويندي آهي. انھيءَ مان انبن جي اهميت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هيءَ هڪ اهڙي قدرتي نعمت آهي، جيڪا هڪ ئي وقت گوشت، ڀاڄين ۽ ميوي جي ڪمي پوري ڪري ٿي. شايد ٻئي ڪنهن ميوي ۾ ايتريون خوبيون، هڪ ئي وقت، گڏ هجڻ ممڪن نه هجن.


جهڙيءَ طرح انب جي ڪهاڻي انبڙين، شاخن ۽ پڪل انبن جي صورت ۾ اڳتي وڌي ٿي، اهڙيءَ طرح ان جو استعمال وري چٽڻيءَ، آچار، مربي ۽ پڪل انب جا مرحلا طئه ڪندو، پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو. انهن مرحلن جي مڪمل ٿيڻ جو وقت، لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ مهينن جي مُدي بجاءِ، پکين جي اچڻ سان منسوب هجي ٿو. هونئن ته انبن جو ٻوڪجڻ سياري وڃڻ جي شروعاتي نشانين مان هڪ نشاني آهي، پر تلور پکي جو اچڻ وري انبن جي ٻوڪجڻ جو وقت ڀرجي اچڻ جو ڏَسُ ڏئي ٿو.
سال جي پڄاڻيءَ تي ماڪ گهٽ پوي، تڙڪو صحيح نڪري، جهڙ نه هجي، هوا اتر جي هجي ته ٻور ۽ انب وڌيڪ ٿيڻ جا پڪا پختا پار سمجهبا آهن. پوءِ جي سال جي شروع ۾ ئي ڏکڻ  لڳي پوي ته انب رپئي جو رپيو ٿيڻ جي، ڪابه ڪمي نه رهندي آهي. ٻور نڪرڻ کان پوءِ، پهرئين مھيني جي پندرنهين تائين بوندا باندي نه ٿي، (جنهن کي ڦڳڻ جي رُوهي سڏبو آهي). باغ ۾ انبڙيون ٿيڻ تائين پاڻي بند هجي. جيڪڏھن پاڻي اچي وڃي ته وڻن جي ٿڙن کي، سيڙهي (چُن) لڳائي سيڪو ڏنل هجي ته باغائي پئسا ٻُهاري ۽ انبن جا شوقين انب کائي پيا گد گد ٿيندا آهن.
باغائين وٽ، ٻور ٿيڻ بعد ماکي اچڻ کان پوءِ، ڪاٺ ڪٺي جي اچڻ ۽ ٿڙن کي ٽڪي سوراخ ڪرڻ جو مطلب؛ انبڙيون ٿيڻ جو عمل شروع ٿي وڃڻ هجي ٿو. انبڙيون ٿيڻ ۽ ڪاٺ ڪٺي پاران گهرن جو مڪمل ٿيڻ جو مطلب؛ طوطن جي اچڻ ۽ ٻچا ڪرڻ جو وقت اچي وڃڻ هوندو آهي. طوطا، ٻن کان چئن تائين، آنا ۽ ٻچا ڪندا آهن. اهو ئي وقت لنڊي، گڊو، ڪونڀاري نانگ پاران باغن ۾ اچي طوطن جي گهرن ۾ ديرو ڄمائي سندن ٻچا کائڻ جو هوندو آهي. جنهن جو حساب وري مور کانئن وٺندو آهي! ڪجهه وقت کان پوءِ ئي سهي، ڪنهن ٻي جاءِ تي ئي سهي. هر ظالم وانگر، ٻين جي ٻچن کي تنگ ڪرڻ ۽ کانئن زندگيءَ جو حَق کسڻ جو حساب، کين ڏيڻو ضرور پوندو آهي. اھو به مور جهڙي بظاهر پر امن ۽ خوبصورت پکيءَ هٿان. شايد اهو ئي نظام حيات آهي! هڪڙو ٻئي جو شڪار آهي! ڪو ڪنهن جو ته ڪو ڪنهن جو! ٻيو نه ته موت جو شڪار ته هر ڪو ئي ٿئي ٿو. انهيءَ عمل کي ماحولياتي ٻوليءَ ۾ وري “فوڊ چين” چئبو آهي.
زيتون جيتري انبڙي ٿيڻ جو مطلب؛ ڪوئل جي اچڻ جو وقت هجي ٿو. ڪوئل جي اچڻ جي معنيٰ؛ انبڙين ۾ اڃا گٽلي (ڏوڏي، ککڙي) ناهي ٿي. ڪوئل خاموشيءَ سان اچي ماحول جو جائزو وٺي، ڪجهه ڏينهن بعد ٻولڻ شروع ڪندي آهي. ڪوئل جو ٻولڻ، هاري ناري ۽ ڀاڳين لاءِ، برسات جي مند لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ جو اعلان هوندو آهي. جڏھن ته ان اعلان تي گهٽ ئي ڌيان ڏنو ويندو آهي.
انبڙيءَ تي اڇو پائوڊر نظر اچڻ ۽ رنگ بدلجڻ جو مطلب؛ گٽلي/ ڏوڏي ٿي وڃڻ، چٽڻي ۽ آچار جي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ ته هجي ئي ٿو، پر اهو وقت باغن ۾ هيڙن جي حملي جو وقت اچڻ جو اهڃاڻ به هوندو آهي. اهو پائوڊر ڄڻ ته هيڙي جي، باغن ۾ مهمانيءَ لاءِ هوندو آهي. جڏهن باغائي طوطي جي ٽُڪيل انبڙي ڏسندا آهن ته کين انبڙين جي اڌ پڪل هجڻ جي پري کان ئي خبر پئجي ويندي آهي.
جڏهن بلبل بي حال ٿي اچي باغن ۾ بسترو وڇائي رهڻ لڳندي آهي ته ان جو مطلب؛ شاخن جي تيار ٿيڻ جو هوندو آهي. بلبل بعد جڏهن ڪانءُ اچي ته اهو پڪي پختي پڪ هوندي آهي ته شاخ هاڻ تيار آهي. ان بعد وارو اچي ٿو وڏي پڇ واري متاهه پکيءَ جو، جيڪو ڦڪاڻ مائل هوندو آهي. هيءُ پکي شاخن جي پچڻ بعد اچي ٿو. سندس نشانو/ ٽارگيٽ، شاخن سان گڏ ماکي کائڻ به هوندو آهي. اها ماکي، جيڪا هاڻ رس سان ڀرپور هوندي آهي. جنهن کي باغائي ڀاڳ جي نشاني سمجهي، کيس اڏائڻ کان پاسو ڪندا آهن. ان کي هيءُ پکي، ڏاڍي مهارت سان، پڇ ذريعي، اڏائي رس کائيندو آهي.
جتي انبن جا شوقين، جوس مشينن جا نٽ بولٽ ڇڪيندا آهن، اتي باغن ۾ طوطن، هيڙي، متاهه (ڏوئي)، ڪانءَ، بلبل، ڪوئل ۽ نوريئڙي جي ڀرپور ۽ گڏيل حملي جو وقت به هوندو آهي. ڪانگن کي اڏائڻ لاءِ ته باغائي مختلف طريقن سان ٺڪاءَ ڪندا آهن، پر هيڙي ۽ نوريئڙي کي ڀڄائڻ، ڌارين کي سنڌ مان ڀڄائڻ جيترو مشڪل هوندو آهي.
انبڙيون ۽ انب پٽڻ دوران، باغاين کي هڪ ٻيءَ مشڪل سان به منهن ڏيڻو پوندو آهي. اها مشڪل آهي، انبن ۽ انبڙين جي رس جي ڇنڊن جي. جنهن کان بچڻ لاءِ، اڳواٽ جسم تي تيل به لڳائبو آهي ته لڳل رس کي فورًا پاڻي ۽ پڪ هڻي ڪپڙي سان صاف ڪبو آهي. تڏھن به، ڪپڙي تي لڳل رس نه لهي سگهندو آهي. جڏهن ته جسم جي چمڙي تي لڳل رس چمڙي خراب ڪري ڇڏيندو آهي.
خرابو ته تڙ تڪڙ ۾، گرم گرم انب کائڻ سان به ٿيندو آهي. کير وغيره کائي، مٿان انب کائڻ سان به ٿيندو آهي. ان کان بچڻ لاءِ، هڪ ته انب ٿڌا ڪري کائجن، ٻيو انب کائي، مٿان ڪچي لسي يا کير پيئجي. جيڪڏھن رات جو انب کائجن ته سڀ کان بهتر چوڻي آهي؛ “انب کائي مٿان کير پيئبو ته ٿبو ٿنڀ (ٿلهو متارو)، کير پي مٿان انب کائبو ته انب آهي ڏنڀ.  گرم ۽ وڌيڪ انب کائڻ سان جتي جلاب لڳن ٿا، اتي آرايون ۽ داڻا به نڪرن ٿا. جن جي لاءِ ديسي ۽ مقامي علاج طور، متاثر ٿيل جاءِ تي ليمي جو رس، ميندي ۽ ميٽ لڳائبو آهي. انبڙيون کائڻ سان گلو ۽ اکيون به خراب ٿينديون آهن. گلي لاءِ لوڻ مليل پاڻيءَ سان غرارا ڪبا آهن ته اکين تي ٻڪريءَ جي کير جا پها رکبا آهن.
ذڪر جڏهن انبن جو نڪرندو آهي ته ڳالهه پال تائين وڃي پهچندي آهي. اڳي ديسي انب هئا ۽ پال گهڻو ڪري مٽن ۽ دلن ۾ وجهبو هو. جنهن ۾ بصر، مڱ، ننڍو گدرو، رتن جوت، پنير، ڪافور وغيره وجهي، مٿان سرنهن جا پن ڏيئي، ان جي مٿان ڊڀ رکي، دلي ۽ مٽ جو منهن ليپي سان بند ڪري، ستن ڏينهن تائين ان کي اونڌو ڪري رکبو هو. پوءِ ولايتي ۽ قلمي جنسن پاڻ سان گڏ ڪارپيٽ واري پال وارو طريقو آندو. جنهن سان پال ته جلدي پڪو ٿي وڃي ٿو، پر انبن جي اصل خوشبوءِ ختم ٿي وڃي ٿي. ذائقو به اهو نه ٿو رهي ۽ انب گيس ۽ گرمائش به وڌيڪ ڪن ٿا.
ڪنهن وقت ميرپورخاص انبن جي حوالي سان ڏاڍو مشهور هو. اتي سم وڌي وڃڻ ڪري، هاڻي مٽياري، کيبر، ٽنڊوالهيار، سانگهڙ ۽ جيمس آباد انبن ۾ وڌيڪ آهن.
سرولي ۽ ديسي انب ڇهين مھيني جي پنجينءَ کان پندرهينءَ تائين تيار ٿي ويندا آهن. لنگڙو ۽ سنڌڙي به ان سان گڏ تيار ٿيو وڃن. چونسو ڇهين مھيني جي ويهين کان آخر تائين تيار ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏ انوررٽول، واڱڻ پالي، ۽ سونارو به اچي وڃي ٿو. زردالو انب، سال ۾ ٻه ڀيرا لڳاتار ڦر ڏيندو آهي ۽ ڏهين مهيني تائين هلندو آهي.
سڀ کان سٺو ۽ مهانگو انوررٽول هجي ٿو. پر گهڻن ماڻهن جي پسند اهو انب ان ڪري ڪونهي جو باغائين جي بقول؛ “عام ماڻهوءَ کي انب جي سڃاڻپ پوري ساري آهي.” هن انب کي سردار انب به چئبو آهي. ڪوئل انوررٽول کي ئي پسند ڪندي آهي.
انب، جيڪي ڪيترن ئي حوالن سان، تمام گهڻن ماڻهن جي روزگار جو ذريعو به هجن ٿا، تن مان روزگار جي حوالي سان اوترو فائدو نه ٿو ورتو وڃي، جيترو وٺڻ گهرجي. سرڪار جي سرپرستي ۽ پلاننگ رهي هڪڙي پاسي، پر مقامي سطح جو هڪ ننڍڙو مثال ھيٺ عرض ٿو ڪريان.
هن ڪالم لکڻ واسطي مواد ھٿ ڪرڻ لاءِ، هڪ باغ ۾ پهتس. اتي هڪ ايراني ٺيڪيدار مليو، جيڪو هر سال انبن جي موسم ۾ سنڌ اندر باغن جا ٺيڪا کڻي روزگار ڪري واپس هليو ويندو آهي. اتي ٽي مقامي سنڌي ماڻهو به آيل هئا، جيڪي انبن جي خيرات لاءِ هٿ جهليو بيٺا هئا! سنڌي ماڻهن کي خيرات ۾ انب ڏيڻ لاءِ ايرانيءَ اڳواٽ ئي ٽُڪيل ۽ سڙيل انب الڳ ڪري رکيا هئا. نه پڇو ته اهو منظر ڏسي اسان تان ڇا گذري!
جڏهن لڪون لڳڻ تي هجن، ماکي اڏامي وڃي پاڻيءَ جو پاسو وٺي، ڪانءَ ۽ ڪوئل اڏامي وڃن ته اها انبن جي پڇاڙي، بلڪ ختم ٿيڻ جا آخري آثار هوندا آهن.
انب، مرزا غالب کان وٺي علامه اقبال تائين، ڪيترن ئي باذوق ماڻهن جي ڪمزوري رهيا آهن. افسوس جو ايڇ ايم خواجه صاحب هليو ويو. نه ته شوگر-فري انب به جلد مارڪيٽ ۾ موجود هجن ها. شوگر وارن دوستن کان معذرت ڪندي، انب کائڻ شروع ٿو ڪريان. جيڪڏھن توهان جو کيسو، توھان کي اجازت ڏئي، ته پوءِ ڪنهن ريڙهي جو رخ ڪري سگهو ٿا.

No comments:

Post a Comment