خانه بدوش قبيلي جي درد ڪٿا
ذلفي چاچڙ
عمومن ماڻھو پنھنجو
۽ پنھنجي ٻچڙن جو سک چاھيندا آھن ۽ ان جي حاصلات لاءِ سدائين سرگرم رھي ڪوششون ڪندا
رھن ٿا، کين ان جستجو ۾ بي انتھا تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پئجي وينديون آھن، جن ڪاڻ
اھي مسئلا، مشڪلاتون ۽ مصيبتون سندن اولاد جي بھتر مستقبل ۽ پرسڪون زندگي واري
اميد جي سامھون ڪجھ به ناھن ھونديون ۽ اھي سڀ پيڙائون، ڏک ماڻھو خوشي سان قبول ڪري
سھي ويندا آھن، پر سنڌ ۾ ڪجھ اھڙا لڏائو قبيلا ۽ مالوند ماڻھون به آھن، جيڪي رڳو
پنھنجي چوپائي مال کي خوش ۽ ڍئو تي رکڻ لاءِ نه صرف خود پر پنھنجي آل و عيال کي به
بيحد تڪليف ۽ ڏک ڏئي وڏا ڪشالا ڪٽيندا رھندا آھن، ان خيال ۽ مقصد سان ھو ھميشه لڏپلاڻ
پڻ ڪندا رھندا آھن ۽ سدائين سفر ۽ مسافري واري حالت ۾ زندگي جا ڏينھن بسر ڪندا
آھن، انھن لڏائو ۽ مسافري زندگي گذاريندڙن قبيلن ۾ شنباڻي قبيلو به ھڪ آھي، جيڪو
ھونئن ته بلوچ قوم جي وڏي ذات بگٽي برادري جو (نک) پاڙو آھي، پر ھن پاڙي جا ماڻھو
بگٽين جي ٻين پاڙي جي ماڻھن جيان سخت مزاج، ويڙھاڪ ۽ ضدي بلڪل به ناھن ھوندا ۽ نه
ئي اھي ڪنھن سان ھرو ڀرو جو دشمني به پيدا ڪندا آھن، جڏھن ته اھي ماڻھو پنھنجو
پلاند ڪرڻ ڪڏھن به ناھن وساريندا ۽ ايستائين پنھنجي سر تان ڪاري پڳ يا ڪپڙو ناھن
لاھيندا، جيستائين اھي پنھنجو ڪنھن ڏانھن رھيل پلاند نه ڪن. مالوند اھي ماڻھو اتر
سنڌ جي انھن خطرناڪ علائقن ۾ به پنھنجو مال چاريندي ۽ جھوپڙا اڏي ويٺل نظر ايندا
آھن، جن علائقن ۾ رھندڙ ذاتين سان بگٽين جو خوني تڪرار به ھلندڙ ھوندو آھي، جتي اڪثر
صرف ساڳي ذات وارو ھجڻ جي ڏوهه ۾ بيگناهه ماڻھن کي قبيلائي دھشتگرد قتل ڪري ڇڏيندا
آھن، پر اھي ماڻھو به کين بگٽين جي پلاند ۾ ڪو نقصان نٿا پھچائين، توڙي جو سندن
بابت اھا خبر به ھجي ٿي ته انھن جو شمار بگٽين ۾ ئي ٿئي ٿو، مثال طور ماضي ۾ بگٽي،
جکراڻي، بگٽي، مزاري تڪرار ٿيو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا سوين ماڻھو قتل ٿيا، پر ان
خوني ويڙهه ۾ شنباڻين پاڻ کي پري رکي پنھنجي مختلف نوعيت جي ڪٺن زندگي ۽ ڪرت ۾ مگن
رھيا، ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي ته سنڌ ۾ آباد ٿيل شنباڻي قبيلي جي ماڻھن کي انگريزن
سنڌ ۾ آندو ھو، حر تحريڪ کي چٿڻ لاءِ۔ منھنجو ان نقطي تي دوستن سان اختلاف آھي، ڇو
ته اھي ڪڏھن به جنگجو رھيا ئي ناھن، ويجھي ماضي ۾ ڊيره بگٽي ۾ نواب اڪبر خان بگٽي
خلاف ٿيندڙ آپريشن کان به ھو لاتعلق رھيا، بظاھر غريب ۽ پوشاڪ مان تنگدست لڳندڙ
شنباڻي برادري جي ماڻھن وٽ ڪروڙين رپين جو چوپايو مال ھوندو آھي، جيڪڏھن اھي چاھين
ته اھو پنھنجو سمورو مال کپائي دربدري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنھنجي زندگي جو انداز
بدلائي سگھن ٿا ۽ ايئن گھڻا گھراڻا ڪري به چڪا آھن، جن پنھنجو سنڌ ۾ مستقل ٿاڪ
قائم ڪري تعيلم حاصل ڪئي، جيڪي سدائين لاءِ سنڌ جا ۽ سنڌي ٿي ويا، ان قبيلي جا ڪيترائي
نوجوان سنڌي ادب، شوبز ۽ سياست ۾ پاڻ مڃائي چڪا آھن.