Wednesday, November 7, 2018

ادب، سياست ۽ رياضيءَ سان شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ست ٽوٽڪا


ادب، سياست ۽ رياضيءَ سان شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ست ٽوٽڪا
پروفيسر ڊاڪٽر نور مصطفيٰ شيخ
ٽوٽڪو نمبر ۱:
وڪيل جي غلطيءَ سان سندس اصيل زمين کان ۵ فوٽ مٿي ٽنگبو، ڊاڪٽر جي غلطيءَ سان سندس مريض زمين ۾ ۵ فوٽ هيٺ پوربو، اديب جي غلطيءَ سان زحمت کي رحمت، نامزد کي نامرد ۽ فرض کي قرض پڙهبو، رياضي دان جي غلطي سان صحيح جواب کي غلط ۽ غلط جواب کي درست ڪرڻ سبب پوزيشن، گريڊ ۽ داخلا نااهلن کي ملندي پر سياستدان جي غلطيءَ سان تخت بدلي تختو ۽ ريل بدلي جيل ملندي.

ڦَٽڦَٽي - حيات علي شاهه بخاري


ڦَٽڦَٽي
حيات علي شاهه بخاري
هڪڙي ڳالهه واضح ڪريان ته ”ڦَٽڦَٽي“ ڪنهن ويمپ يعني عورت ولين يا بادشاهن جي ڏوئي گيري مطلب ته چمچه گيري ڪندڙ ڪنهن اهڙي عورت جو نالو ناهي، جيڪا ڦٽل ڪم ٺاهيندي آهي ۽ وري کيس خرچي پاڻي نه ڪرائجي ته ٺهيل ڪم ڦٽائي ٻن دلين جي وچ ۾ ويڇا وجهي ڇڏيندي آهي. ڦٽڦٽي موٽرسائيڪل جو نالو آهي، جنهن کي هاڻي جديد دور ۾ بائيڪ چوندا آهن، دوست حميد جنهن ”بائيڪ“ جهڙي سواري تي سوار ٿي هلندو آهي، اُها اصل ۾ ڦٽڦٽي آهي. هاڻي اوهان اِهو پُڇڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا ته ان سواري تي ”ڦٽڦٽي“ نالو ڪيئن پيو، ان لاءِ هٿ ٻڌي عرض ڪريان ٿو ته موٽرسائيڪل جي اوائلي شڪل صورت عجيب هُئي ۽ ان جي هلڻ سان ”ڦٽ، ڦٽ“ جهڙو وڏو آواز نڪرندو هو، جو ميلن تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو، سو مون جهڙن اڻ پڙهيلن موٽرسائيڪل جي ان آواز جي مناسبت سان ان جو نالو ”ڦٽڦٽي“ رکي ڇڏيو.