Thursday, December 20, 2012

اوٺاري، اٺ ۽ اٺيون - خالد ڪنڀار

اوٺاري، اٺ ۽ اٺيون
خالد ڪنڀار

جي ڀلا اُٺِ، مينهن ساريو ته ڪنهن به وڻ جي ڇانءَ ۾ ڪو نه وهندي. بس رڳو جهير ڪري منهن ڪندي ڪاڇيل ۽ انهي ئي آڙنگائو ڏينهن جو ڪاڙهي تتي جو وچ پڌر تي ويهي رهندي پوءِ هزار حيلا ڪر ڀلين لاڻون وڍي اچي اڳيان رکينس پر ڪک به منهن ۾ حرام جي وجهي، پگهر پيو وهندس ۽ ويٺي هوندي ڀلين اڃي بکي کي ڏينهن لهي وڃي پر ٻيو ٿيو خير ۽ جي ڪئين هورو ۽ ام ٿيس ته ڀلين ٻٽيهو رڻ وچيان هجي پر ڇڪ وڌئين ته وس ڪندي ته رات وچ ۾ رسان پر جي ڀلا رات وچ ۾ نه به رسي ته به هوري آيل اٺ وجهه مليو ڪٿان ڪا زرو ويڇي ملي ته رڻ اڪري به اچي انهي سيم جا وڻ چرندي. چون ٿا؛ اٺ بي پتي ذات آهي. پر انهي بي پتي ذات جو جيڪو پنهنجي سيم سان عشق آهي، انهيءَ جي ڳالهه کڻي ڇڏ. سنڌ ۾ اٺ ڪٿي به ڍاٽڻ هجي پر جي کنوڻ جو چمڪو اکين ڏٺائين ته رات جي پيٽ ۾ اچي ڀٽ چڙهندي. هاڻ ڏس ٻيلي اٺ ۽ ماڻهو جي عمر جي ڪهڙي خبر؟ اهو ڪئين چئجي ته ٻيلي اٺ جي عمر وڌ ۾ وڌ هيتري ٿيندي پر هڪڙي ڳالهه آهي؛ اٺ ڪيتري به پوڙهي هجي ڀلين هلڻ کان لاچار هجي ۽ اکين سان انڌي ٿي وئي هجي پر ڪن جيسين ٻوڙا نٿا ٿين تيسين پئي ويامندي. اٺ پنڌرنهن کان ويهه پيٽ پئي ويامندي. سو يار اٺين جون ڳالهيون ٿو ڪرين نه ته اٺ ۽ پٽ ته ڪاري رات جو به ڪم جا. جي هجي اٺ اڱڻ ۾ ٻڌل ۽ ڪاري رات جو به جهيڪاري ٻڙهو ڪري ويٺين پوئين چونڪ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڀيڻين ضرور رسائڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽائيندو. ۽ جي پنهنجي پيٽ جو پٽ هوندو ۽ ڪاري رات جو به اٿاري جي ڪيڏانهن روانو ڪيو ته ورندي ڪو نه ڏيندو ته ٻيلي هئين يا هون.


اوٺاري جي جهوڪ جتي اگلا ڪڇرا اوٺاري ڀر ۾ وهندين ته پگهر ۽ مر جي ڌپ ۾ دم پيو گهٽبو پر جي اچي ويا اوٺارين اٺن ۽ اٺين جي ڳالهين تي ته ڀلين سڄي ڏينهن جي پنڌ جا ماريل هجن پر هنن کي اهو ڳالهيون چس پيون ڏينديون وينديون، سٿر کسريندا ويندا ۽ ذات ڀلي اٺ، هنن جي اک ۾ هوندو ۽ هوشيار اوٺاري هنن جو آئيڊيل هوندو آهي. اٺ، ڪوه پنڌ تي به ويندو هجي ته به انهي جي اوڳر جي بوءِ بر ۾ به پئي ايندي. هر اوٺاري، پنهنجي پوري وڳ جو پير سڃاڻيندو، پنهنجي وڳ کان سواءِ هو جيڪو ٻيو سيم ۾ وڳ هوندو، انهيءَ جو پير به سهي ڪري ويندو ته هي فلاڻي جي وڳ جو پير آهي. ائين اوٺاري جي سڄي ڳولا پير تي آهي. هڪڙي کارسر جي رٻاري جي اٺ، وڳ مان ٽٽي وئي. سڄي جوءِ هڻي، پارڪر اچي بيهي رهيو. پر نه ته ڪٿي پير لڳو ۽ نه وري ڪو ڏس، ورهيه گذري ويو. انهي کانپوءِ ڏس پيس. اهڙي اٺ ساڪرئي ۾ رول ڏسائي ٿي. هيءُ جُتي هٿ ۾ ڪري، اچي انهيءَ ڳوٺ ۾ رسيو. جيئن اٺ بي پتي ذات، اهين اوٺاري به بي پتا. سو وڳ ۾ ڇڏڻ جي بدران اچي رٻاري کي ڇڏيئون وڳ جي پيرن تي. رٻاري کي چيائون؛ جي تو هن وڳ جي پيرن مان، پنهنجي اٺ جو پير سڃاڻي وئين ته ملندي. سؤ اٺين جا پير، رٻاري هڪڙو گهمرو پيرن کي ڏنو، وري ٻيو گهمرو ڏنو ۽ ٽئي گهمري تي، لٺ سان هڪڙو پير ليڪي، چيائين؛ هيءُ آهي منهنجي اٺ جو پير. پوءِ اتان، انهيءَ اٺ تي ڪيائين ٻڙهو، اچي رات پيٽ ۾ کارسر مان نڪتو. اهين اوٺاري سؤ اٺن جي وڳ واري پيرن ۾، پنهنجي اٺ جو پير سڃاڻي ويندو آهي. اوٺاري پراڻو هجي يا نئون، سنڌڻ اٺ جي واکاڻ هڻي بيهي رهو، ڪو نه ڪندو. ڦيرو ڏئي ڳالهه وري به جي ڪندو ته ڪندو ڍاٽڻ اٺ جي ۽ جيڪڏهن ڪنهن پارڪر جي رٻاري کان اٺن جو پڇندين ته اهو پارڪريو رٻاري وري مارواڙي اٺ جي ڳالهه ڪندو. سنڌڻ ۽ ڍاٽڻ اٺ جي فرق تي ڳالهائيندو. صورت جي به سهڻي ڍاٽڻ اٺ ۽ پنڌ به ڪندي. هڪڙو اهو به خيال آهي ته ڍاٽڻ پنڌ جي ڀلي، انهيءَ جي ڪري به هوندي آهي جو هن کي پاڻي تسي تي يا گهٽ ملندو اٿس. سنڌڻ اٺ کان پنڌ ڪو نه ٿيندو. ڍاٽڻ اٺ، پري کان پڌري. ڪن سريون گڏيل، پير ننڍڙو، پڇ به ڇوٽو، ڳچي سنهي ۽ ڊگهي، مٿو ننڍڙو، ايڏر وڏو، رنگ ڳاڙهو. سنڌي اٺڻ، حد بڇڙي چپ وڏا، پير دڦيڙ وڏو، جسم جي ڳري، زر زر ٿڪي پوندي، بد شڪلي. گهوٻاٽ سنڌڻ اٺ، ڀلي. اوٺاري وٽ سنڌڻ اٺ ڪٿان اچي به وئي ته ڪوشش وڪڻڻ جي ڪندو. سنڌڻ رڳو کير جي ڀلي آهي. ساماري واري گل ڪپريءَ وٽ 250 اٺيون آهن، 250 ئي سنڌڻيون. ڍاٽڻ هوندي ته وڳ ۾ هلندي به سونهي. ٻي ڳالهه وري اها ته اوٺاري ڀلن اٺن جا پيار مان به نالا وٺن. پر جي وڃايل اٺ جي پڇا ڪندا ته انهي لئه اٺ جو رنگ ۽ عمر، اها عمر به اٺ جي ڏندن جي حساب سان ٻڌائيندا آهن. صفا کير پياڪ اٺ کي توڏو چوندا آهن يا وري گونريو چوندا آهن. جي اٺ ٻـ ڏند ڪيا ته انهي کي چوندا ٻگو. اٺ گهڻو ڪري ٻه ڏند ڪندو، تڏهن انهي جي عمر هوندي آهي پنج سال ۽ سال ٽپيو ڇهن سالن جو اٺ ڪندو چار ڏند، انهيءَ کي اوٺاري چون چوڳو. وري سال ٽپيو ته ست سالن ۾ ڇهه ڏند ڪري ويندو، انهيءَ کي وري اوٺاري چون؛ ڇڳو. ست اٺ سال ٽپيو ته پوءِ ڪندو نيش ۽ نيش هوندا ٻه. انهيءَ کي چوندا؛ نيش اٺ يا پاڪيٽ ۽ ها پاڪِيٽ پڪي عمر جي اٺ کي چوندا آهن. اٺڙي کي نه اٺ جو ڏس، عمر کانسوءِ رنگ تي به ڏبو آهي. سائو ڀورو، سائو اڇو، ڪڻڪ رڳون، چانورو، ڳاڙهو رنگ جو ڀلو وري ڳاڙهو اٺ. جي اٺڙي ٻـه پيٽ ويايل هوندي ته انهيءَ کي چوندا؛ ٻيهاڻ. جي ٽي پيٽ ويايل هوندي ته انهيءَ کي وري چوندا؛ ٽيهاڻ. ائين اٺڙي ٽسالي هوندي يا چار سالن جي، تڏهن لڳندي. اٺ، تيرنهن مهينن ۾ ويامندي آهي ۽ تيرنهن ئي مهينا پئي گونريو يا توڏڪي ڌارائيندي ۽ ويامڻ کانپوءِ جي لڳڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين ته اها آهي کاڌي سان. جي آهي سولي ته ٻئي مهيني به لڳيو سگهي ٿي. ٽئي مهيني به لڳيو سگهي ٿي. جي ورهيـه ئي ڏڪار آهي ته پوءِ ڀلين پئي ٺلهي هلي.
اٺ ٻيلو ڪو نه ڪندي. ڪندي ته ڦر هڪڙو ڪندي. جي ڀلا ڪڏهن ڪنهن اٺ ٻـه ڦر به جي ڪيا ته اهي بچندا ڪو نه ۽ جنهن وڳ جي اوٺاري جي اٺ ٻه ڦر ڪيا ته اهو اوٺاري ڪيترا ڏينهن، انهيءَ جهوڪ تي ڪو نه ويندو. نڪو وري پنهنجي هٿ سان اهي ڦر ڌارائي. اٺ جي ٻـه ڦر ڪيا نه ته اها ڌڻي تي يا اٺڙي تي ڀارڻي آهي. اها بد سوڻ آهي. انهيءَ ڪري اوٺاري ٻن ڦرن ۾ خوش ڪو نه هوندو آهي.
کير ٻئي ڪنهن جانور ۾ ايترو ڪونهي جيترو اٺ ۾ هوندو آهي. اٺ جي مڙڻ جو ڪو ٽائيم ڪونهي. ڀلين جيڏي مهل دل چئي، اوڏي مهل پيو ميڙ. توڏي تي به مڙندي، جي هٿ تي ٺهيل هوندي ته رڳو اوٺاريءَ جي هٿ ۾ وٽو ڏٺائين ته سڌي هلي ايندي، اچي مڙندي. ڪڏهن ڪڏهن وري ائين به آهي جي ڪنهن اٺ جو ڦر مري ويندو آهي ته اوٺاري انهيءَ ڦر جي منهن واري پاسي جي کل لاهي، انهيءَ ۾ سڻ ۽ ٻوه ڀريندو آهي ۽ انهيءَ کي هٿ سان سامهون ڪندو ته اٺ هلي اچي، انهيءَ کل کي چٽيندي. هڪڙو اهو جهليو بيٺو هوندو ۽ ٻيو وري ڇا ڪندو جو هڪڙي پير تي بيهي ٻيو پير مٿي ڪري، هڪڙي ٽنگ جي گوڏي تي رکندو. پوءِ گوڏي تي رکيل پير واري ٽنگ ساريکي ٿي ويندي. وٽو رکندو انهيءَ ساريکي ٽنگ تي ۽ ٻنهين هٿن سان ويٺو اٺ کي ميڙيندو. هڪڙي ٺونٺ ائين جهليندو جو حرام جي اٺ ٽنگ هڻي سگهي يا لت به کڻي هڻي. هونئن ته اٺڙيءَ جو کير سائيءَ جهڙي مرض لاءِ هڪ ٽڪ آهي، پر شرط اهو آهي ته اهو کير ٿڻين ڏڌو هجي. هتان کير وٽي ۾ پوي، اهڙو جو اهڙو ٿڻين ڏڌو کير، هڪ تڪ ۾ پئي ته پوءِ سائيءَ جي مرض تي اثر ڪندو. ٺاري پيئڻ سان اهو اثر ڪو نه ڪندو. ٿڻن ۽ وٽي جي وچ ۾، وڏي ويڇي ٿي هجي انهيءَ ڪري اٺڙيءَ جي کير تي گوگهه جام ٿين ٿا. گهڻو ڪري اوٺاري ڪنهن نئين کير پياڪ سان مشڪري ڪندا آهن. تڏهن وريو ڇا ڪن جو انهيءَ کير ڏڌل وٽي ۾ اٺ جو پڇ ٻوڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ انهيءَ کير پئيڻ واري کي به اهڙي ئي تيڪ لڳندي آهي، جهڙي اٺڙي کي تيڪ لڳندي آهي. سنڌي رٻاري، اٺ جي کير جي مهي به ٺاهيندا آهن. حقيقت ۾ ٿريا اوٺاري، انهن جو قدر نٿا ڪن. اهي چون ٿا؛ اٺ جو کير خيراتي آهي. جيڪو اچي، انهيءَ کي پياريو. هن جو ويڪرو يا مهي نه ڪجي.
ڪن ڪن اٺڙين جو وري ڦر تي هيج ڪو نه هوندو آهي. انهيءَ کي اوٺاري ڀرت ڪندا آهن. ڄار ڊوهو وڍي، انهيءَ جي ڳنڍ ٺاهي، اٺ جي نازڪ عضوي ۾ ڪندا آهن. اڳيان منهن ٻڌي ڇڏيندا. اٺ ساه کڻڻ ۾ به لاچار هوندي. انڌي ٿي وڃي ڦر تي ڪرندي. اهو ڦر ڏيئڻ کانپوءِ ٽي ڏينهان ڪندا آهن. ڪتي کي رڙيون ڪرائيندا. مطلب ته اٺڙيءَ جو هيج ڪرائڻ لئه اوٺاري وڏا ڦسرا ڪندا آهن. اٺ اڪثر ڪري، پوهه مهيني ۾ ڍُڪي رهندي آهي. سياري ۾ اٺ به پنهنجي مستي ۾ هوندو آهي. ڪنهن به شيءِ جو حياءُ ڪو نه هوندو آهي. ڌڻيءَ کي به اٺ سياري ۾ ڪو نه سڃاري. تروئو مغز ٻاهر ڪڍندو ۽ ڀڀڪي پئي پوندي آهيس. جنهن کي آيو انهيءَ ۾ چڪ هڻندو وڙهندو. ڀيل کي رڻ ۾، اٺ ٺپ ماري وڌو. منهنجي پنهنجي ماسي سومار دلن جي تڙ واري کي آهر ڏئيڻ ويو ته ڪنڌ ۾ چڪ هڻي ڪڍيائين. اتي مستيءَ جي ڏينهن ۾ اٺ کي اڳي چم تر هوندو آهي پوءِ هڏ تر هڻندا آهن. هڏ ۾ ناڪيلي وجهندا آهن، جنهن ۾ مهار ٻڌبي آهي. هونئن وري چپ ۾ مهار ٻڌبي آهي. هڏ تر لڳو ته اٺ لوهه. چوندا ڪو نه آهن؛ مڙس کي ٻه گهر، اٺ کي هڏ تر.
اٺ، بي پتي ذات ته آهي. پوءِ مستيءَ ۾ آيو ته جنهن به اٺڙيءَ کي وڳ ۾ وهر آيل ڏٺائين، انهيءَ کي وڳ ۾ دسي بڇڙي ڪري پوءِ وڃي اٺڙيءَ تان لهندو. جي اٺڙي اڳي ئي لڳل هوندي ته هو اهڙي اٺ کي ڏسندي ئي پڇ مٿي ڪندي. پوءِ اهو اٺ، انهيءَ کان پاسو ڪندو. جنهن اٺِ پڇ مٿي ڪيو، اها سمجهه دسجڻ کان بچي وئي. جي مرڳو ئي بي پتو بي حيا هوندو ته پوءِ بس انهيءَ کي اوٺاري تڻان ڪرڻ چوندا آهن. ٻي جانور جي خبر دير سان پوندي آهي پر اٺ پنڌرنهن ڏينهان ئي پڇ مٿي کڻي ٻڌائي ڏيندي ته هيءَ ڍڪي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪنهن اٺ کي لڪ ۾ تلهڙ واهي ڪڍيو يا ڪا اوچتي رڙ ڪئي ته اها اتي سري ويندي معنيٰ وڃي وري ڍڪي رهي. ڪڏهن ڪڏهن اٺڙي ست اٺ مهينن کانپوءِ به ڦر ڇڏي ڏيندي آهي. جنهن کي اوٺاري چوندا آهن ته؛ ڪرڙ ڇڏيو آهيس.
هونئن ته اٺ ٻٽيهه جا ٽيٽيهه وڻ به کائي ويندي پر اڪ جو پن به وات ۾ ڪو نه وجهندي. لاڻون ۽ ڪونڀٽ کارا کٻڙ ۽ انهن جي مڪ تي نيئر ٽوڙائي به رسندي. اٺ جي هڏي، اڪ جي ڪاٺيءَ وانگر آهي. وچ پڌر تي به جي ٽٽي وئي ته هيلا هتر ڪري بيهي رهه، ٺهڻ جي ڪونهي. اٺ کي پنڌرنهن ڏينهن پاڻي جي پرواهه ڪونهي. انهي کان مٿي جهلو ڪو نه ڪندي.
ڪي ڪي اوٺاري وري اٺ رهجي وڃي يا اڀرڙو ٿي وڃي ٿوهو نه هجيس ته ڇا ڪندا جو گهيٽو ڏاڍو رڌي، انهيءَ مان هڏيون ڪڍي، گوشت ڳاري پوءِ اهو نائيندا آهن. جي واءِ ٿئي ته وري ڇا ڪندا آهن جو گدڙ ماري، اهو ڏاڍو رڌي هڏيون ڪڍي، اهو به گوشت ڳاري، اٺ کي نائيندا ته واءِ ختم ٿيو وڃي.
هيرو بيماري جنهن ۾ مٿي ۾ ڳنڍ ڪڍندي آهي. مٿي ۾ ته ڏنڀ ڏيندا آهن، ٻيون به ڪيتريون ئي اٺ جون بيماريون آهن جن ۾ ڏنڀ ڏبو آهي. جي اٺ جو اوه ۽ ٿڻ سڄي وڃن ته پڇ جي مٿان، ڍونگري تي ڏنڀ ڏبو آهي. اڳي گهڻي هوندي هئي اٺن ۾ کاڄي جي بيماري. هاڻ ته خبر ئي ڪو نه ٿي پئي. جيتريون اچي بيماريون نڪتيون آهن اوتريون وري سئيون نڪتيون آهن. جهنگلي ڏس ته ڪير ڪري ئي ڪو نه ٿو. پر اڳي ڪبا هئا. جي ڀلا اٺ کي کاڄي ٿي وڃي ته ڇا ڪندا هئا؛ ڊوها ڄار روڙي، انهن کي ٻاري، پوءِ انهن جي جيڪا ڦلهيار ٿيندي هئي، انهيءَ کي ڪوسي پاڻيءَ ۾ رڌي، اٺ تي ٺڪري يا ڪاٺي سان ڪري يا هٿ سان ڊڙي ڇڏبي هئي. جڏهن اها ڦلهيار سڪندي هئي ته اوٺاري ڪاٺي ساڻ ڪري، انهيءَ کي کرڙي لاهيندا هئا. اهڙا ٻه هٿ کاڄي ٿيل اٺ کي هڻبا هئا ۽ مٿان وري کاري تيل جي مک ڏبي هئي ته وري کاڄي ڪو نه ٿيندي هئي. سئين واري کاڄي ته وريو ٿيو وڃي.
جئين اٺ سياري ۾ مستي ڪندو آهي، ائين وري اوٺاريءَ جي مستي جي موسم آهي وسڪارو. ڀٽن، ڏهرن ۽ تڙڪولن ۾ هونگر پئي پئندي، هڪلڻ لئه هونھ هي هاها هم هونھ هي هاها هم، بس هونگر جو آواز ڪوهه پنڌ تي پيو ايندو. وري جي وڳ اڳتي پوئتي ٿي ويو ته ولهيرئي ها ها هم ولهيرئي ها هاهم معنيٰ ولر گڏ ٿئي ولر گڏ ٿئي. جي ڪا اٺڙي يا توڏيو، پٺيان رهجي ويو، ڇو جو توڏيو ٽن ڏينهن جو ولر سان گڏ هلڻ شروع ڪندو آهي. تريو تريو تريو اوٺاري ڪندو ته توڏيو ٽپا ڏيندو ايندو. اوٺاري جي جُتي هٿ ۾، تريو تريو پيو پوندو.
وسڪاري جو سڄي ولر جا رات جو جهوڪ تي گوڏا ٻڌي ڇڏبا. پر عام حالتن ۾ جيڪا اٺ هريل هوندي، ڇو جو هريل اٺ ڪنهن ٻني ۾ هوندي ته ماري وجهه جي رهي. انهيءَ ڪري انهيءَ اٺ جو گوڏو جهيڪاري ٻڌي ڇڏبو. پوءِ بس گوڏي سان اٿي ڪو نه سگهندي. وسڪاري ۾ سڀني جا گوڏا رات جو ٻڌي ڇڏبا. ڏاڻ به اٺ کي ڏبو آهي. سو اوٺاري وسڪاري جو مستي ۾ اوٺاري کي ڀلين پنج ڏينهن پاڻي نه ملي پر اٺ جي کير تي پيو هلندو. وري قدرت واري هن ۾ ڪا اهڙي ته سگهه رکي آهي جو اوٺاري ڪيترو به ٿڪل هجي، وٽو اٺ جي کير جو ڀري پيتئين ته وري جيترو پنڌ ڪري آيو آهي، اوترو ڪري ويندو. جئين اٺن جي هاڻ عزت اها ناهي رهي ڇو جو سائيڪل موٽر ۽ گاڏيون نڪتيون آهن سو اٺن تي ڪير چڙهي ئي ڪو نه ٿو. اهي اوٺارين جي وري، چانهه ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. چانهه جي پتي ۽ کنڊ اوٺاري جي ڇڪي ۾ هوندي، جنهن ۾ وٽو رکندو آهي. پوءِ اٺ کي ته جڏهن ميڙ، تڏهن مڙي. نه سو اوٺاري جتي ڪٿي ڇيڻا ڀيڙا ڪريو، دونهين دکايو ويٺو آهي. هاڻ کير جي جڳهه تي چانهه ٿي هلي. اڳي اوٺاري، اٺ جي کير مان کيرڻي رڌي پئيندا هئا، چانورن جي ۽ ٻيو ٻاجهر جو ڏارو به اٺ جي کير ۾ رڌي پئيندا هئا. اهو ئي اوٺاريءَ جو کاڌو هو. ڪاڙهي ۾ ڪو نه کير پيئندا هئا. هاڻ اها ئي چانهه، تتي ٿڌي چڙهي پئي آهي.
سولي ۾ سولو، مال ۾ سنڀالڻ، اٺ ڌڻ. پير به سولو، سڃاڻڻ ۽ کڻڻ ۾، اٺ جو. جي ڌڻي هوندو ته جي تو مون جهڙو هوندو ته بس ٻيو چور ڊڊي به اٺ تي آئي رهي. رڳو چڙهي ته چيل بند ۽ ٿر نبي سر ۽ نهٽي مان وڃيو نڪري.
اٺ آهي پنج پيري. ان کير پڃي ريٻاري چون ٿا ته؛ اٺ جا پنج پير هئا ۽ ٻڪريءَ جا پر هئا. اها به سکپور جي رٻارين جي ڳالهه ڪرڻي آهي. پوءِ ٻڪري سڀ وڻ کائي ويندي هئي ۽ اٺ چري ڪو نه سگهندي هئي. پوءِ اٺ وئي مالڪ وٽ. چيائين؛ تو مونکي پنج پير ڏنا آهن ۽ ٻڪريءَ کي پک ڏنا. سو ٻڪري وڻ کايو وڃي، آئون بکي رهجي وڃان. پوءِ مالڪ ڇا ڪيو جو اٺ جو پنجون پير ۽ ٻڪريءَ جا پر ختم ڪري ڇڏيا. اڃا به اٺ جو ايڏر جو نشان پير جهڙو آهي ڀلين ڪير ڏسي. ويهندي آهي ته انهيءَ جو نشان پير جو ٿيندو آهي. پوءِ ٻڪري وئي. انهيءَ چيو؛ اٺ ڊگهي آهي، وڻ کائي ٿي وڃي. انهيءَ تي مالڪ اوٺاري کي گهرائي، انهيءَ کي اٺ لئه ڏاڻ ڏنو. اهو آهي اوٺارين جي مٿ. بهرحال اهو اوٺارين جا پنهنجا وهم وسوسا به آهن. هنن جو اهو به چوڻ آهي ته جي رات جو اٺ ڪٿي جن ڏٺو ته اتي ئي مٽي بيهي رهندو. اهو انهن جو عقيدو آهي.
ڀلن اٺن ڀلن سنوارن ڀلن اوٺارين ۽ اٺن جي مشهور واقعن جا اوٺارين وٽ داستان هوندا آهن. ڪانڀ ڪڍي ويٺا ته ڳالهيون ئي اهي هونديون. اڳي هڪڙو رٻاري هو، اهو هتان پارڪر مان مهار ڪلهي تي رکي اٺ جي، روانو ٿيندو هو. ڏاس جي ڍيري به ڪتيندو ويندو هو، ڪڇ جي اورين ڳوٺن مان مائيٽن وٽان ٿي ڏينهڪ وري ايندو هو. ٻيو چون ٿا؛ هڪڙي ڏينهن جهوڪ تي ڪو نولو ماڻهو کير پئيڻ آيو. اوٺاري هن کي چيو؛ پريان توڏيو وار ته اٺ ميڙيون. توڏيو پنهنجي منهن بيٺو هو. هن وڃي توڏئي کي سانپڙ هئيون. اهو ئي نولو ماڻهو چار سال کانپوءِ وري انهي جهوڪ تي کير پئيڻ جي بهاني آيو. هن جئين ڳالهايو، ائين انهيءَ توڏئي مان ٿيل اٺ، هن جو آواز سڃاڻي ورتو ۽ وٺي روڙ ڪيائين. اوٺاري مڙسي ڪري اٺ جهلي ورتو ۽ جهٽ ڪري، هن جو گوڏو ٻڌائين، جئين کير پئيڻ وارو همراه مڙهو ٽپي ويو ته هن وري گوڏو ڇوڙي ڇڏيو. اٺ جو جئين گوڏو ڇٽو تڙ ٻڙ تڙ ٻڙ لڳو، انهيءَ گس تي پٺيان ڀڳو ڀڳو، اوٺاري کي به نه جهلائي، وڃي همراهه کي رسيو. همراهه ٻي ڪا واهه نه ڏسي، پاسي چونرو هو، انهيءَ ۾ ڍري ويو. اٺ چونري جي گهٽي تي ويهي، آهستي آهستي گسڪي چونري ۾ ڍريو. چونري ۾ ڪوٺو هو. انهيءَ ۾ ڪو ڪات پيو هو. همراه اهو ڪات کڻي هنيو ۽ اٺ ماري وڌو، نه ته اٺ ٺپ انهي همراه کي ماري ها. اهڙو ضديلو آهي اٺ.
سو ٻيلي، اٺ اٺين ۽ اوٺڙين جون ڳالهيون ته گهڻئي آهن، رڳو ڀٽن لهي اوٺارين سان ملو. پر وري ٻي گهمري ٻي ڪنهن سيم ۾ لهنداسين. ڪو نه ڪو فطرت جو پوڄاري ملندو. اها وارتا اوهان سان ئي ڪنداسين. هنن پنن تي باقي آشرم واري ڳالهه رڳو ڳالهه هئي. ڳالهه ڳهر سو پاڻ هاڻ جهنگ وسايو آهي. ڪنهن به ڍونگ ۽ ڍاري کان پنهنجي هي واٽ.

3 comments: