Saturday, March 26, 2011

ٻوڏ ۽ سوڪ بعد مڪڙن جو مچايل ممڻ - نواز ڪنڀر


ٻوڏ ۽ سوڪ بعد مڪڙن جو مچايل ممڻ
نواز ڪنڀر 
گهوٽڪيءَ جي ٿر واري علائقي ۾، مڪڙن جي پهچڻ بعد، مختلف هنڌن تان اسپري وارا جهاز توڙي اسپري ٽيمون گهرايون ويون آهن، جن جي مدد سان مڪڙن  کي ائين ناس ڪبو، جيئن هو وڻ ٽڻ ۽ فصل کائي ناس ڪن ٿا. کائڻ ۾ تمام تيز ۽ بيحد بي رحميءَ سان کائيندڙ مڪڙن کي ”ماڪڙ“ به چئبو آهي. جيتوڻيڪ مڪڙ جن به علائقن ۾، ۽ جنهن به گاهه، ٻوٽن ۽  فصلن تي ويهن ٿا، انهن جي تباهي ضرور ڪن ٿا. اهي ماڻهو، جن ڪڏهن مڪڙ کاڌا هوندا، تن جو وات هينئر به پاڻي پاڻي ضرور ٿيندو هوندو. ماڪڙ يا مڪڙ، جيڪي عموماً ٿر واري علائقي مان اٿي ۽ ظاهر ٿي، ميداني علائقن ۾ داخل ٿيندا  آهن، تن لاءِ چئجي ٿو ته؛ اصل ۾ اهي جبل جا رھاڪو آهن. ڄاڻو ماڻهو ٻڌائين ٿا ته؛ جنهن سال گرمي وڌيڪ پوي ٿي ۽ پوءِ برسات به وڌيڪ پوي ٿي، ان سال مڪڙن جي اچڻ جو امڪان به وڌيڪ هوندو آهي. برسات بعد جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سُنهري مڪڙ نظر اچن ته پڪ سمجهجي ته مڪڙن جا ڪٽڪ آيا ڪي آيا. عام طور تي جڏهن پاڻ لازم و ملزوم جهڙن ماڻهن مان  ڪو هڪ، اڳواٽ ڪنهن هنڌ پهچندو آهي ته ويٺلن کي پڪ ٿي ويندي آهي ته ٻيو به پٺيان ضرور ايندو هوندو. ان مهل ويٺل چوندا آهن ته؛ ”ابا! سُنهري مڪڙن پٺيان پڪ سان مڪڙ پهچڻ وارا هوندا.“ ڇو جو هي جبلن جا ٻڌايا وڃن ٿا ۽ اتي وڌيڪ گرمي پوڻ سبب، هي هيٺ لهي اچن ٿا. برسات بعد ٿڌي واريءَ ۾  آنا ۽ ٻچا ڪندا آهن، جيڪي هڪ، ٻه يا سؤ، هزار نه، بلڪ لکن جي تعداد ۾ هوندا آهن.


مڪڙن جي لائيف سائيڪل چئن مرحلن تي مشتمل هوندي آهي. انگريزيءَ ۾ locust سڏجندڙ مڪڙ ٿڌي واريءَ ۾ آنا ڪرڻ بعد پاڻ مري ويندا آهن. آنن مان سنها Hoppers يا ننڍا ننڍا ٻچا ڦٽندا آهن. اهي ٻچا، جن کي ڦَڪا چئبو آھي، ٻئي مرحلي ۾ ننڍا پر ڪڍي، اڏامڻ جهڙا ٿيڻ کان اڳ ٽپا ڏيڻ جي پوزيشن  ۾ ايندا آهن. ان وقت ماڻهو انهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ وڏين نالين جهڙيون کنڌيون کوٽيندا آهن. جيئن ئي ڦڪا، ٽپا ڏيندا نالين ۾ ڪرندا آهن، تيئن ماڻهو انهن تي تيزيءَ سان مٽي يا واري ورائي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ ڦڪا دٻجي مري ويندا آهن، پر مڪمل طرح ختم ڪو نه ٿيندا آهن. بلڪ هنن جا رهيل بيضا، واريءَ جي اٿل پٿل ڪري ڦٽي پوندا آهن. هي ئي اهو مرحلو هوندو آهي، جڏهن ڪو انهن کي روڪڻ چاهي ته روڪي سگهي ٿو، باقي هي اڏامڻ جهڙا يا  مڪمل مڪڙ ٿيڻ بعد ڪنهن کي به وٺ نه ڏيندا آهن. پوءِ جيڪو وڻ ٽڻ، گاهه ٻوٽو يا فصل هنن جي رستي ۾ آيو، ان جو رڳو ٿڙ يا ڏانڊيون وڃي بچنديون آهن. تيزيءَ سان اڏامندڙ ۽ کائيندڙ مڪڙن لاءِ ٻڌجي ٿو ته اهي ڪمند، سارين، ٿوهر ۽ اڪ کي هي گهٽ وچڙندا آهن، باقي هي ڇڏيندا ٽوهه به ناهن! ٻٻر ته هنن جي شايد سڀ کان  وڌيڪ من پسند ڊش آهي.
وڌيڪ گرمي ۽ وڌيڪ برسات واري سال، برسات بعد ننڍن وڏن جيتن ۽ تڏن جو  اچڻ، مڪڙن جي اچڻ جي امڪانن کي جهڙوڪر پڪ ۾ بدلايو ڇڏي. جيئن هن سال ٿيو آهي. ڪجھه سال اڳ تقريبًا هر سال، پيلي رنگ جي جهازن ذريعي اسپري ڪري، مڪڙن جو وڏي پيماني تي قتلام ڪيو ويندو هو يا مڪڙن کي اڳتي وڌڻ  کان روڪيو ويندو هو  پر ڪجهه سال، مڪڙن جي نه اچڻ ڪري، سرڪار مڪڙن جي اچڻ کان ائين بي فڪر ٿي ويهي رهي، جيئن درياءُ چڙهڻ جو آسرو لاهي، ماڻهو درياءَ جي پيٽ ۾ ماڙيون ۽ گهر ٺاهي ويهي رهيا هئا. مڪڙن تي اسپري ڪندڙ جهازن لاءِ چئجي ٿو ته انهن مڪڙ-مار-جهازن تي مڪڙن جي مخصوص نشان وارو فليگ هوندو آهي. اهڙن جهازن کي انٽرنيشنل بارڊر بغير اجازت جي ڪراس ڪرڻ جي به ڇوٽ هوندي آهي. جيئن چيو وڃي ٿو ته ۱۹۸۴ع ڌاري ڇاڇري واري پاسي، پاڪستان کي ڏنل ايران وارو مڪڙ-مار-جهاز انڊيا جي سرحدن ۾ ٽيهه ڪلوميٽر تائين اندر هليو ويو هو.
نباتات کي هيڏو سارو نقصان پهچائيندڙ مڪڙن لاءِ، ڄاڻو ماڻهن جو چوڻ آهي ته؛ اُهي ۳۲ کان ۳۶ مرضن جو بهترين ۽ مڪمل علاج آهن، جن ۾ ٻرهل، شگر، سائي وغيره شامل آهن. مڪڙن کي نه صرف انسان کائين ٿا، بلڪ هنن کي اٺ ۽ ڍڳيون به شوق سان کائينديون آهن ۽ کائي مواڙ به ٿينديون آهن. ساڳئي وقت هنن کي ڪانوَ، ڪٻريون ۽ تتر به شوق سان کائيندا آهن. وهيو پکي ته هنن جو ڏاڍو تيزيءَ ۽ مهارت سان شڪار ڪندو آهي. انديشو ان ڳالهه جو آهي ته اسپري بعد ڪٿي مئل مڪڙ کائي پکين ۽ جانورن کي نقصان نه پهچي، جيڪي ٻوڏ بعد اڳ ئي گهڻو گهٽجي چڪا آهن. مڪڙ اچڻ بعد، ماڻهو رات جو وڻن تي ويٺل مڪڙن هيٺان، صبح جو سوير ڪپڙو جهلي وڻن کي ڌوڻيندا آهن ته ماڪ جا ماريل مڪڙ اچي ڪپڙي تي ڪرندا آهن، جن کي ديڳين ۽ ديڳڙن ۾ پاڻي وجهي ٽهڪائڻ بعد انهن جون منڍيون ۽ پڇ وارو حصو الڳ ڪري، تئي يا دانگيءَ تي پچائي کائبو آهي. غربت جي ماريل، ست-رڇي-طعامن کان بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهن لاءِ، اهي ڀُڳل مڪڙ، ڪنهن اعلى کان اعلى طعام کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ لذيذ ۽ سوادي هوندا آهن. 
مڪڙ تقريباً ٽي کان چار انچ ڊگهي ماپ رکندڙ، ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪ هيڊي رنگ جا ۽ ٻيا ناسي. مڪڙ ايترو ته گهاٽو اڏامندا آهن، جو سج واري پاسي کان اڏامڻ مهل ڪنهن ڪڪر وانگر ڇانوَ ڪري ڇڏيندا آهن. مڪڙن جو هڪ جڳهه کان ٻيءَ جڳهه تائين پهچڻ جو وقت، عام طور تي ٽاڪ منجهند يا شام وارو هوندو آهي. مڪڙ زنده حالت ۾ وڌيڪ ڳرا هوندا آهن، پر مرڻ بعد هي صفا هلڪا ٿي پوندا آهن.
مڪڙ ڪڏهن ڪڏهن ڪڻڪون پوکڻ مهل به ايندا آهن ۽ تازيون ڄاول ڪڻڪون کائي ڀينگ ڪري ڇڏيندا آهن. مڪڙن-کاڌل، انگوريل ڪڻڪون پاڻيءَ ملڻ بعد جڏهن وري اٿنديون آهن ته اهڙيون ته زبردست نموني اٿنديون آهن، جو انهن کي ڀاڻ جي به ضرورت نه پوندي آهي. اصل ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿي پوندا آهن.
مڪڙن، ماڻهن ۽ سرڪار وچ ۾ اها لڪ لڪوٽي راند اتر لڳڻ تائين جاري رهندي آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اتر جي هوا مڪڙن کي گهلي سمنڊ ۾ وڃي ڦٽو ڪندي آهي، پر ڪن جو خيال آهي ته اتر لڳڻ ۽ ٿڌ پوڻ بعد هي واپس پنهنجي ”وطن“، جبل هليا ويندا آهن. چوندا آهن ته؛ مصيبت اڪيلي نه ايندي آهي. سو هن ڀيري به دريائي ٻوڏ، آبپاشي کاتي پاران آندل سوڪهڙي بعد رهي سهي ڪسر ڪڍڻ لاءِ مڪڙن اچي ممڻ مچايو آهي ۽ اڻ-ڪوٺيا مهمان ٿيا آهن. ڏسون ته  ڳالهه  ڪٿي ٿي دنگ ڪري!

No comments:

Post a Comment