Saturday, March 26, 2011

ڳيرو - نواز ڪنڀر


ڳيرو
برسات ۽ مهمان اچڻ جو اهڃاڻ
نواز ڪنڀر
اهي پکي، جن کي ڪيترن ئي خطرن اچي ورايو آهي، سندن ساهه کڻڻ جي گهٽين کي گُهٽي، سوڙهو بڻايو آهي، انهن ۾ ڳيرو به هڪ آهي. ڳيرو، جيڪو اڳ ۾ جتي ڪٿي عام هوندو هو ۽ چوڌاري سندس گهوگھٽ پيا ٻڌبا هئا، تنھنکي هاڻي ڏٺي ڏينهن  ٿيون وڃن ۽ گهوگهٽ ٻڌڻ لاءِ ڪن سِڪيو وڃن. خبر ناهي جلال چانڊيو ڪهڙي پاسي نڪري ويو هو جو پئي ڳاتائين؛ “جت يار منهنجي جا هئا ديرا، ات گهوگهٽ ڪن پيا ڳيرا.” هاڻ ته هتي نه يار رهيا آهن ۽ نه ئي انهن جي ديرن تان گهوگهٽ جا آواز ٿا اچن. سڃ ئي سڃ آهي؛ “تنهنجون يادون ۽ هي اڪيلائي” واري ڪار  وڃي بچي آهي.


ڳيري کي ڪيترن ئي سببن جي ڪري نقصان پهتو آهي. خفتين جو چوڻ آهي ته؛ “ٻين سببن کان علاوه فصلن ۾ دوائن ۽ ڀاڻ جي استعمال به سندس نسل ڪشي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.” ڳيرو ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجهر ۽ سائون وغيره شوق سان کائيندو آهي. ڪڻڪ پوکڻ مهل، ٻج زهر واري دوا ۾ ملائي پوکبو آهي. ڳيرو پوکيل/ ڇٽيل ڪڻڪ جي ٻج ۽ تازي ڄاول ڪڻڪ کائڻ سبب، اڪثر ٻنين ۾ مئل ملندو آهي.
سنڌ اندر، ڳيرو سياري ۾ سارين جي لهڻ وقت وڌيڪ نظر ايندو آهي. ڪجھ سالن کان پاڻيءَ  جي گهٽتائي سبب، ساريالو فصل گهٽ پوکجڻ ڪري، ڳيري تي به اثر پيو آهي. ڳيرو سياري دوران ساريالي فصل سبب سنڌ ۾ ۽ اونهاري دوران پيرون پچڻ تي ٿر ۾، وڌيڪ نظر ايندو آهي. ڪڻڪن جي لابارن ۾ به عام جام هوندو آهي. پيرون ۽ کٻڙ، سندس من پسند ميوا ۽ وڻ آهن. اڪثر ڪري، آکيرو ٺاهيندو ئي کٻڙن ۾ آهي. اڄڪلهه ته گتي جي ڪارخانن سبب، کٻڙ جي شامت آيل آهي، جنهن جو اثر به سنئون سڌو مٿس پيو آهي. کٻڙ کان علاوه ٻٻر، ڪنڊي ۽ وڻن جون هُڙيون، سندس رهڻ جون خاص جايون آهن. کٻڙ سان گڏ، ٻين مڙني وڻن جي واڍي وڌي وڃڻ سبب، ڳيري جي رهڻ جو ماحول سخت متاثر  ٿيو آهي. بي گهر ٿيڻ ڪري، گهٽجي رهيو آهي.
ڳيرو شڪار ڪرڻ ۾ به صفا سولو پکي آهي. نه منجھس چالاڪي آهي، نه ئي ڦڙتي. سندس سونهن ڏسي، شڪارين جي دل مٿس هروڀرو به هرکي پوندي آهي. کيس ڍٻ، ڪوڙڪي، گولي، ايئرگن، بندوق (ڇيرن واري) سان شڪار ڪري سگهبو آهي. اڪثر شڪار جا شوقين، شڪار ڪرڻ سکندا ئي مٿس آهن. نوجوان ڳڀرو شڪاري، پاڻ کان وڏي “شڪاريءَ” جي “زير نگراني” گهٽين، پاڙن، ٻني ٻارن ۽ ويرانن ۾ ڳيري کي ڳوليندا وتندا آهن. ڳيرا گهڻو ڪري گڏ اٿندا ويهندا آهن ۽ سَون جي تعداد ۾ هوندا آهن. پوءِ کڻي اَن جو کرو هجي يا بجليءَ جون تارون. ان ڪري ڪيترا ئي، هڪ ڌڪ سان، سو به صفا سولائي سان، ڪري پوندا آهن.
ڳيري کي هڪ ته سندس سونهن ٿي مارائي ۽ ٻيو سندس لذيذ ۽ حڪمت جي حوالي سان مفيد گوشت قتل ٿو ڪرائي. ڳيري جو گوشت، سڀني پکين، ويندي تتر جي گوشت کان به وڌيڪ لذيذ هوندو آهي. جنهنڪري کائڻ پيئڻ جا شوقين، ڳيرن جي گوشت تي ڳڀا ڳڀا پيا ٿيندا آهن. حڪيمن به سندس نسل ڪشيءَ ۾ ڪافي حصو ورتو آهي. ڳيري جو گوشت “ڪمزوريءَ” ۾ ورتل مردن ۽ دم جي بيماريءَ ۾ ورتل ٻارن لاءِ مفيد هجڻ سان گڏ، اڌ رنگ جي بيماريءَ ۾ پاريهر نه ملڻ جي صورت ۾ به استعمال ڪبو آهي. حڪيم جيڪر اڌ رنگ جو سولو ۽ سستو علاج ڳولين ته ڳيري تان ھوند ڪجهه ڏُرت لهي سگهي ٿو.
سال ۾ ٻه ڀيرا، ٻن کان چئن تائين، روزانو آنا لاهيندڙ ۽ 21 ڏينهن تائين آرو ڪندڙ ڳيري جي آني توڙي ٻچي جو ڪانءُ وڏو دشمن آهي. ڪانءَ جي جهڙي آهي بڇڙي شڪل، ٻاهريان توڙي اندران ڪارو، ڳيري جهڙي ڳوڀ ۽ سندر پکي کان به نٿو مڙي. ڳيرو ٻچن ۽ آنن کي بچائڻ لاءِ ڪانءَ سان وڏي ويڙهه کائيندو آهي، جيڪا ڏسڻ وٽان هوندي آهي. هن ويڙهه ۾ فتح، بدصورتيءَ جي ٿيندي آهي. سونهن هارائي، اندر جو سور اندر ۾ پي ويندي آهي.
ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي؛ “ڳيري ۽ سنڌي ماڻهن ۾ هروڀرو جي هڪجهڙايون ڳولجن ته گهڻي مايوسي ڪونه ٿيندي. ڪافي مشابهتون ملي وينديون. ڳيري جو ڪاٺين جو آکيرو نه ته جهرڪي جي آکيري جهڙو خوبصروت هوندو ۽ نه ئي روڏي (سر چيڙي) آکيري جهڙو مضبوط، مڙئي گهر ٺاهي ميار لاهيندو آهي. سنڌي ماڻهن جي اڪثريت جا گهر به ائين ئي هوندا آهن.” سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي؛ “اڙي ڳيري جي آکيري جهڙو گهر ٺاهيو اٿئي”.
ٻيا پکي جڏهن وڙهندا آهن ته ڪڪڙ ۽ تتر وغيره وانگر چنهنب ۽ پيرن جو آزادانه استعمال ڪندا آهن پر شريف ڳيرو، ايتري خفي ۾ ڪونه پوي. هي پاڻ ۾، پرن سان وڙهندا آهن. رت ڪڍڻ جي ڪار نه هوندي اٿن. بس دڙڪي دهمان تي ڪم هلائيندا آهن. سندن اهو جھيڙو اڪثر ڪري گڏيل حقن لاءِ نه پر رڳو  “زن” تي هوندو آھي.
ڳيرو بنيادي طرح هڪ سست ۽ عاشق مزاج پکي آهي. برسات جو صفا ڀاڙيو آهي. مينهن وسڻ بعد کيس ڊوڙائي ڊوڙائي به  پڪڙي وٺبو آهي. پُسيل حالت ۾ ڪنهن کي ڏسي چئبو آهي؛ “اڙي صفا ڳيرو لڳو پيو آهين.”
صبح جو تمام سوير، اسر کان به اڳ اٿندڙ ڳيرو، گرمين ۾، جڏهن چوڌاري خاموشي هوندي آهي ۽ هر ڪو گرميءَ سبب بي حال ٿيو پيو هوندو آهي، ان ويل ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ تان گهوگهو واري ٻولي ڪري عجيب تاثر پيدا ڪندو آهي. جهڙوڪر گرمي ستايلن کي همٿ نه هارڻ، ڏکيا ڏينهن نيٺ گذري وڃڻ ۽ بجلي جلد اچڻ جي خوشخبري ڏيندو آهي.
سنڌ ۾ ڳيري جا ٽي قسم آهن: ٽاڪرو ڳيرو، بگو يا اڇو ڳيرو ۽ ڪُوڪُٽي يا ٽونٽڻي ڳيرو. ڳيري جي ماديءَ کي ڳڄي ۾ هلڪي ڳاڙهي رنگ جو نشان هوندو آهي. نر وري وزن ۾ ڪجهه وڌيڪ هوندو آهي. ائين پري کان نر مادي جي سڃاڻپ آسانيءَ سان ٿي ويندي آهي. اڄڪلهه جا شڪاري پراڻين رسمن کي وساري، نر مادي جي تميز ڪرڻ بنا، جيڪو آيو سو اگهيو چوڻيءَ تي دل کولي عمل ڪري رهيا آهن. روز جتي ڀينرون، ڀائر ۽ مائرون پُٽن هٿان پيون مارجن، اتي ڳيريءَ جي موت جو ڪهڙو ماتم ڪجي!!
اڳي جڏهن کرا تيار ٿيندا هئا ۽ ڳاهه ڳاهبا هئا ته سون هزارن جي تعداد ۾ ڳيرا به اچي کري جو پاسو وٺندا هئا. ٿريشر اچڻ بعد نه رهيا آهن کرا ۽ نه ئي ڳاهه. چند ڪلاڪن ۾ ميدان صاف. نه ڳيري جو حصو، نه فقير فقرا جو. تڏهن ته برڪت به اهڙي ئي آھي. 20 مڻ وارو به پيو روئي ته هزار مڻن وارو به پيو روئي. مڙني کي مٿي تي هٿ آهن. ڳيري جو ڇا ويو؟ هو ويچارو اڏامي ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويو ۽ قرض ۾ ورتل اڪثر زميندار نور چاڪراڻيءَ جي شاعري؛ “ننڊ نيڻن مان لڏي ڏور ڪهڙي ديس وئي!” ڳائيندا وتندا آهن.
لوڪ ڏاهپ جي ماهر ڀاڳين مطابق؛ “ڪنهن ڍور تي ننڍو ڳاڙهو ڳيرو يا ڳيري ويهي ته ان ڳيري کي فورًا مارڻ گهرجي.” ان جو مال تي ويهڻ سٺو سنئوڻ نه سمجهبو آهي. جيڪڏھن ڪانءُ ويهي ته جانور جي جسم کي چتائي ڏسجي؛ ڪٿي ڪو زخم ته ناهيس. باقي ڪٻريون ۽ ٻگهه، جانور جي جسم جي مختلف حصن مان چچڙ، ڄئون ۽ جيت ڳولي کائيندا آهن. خصوصًا سياري ۾، جڏهن اهي پکي، ڍورن جي جسم مان جيت ڳوليندا آهن ته ڍور تڙڪي تي آهلي، سن باٿ پيا وٺندا آهن.
اڳي سانوڻ جو جُهڙ ٿيندو هو، ڪارا ڪڪر وسڻ جا ويس ڪندا هئا، وُٺي جون هوائون گُهلنديون هيون ته نظرون ڳيري کي ڳولينديون هيون. جيڪڏھن ڳيرو سڪل مٽيءَ ۾ پَر هڻي، وهنجڻ جي ڪندي نظر ايندو هو ته پڪ سمجهبي هئي ته مينهن آيو ڪي آيو، بندوبست ڪري وٺو. ائين ڳيرو سائنسي دنيا کان پري رهندڙن لاءِ برسات جي اڳڪٿيءَ جو ذريعو هو. برسات جي مند کانسواءِ ڳيري جو ڪڪڙ وانگر پَر ڦهلائي پاسيرو ٿي سمهڻ، مهمان اچڻ جي اڳواٽ اطلاع برابر سمجهبو هو. هاڻ ته ڳيرو خود مهمان ٿي ويو آهي.
افسوس اهو آهي ته انگريزن جي دور جي ٺاهيل قانون ۾ اڃا تائين ڳيرن جي حوالي سان ڪا به ترميم نه ڪئي وئي آهي. ان جي شڪار کي اڃا تائين قابلِ سزا جرم قرار نه ڏنو ويو آهي. نه ئي کيس ختم ٿيندڙ نسل يا بچاءُ لائق نسل جو درجو ڏنو ويو آهي. جيڪي حڪومتون انسانن لاءِ ڪجهه نه ڪنديون هجن، انهن مان ڳيري لاءِ ڪهڙي اميد رکبي!

No comments:

Post a Comment