تترن جو شڪار ۽ خفتين جا گُر
خالد ڪنڀار
تترن Partridge جي پنهنجي جوءِ هوندي آهي. تتر پنهنجي جوءِ ڪڏهن به ڪو نه ڇڏيندو.
ڪيڏانهن به وڃي پر ڦري گهري وري ايندو پنهنجي جوءِ ۾. انهي جوءِ ۾ تتر جوڙي ۾ رهندو
آهي. ڪڏهن به هيڪلو نر يا مادي ڪٿي ڪو نه هوندي. جي ڀلا نر ڪنهن شڪاري هٿان جهلجي ويو
ته مادي وري ٻئي نر جي ڳولا ڪندي، جوءِ جوءِ ڦرندي ۽ ڳوليندي. پوءِ جنهن نر جي مادي
جهلجي وئي هوندي، اهو به اڪيلو هوندو ته سامهون ٻوليندو. ايئن وري جوڙي ٿي ويندا ۽
وڃي تتري واري يا تتر واري جوءِ جهليندا. انهي ئي جوءِ واري ڳالھ جو شڪاري پورو پورو
فائدو وٺندا آهن. نه ته تتر ڪو جهل ڏي! پر تتر جڏهن به جوءِ ۾ ڪنهن نولي تتر جي ٻولي
ٻڌندو آهي ته نه رڳو هن جي سامهون ٻوليندو آهي، پر انهيءَ ٻوليندڙ تتر سان وڙهڻ لاءِ
جهٽ ۾ اچي پڄندو. تتر ئي ٻي تتر جي ٻولي سڃاڻي ٿو. ماڻهو جي وس جي ڳالھ ڪونهي. ماڻهوءَ
لاءِ سڀئي تتر هڪجهڙا ۽ سڀني تترن جون ٻوليون به هڪجهڙيون. پر هڪڙي ڳالھ آهي جيڪي خفتي
آهن اهي پنهنجي تترن جي ٻولي پنجن ڪوهن تي به سڃاڻي ويندا ته اهو منهنجو تتر پيو ٻولي.
ڇو جو خفتي ته پنهنجي تتر کي هٿن سان پالي وڏو ڪن ٿا. انهن لاءِ ٻولي سڃاڻڻ ته ڪو مسئلو
ئي ناهي ۽ شڪاري گهڻو ڪري تتر سان ئي تترن کي ڦاسائيندا آهن. بس گهڻو ڪري تتر ئي تتر کي مارائي ٿو. ڦاسرائي تتر ٿو
۽ ڦاسائي شڪاري ٿو. تترن جي شڪاري
جو شڪار گهڻو تڻو آهي ئي تتر سان. جيڪڏهن هن وٽ تتر آهي ته هو شڪار ڪري سگهي ٿو نه ته ويٺو سيم ۾ پير اهاڙي
پوءِ جيڪو بخت. ڇو جو شڪار
آهي ئي بيڪار. جي لڳي ته جهٽ ۾ جهولي ڀري
اچي، جي نه لڳي ته سڄو ڏينهن ويٺو، سڃي سيم هڻي، پر حرام جي ڪو جهٽ لڳيس. تتر جو شڪار تتر کانسواءِ ڪري ئي نٿو سگهجي پر جي ڪير تتر کانسواءِ تتر جو شڪار ڪري ٿو ته اهو
ايترو سولو ڪونهي. تتر کانسوءِ تتر جو شڪار ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي. جيڪي شڪاري تتر کانسوءِ
تتر جو شڪار ڪن ٿا، انهي جا به گهڻا ئي طريقا آهن. پوءِ جهڙو وڻي اهو طريقو استعمال
ڪري.