Saturday, March 26, 2011

هرڻ - نواز ڪنڀر


هرڻ
سندرتا ۽ سونهن جي علامت
نواز ڪنڀر
اهو جانور، جنهن سندرتا ۽ سونهن ۾ سڀني کان سرس هجڻ ڪري، سڀ کان وڌيڪ شاعرن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو، سو يقيناً هرڻ ئي آهي. هرڻ کي مرگهه، آهو، هَرڻ، ڇيڪارو ۽ غزال به سڏيو وڃي ٿو. ٿر ۽ جبل ٻنهي ۾ رهندڙ هرڻ جو کاڌو، اڪثر ڪري حڪيمن کي گهربل جڙي ٻوٽيون، ڇپري، سئين، ٽوهه-ول، اڪ، کِپ، ٿوهر ۽ ٻيا تازا ڦٽل گاهه ٻوٽا هجن ٿا. بک ۾ سڪل گاهه به کائي ٿو. خفتين جي بقول؛ “اُهي گاهه به کائي ٿو، جن کي ڪو ٻيو جانور نٿو کائي. مثلاً: ٽوهه-ول ۽ ٿوهر وغيره.” عمومًا پڌر ۾ رهندو آهي پر سانوڻيءَ ۾ مڇر کان ٿوري وڏي ۽ عام مکي کان سنهڙي ۽ ڪجهه ننڍي “هرڻ مک” جي پيدا ٿيڻ ۽ ٻين جانورن وانگر کيس به بيزار ڪرڻ تي، وڻ جي پاڙ ۾ کڏ کوٽي رهندو آهي. سياري ۾ سج جي تڙڪي جا مزا وٺندو ۽ رات جو هوا جي اڙ وٺي، ڀٽ يا وڻ جي ڏاکڻي پاسي ويهندو آهي. پاڻيءَ يا سم واري علائقي يا ان جي ويجهو رهندڙ ۽ چرندڙ هرڻ جو جسم رڃ ۾ چرندڙ هرڻ جي جسم کان وڌيڪ ڀريل هجي ٿو.


هرڻ جي کل توڙي جسم جا مختلف حصا، مختلف ڪمن ۾ استعمال ٿيندا آهن. سندس کل تعويذ لکڻ جي به ڪم  ايندي آهي ته خفتي منجھانئس جُتيون به ٺهرائين. سندس اوجهري سڪائي، ڏنڊي ڪونڊي ۾ پيهي، دم جا مريض ڦڪيءَ طور استعمال ڪندا آهن. مشڪ، نر هرڻ ۾ هوندي آهي، جڏھن عمر کان چڙهي پوڙهو ٿي وڃي. مشڪ جي خوشبوءِ، پري هجڻ باوجود پنهنجو ڏس پئي ڏيندي آهي ۽ ڪيترن ئي حڪمت جي نسخن ۾ ڪم ايندي آهي. چون ٿا ته؛ “هرڻ جو پتو پيئڻ سان نظر تيز ٿيندي آهي.” سندس گوشت، زڪام، بخار ۽ جسم ۾ سور وارن کي فائدو ڏيندو آهي. هرڻ، اُٺن، ٻڪرين توڙي رڍن سان گڏ پيو چرندو آهي. پر کيس پڙينگ/پڙنگ ٻلو ۽ باز ماري وجهندا آهن. ٻلو کيس لڪي لڪي، ويٺل يا ستل حالت ۾ وڃي ڪنڌ وارو چڪ وجهندو آهي. سجاڳي ۽ ڀاڄ جي حالت ۾ ٻلي کي وٺ نه ڏيندو آهي. هڪ ڪتي کان به ڏاڍو آهي. جيڪڏھن ٻه جهازي تازي ڪتا هجن ته شايد کيس پهچي وڃن. عام طور تي ٻين جانورن وانگر سندس لڳ جي مند به سانوڻي آهي. عمومًا هڪ ٻچو ڏيندو آهي. قسمتي ٻه به ڏئي ٿو. اڄڪلهه سنڌ ۾ ننگر پارڪر جي پهاڙن کان وٺي اڇڙي ٿر ۽ سليمان مهر جي مهرن جي گهوٽڪي ۽ ڏهرڪي واري روهي تائين، رڳو ڳاڙهو هرڻ ملي ٿو. نالي وارو خفتي منٺار لغاري (باکوڙو)، اڇڙي ٿر ۾ چنڙي پوسٽ تي، ٻارنهن پندرهن سال اڳ، ڪاري هرڻ جي هجڻ جو ڏس ٻڌائي ٿو. ڪارو هرڻ، انڊيا واري پاسي وڌيڪ  ملي ٿو. ڪارا هرڻ بارڊر تي تار لڳڻ کان اڳ، اڪثر پيا هن پاسي ايندا ويندا هئا. هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن ۽ شڪارين جي ور چڙهي ويندا آهن.
عمومًا غريب غربي وانگر ڪنڌ هيٺ ڪري زندگي گذاريندڙ ۽ جتان ڪٿان ڀڄي جان بچائيندڙ هرڻن جي، سانوڻيءَ ۾ ويڙهه ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ايترو ته پاڻ ۾ وڙهندا آهن، جو سڱ ڳنڍجي وڃڻ بعد ٿڪجي بيهوش ٿي ويندا آهن. سڱ هڻي هڪ ٻئي جو پيٽ به ڦاڙي وجهندا آهن. نر جا سڱ، ماديءَ کان وڏا هجن ٿا. جڏهن ته نر جو پير ٿلهو ۽ ماديءَ جو سنهو ۽ ڊگهو هجي ٿو. خفتي شڪاري، پيرن مان نر، مادي ۽ ننڍي وڏي جي سڃاڻپ ڪري هرڻ جو پيڇو ڪندا آهن. هن جو شڪار عمومًا سرچ لائيٽ، گهوم ۽ گُرگ تي ڪيو ويندو آهي. کيس سڀ کان وڌيڪ نقصان فور ويل جيپن تي سرچ لائيٽن سان شڪار ڪندڙن پهچايو آهي. سندس چرڻ جو ٽائم، صبح کان سج جي ٻن ڪانن چڙھڻ تائين هجي ٿو. پوءِ ڦوڳ، کپ ۽ کٻڙ وغيره جي گهاٽي ڇانوَ ۾ ويهي آرام ڪندو آهي. شام جو چئين پنجين کان سج لٿي تائين، چرندو آهي. رات جو بک جي صورت ۾ به چري ٿو پر ڍاول ويهي رهي ٿو.
برسات ۾ وڌيڪ خوش رهندڙ هن جانور جي ٻولي، ٻين کان منفرد ۽ پري پري تائين ٻڌبي آهي. ماڻهوءَ ۽ بندوق جي بوءِ کي، پري کان محسوس ڪري وٺندو آهي ۽ هميشه هيٺين هوا تي ويهندو آهي. ان کان علاوھ اک جو به ڏاڍو تيز آهي. ننڊ ۾ هي صفا بيهوشي واري حالت ۾ هوندو آهي. صفا ڊڄڻو جانور آهي ۽ عام کڙڪي تي به ٽپ ڏئي ڀڄندو آهي. شڪ پوڻ تي، ڀڄي وڃي ڀٽ يا پهاڙ جي چوٽيءَ تي چڙهي، پٺيان ڏسندو آهي ۽ ان صورت ۾ ويهندو به مٿي آهي ته جيئن پري پري تائين سولائي سان ڏسي سگهي. جڏهن ته دشمن کي اک سان ڏسڻ بعد ڀڄندو ويندو آهي ۽ پٺيان مڙي نه ڏسندو آهي. ويهڻ مهل پيرن تي نظر رکندو آهي، جو اڪثر شڪاري ٻلا سندس پير کڻي به پهچي ويندا آهن. ڀڄڻ مهل، پهريان ٻن ٽن فوٽن جا، هڪ ٻه ٽپ ڏيندو آهي ۽ پوءِ پندرهن کان ويهه فوٽن تائين ڇال هڻندو آهي. سندس چنگ/ ٽپ/ ڇال هڻي ڊوڙڻ تي ڀٽائي صاحب چيو ته:
جيئن سو هرڻ هما، سرگردان سنسار ۾،
هي پڳ نه کوڙي پٽيين، هو ڌڙ سر ڌري نه ساهه،
جيڪس تن ملاءُ، سسئي سور پرائيا.
مزي جي ڳالهه ته جيئن شڪاري سندس پير جاچيندا آهن، ائين هيءُ به ماڻهوءَ جو پيرو ڏسي ان کي سونگهي اهو محسوس ڪندو آهي ته پير نئون آهي يا پراڻو. ان مان “دشمن” جي موجودگيءَ جو اندازو ڪندو آهي. چون ٿا ته؛ “هرڻ بغير پاڻيءَ جي ڇهه مهينا به رهي سگهي ٿو.” پر پاليل هرڻ لاءِ چئجي ٿو ته؛ “هو ٻن ٽن ڏينهن ۾ لازمي پاڻي پيئندا آهن.” ٻڌو ويو آهي ته؛ “هرڻ عمومًا ماڪ چٽي، پاڻيءَ جي پورت ڪري وٺندو آهي.” اڃا به عجيب ڳالهه اها آهي ته؛ ڇهه مهينا پاڻي نه ڏسندڙ هيءُ جانور، پيشاب تمام گهڻو ڪندو آهي.
شاعرن محبوب جي اک کي هميشه مرگهه نيڻن، آهو چشم، غزالي اکين سان تشبيهه ڏني آهي. لفظ “هرڻ” ڪيترن ئي پهاڪن ۽ محاورن  ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيئن؛ “هرڻ وانگر ڇال هڻڻ”، “هرڻ اکي” ۽ “هرڻ جهٽڻ” يعني بلڪل خوش تندرست ھجڻ. “هِرڻ”؛ ٺهي وڃڻ مانوس ٿيڻ. “هُرڻ”؛ ياد اچڻ. “هرڻ ڇپري”؛ گاهه جو ھڪ قسم. “هرڻ کڏيون”؛ ٿري عورتن پاران وارن ويڙهڻ جو نمونو. “هرڻ رنگو”؛ ھرڻ سان مشابھت رکندڙ رنگ وارو، “هرڻو/ هرڻا”؛ اهو ڍڳو جنهن جا سڱ هرڻ جهڙا هجن.
هرڻن جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هرڻ، تلور، مور، سرهه، گڊ، روجهه جي شڪار تي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پابندي پيل آهي. هرڻ کي پالڻ جي لائسنس تي به پابندي پيل آهي. رڳو اڳوڻن لائسنن جي پنج سئو روپيا في وٺي سال جو مدو وڌايو وڃي ٿو. هرڻن جي غير قانوني شڪار ڪرڻ تي، گيم وارڊن ان جو ڪيس، ڪورٽ آف لا کي اماڻيندو آهي. هڪ هرڻ مارڻ جو ڏنڊ، 2 لک روپيا ۽ ٻه سال ٽيپ آهي. ڪورٽ سڳوري ٻئي سزائون به ڏيئي سگهي ٿي. هرڻن جي شڪار جي اجازت، ڪافي سالن بعد محمد خان جوڻيجي وزارت عظمى جي دؤر ۾ آيل ٻن ٽن سالن واري مسلسل ان ڏڪار ۾ ڏني وئي هئي، جڏهن بک ۽ اڃ سبب جهنگلي جيوت توڙي چوپايو مال، عام جام مري رهيو هو. ان وقت به مٺي ۽ عمر ڪوٽ واري پاسي، ٽيهه کان چاليهه اسپيشل پرمٽون، في پرمٽ ٽي هزار روپين جي حساب سان، نڪتيون هيون. هرڻ جي شڪار جي پرمٽ چيف ڪنزرويٽو ڏيندو آهي، اهو به ان سال ۽ انهن گيم سينڪچوئريز يا علائقن ۾، جتي هن جي افزائش وڌيڪ ٿي هجي. ان پرمٽ جي في، ڊالرن ۾ هوندي آهي، جنهن کي ٽرافي چئبو آهي، جيڪا گهڻو ڪري غير ملڪين لاءِ هوندي آهي. ان پرمٽ جو مدو به  صبح کان شام تائين هوندو آهي،  پوءِ ان ۾ شڪار لڳي يا نه لڳي. ان پرمٽ ۾ ٻچي ۽ ماديءَ کي مارڻو ناهي هوندو، رڳو نر، سو به وڏي عمر ۽ سڱن واري کي ڌڪ هڻڻ جي اجازت هوندي آهي. واضح رهي ته خفتي، هرڻ جي عمر ٽيهه سال ٻڌائين ٿا. نر، پهرئين سال جي پڄاڻي تي سڱ ڪڍندو آهي ۽ ٻئي سال کان، ان ۾ وڪڙ پئجڻ شروع ٿيندا آهن. هرڻ جي عمر،سندس سڱن ۾ پيل وڪڙن جي حساب سان معلوم ٿيندي آهي.
هيءُ اڇي ۽ ڳاڙهي ٻنهي قسمن جي واري ۾ ملندو آهي. اڇي واري وارو هرڻ ڪجهه ننڍو ۽ وزن ۾ هلڪو هوندو آهي، جڏهن ته ڳاڙهي واري وارو، وزن ۽ قد ۾ ڪجهه وڌيڪ هوندو آهي.
ذاتي رکن رکڻ وارا يا پالڻ جا شوقين، کير ڇڏي پن چرڻ شروع ڪندڙ هرڻ وٺڻ ان ڪري پسند ڪندا آهن، جو اهي ننڍا هرڻ نسبتاً آسانيءَ سان پالي سگهبا آهن. اهڙن هرڻن جي جوڙي عام طور تي پندرهن کان ويهه هزارن ۾ وڏن ٿورن، احسانن ۽ چئو چوان بعد ملندي آهي، جڏهن ته وڏن هرڻن جي جوڙي جو ملهه، ٽيهه کان چاليهه هزار چيو وڃي ٿو. ان مان به هن جي ناياب هجڻ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. جنهن نموني پابنديءَ باوجود هن جو بيدردي سان شڪار ٿي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته مستقبل قريب ۾ هرڻن متعلق، شاعري پڙهائيندڙ پروفيسرن کي، ان جي تصوير ڏيکاري غزالي اکين واري تشبيهه سمجهائڻي پوندي. ان ڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هن جي جُوءِ وارين جاين تي، وڌ کان وڌ پرائيويٽ رکون رکرائي، هن جو نسل بچايو وڃي. باقي چڙيا گهرن ۽ حڪومت جي آسري تي رهياسين ته هرڻ به هلي پوندا.

No comments:

Post a Comment