Sunday, July 7, 2019

ڪل بي ادبي ملاکڙي جو اکين ڏٺو احوال - همير گاد


ڪل بي ادبي ملاکڙي جو اکين ڏٺو احوال
(طنز ۽ مزاح)
همير گاد
آچر ۲۹ فيبروري تي، شهر جي بدبودار هال ۾ ڪوٺايل هي ڪل بي ادبي ملاکڙو تاريخ جو وڏو ۽ بور ملاکڙو هو. جنهن ۾ مختلف ڪنڊن ۽ پاسن کان ڪهي آيل عطائي شاعرن شرڪت ڪئي.
ملاکڙي ۾ ايترا ته ماڻھو گهڻا هئا جو هال ۾ مهمانن کي ويهارڻ لاءِ اضافي وهيل چيئرز wheelchairs جو بندوبست ڪيو ويو.
هن تاريخي پروگرام جي ڪمپيئرنگ لاش ڌرپدر ڪئي.


سڀ کان پهريان ميزبان لاش ڌرپڌر صدارت جي لاءِ هڻ کڻ کي اسٽيج تي گهرايو، ان کان بعد خاص مهمان طور پِٽيل شاعر بلبل بي قدري کي اسٽيج تي سمهاريو ويو، مطلب ته ويهاريو ويو.
اعزازي مهمان عطا لاپته کي سڏيو ويو، جيڪو ماڻھن جي گونگين تاڙين تي ڏند ڇيڪي، اسٽيج تي پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.
ان کان بعد پروگرام جو باقائده آغاز حسب معمول جهنڪار گيت مالا سان ڪيو ويو.
گيت مالا ۾ مزي جا ڪلام نه هجڻ جي ڪري اڌ ۾ بند ڪري پروگرام کي اڳتي ڌڪيو ويو.
مهمانن کي مختلف واندن اديبن هٿان ڪمبل پارائڻ کان پوءِ، هڪ بيڪار شاعر کي آجياڻي لاءِ گهرايو ويو، جنهن آيل مهمانن کي دل ۾ گاريون ڏنيون ۽ ڇيڻن وارا قدم ڀري اچڻ تي، مُنهن خراب ڪيو.
آجياڻي کان پوءِ، واندن شاعرن جي شاعريءَ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
ھڪ ڪاپي پيسٽ شاعر، هڪڙي سينيئر شاعر جي چوري ڪيل شاعري ٻڌائي، ماڻھن کان خوب گاريون کاڌيون.
ٿورو پري کان آيل هڪ شاعر، جنهن کي سنڌي ٺيڪ طرح سان پڙھڻ به ناهي ايندي، ان ڏِسي به پروگرام جو نالو “ڪل بي ادبي ملاکڙو“ بدران “کِل بي ادبن جو ملاکڙو“ پڙھيو ته هال ۾ ماڻھن جا ٽھڪڙا پئجي ويا.
ان کان پوءِ هن پنهنجو لکيل شعر پڙھيو، جنهن جا ٻول ڪجھ هن ريت هئا؛
زال کي پرچائي،
يا محبوبا کي پرچائي،
هڪ مرد ويچارو،
پهريان ڪنهن کي پرچائي.
محفل ۾ ويٺل سڀني واندن واھ واھ ڪري زبردست ڏاند (داد) ڏنو.
ٺوڙھي جي ڦاٽڪ کان آيل شاعر، گنجو ٽي مِنٽي ٽين جنس وارن جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي پنهنجي شاعريءَ جو حصو بڻايو. هال ۾ ويٺل ماڻھن ٽين جنس وانگر تاڙيون وڄائي خوب داد ڏنو.
ڳوٺ ”ڏاندن جي گوءِ“ کان آيل گوڏ پاتل شاعر حليم حواليءَ، عربيءَ ۾ شاعري ترنم ۾ ٻڌائي، ماڻھن کي چڪرائي ڇڏيو.
بلادي بلادي بلادي
لڪ حبي وفؤادي
بعد ۾ خبر پئي ته اهو مصر جو قومي ترانو هو.
ان کان پوءِ، هڪ ناڪام شاعره جيڪا اردو شاعريءَ جي نقل ڪري لکندي آھي ۽ هُن نقل ڪري ڪري سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي آ، ان کي شعر پڙھڻ لاءِ گهرايو ويو. هن اڃا هڪ سِٽ مس پڙھي ته هال ۾ موجود ڪجھ ماڻھن واھ واھ ۽ تاڙيون وڄائڻ کان بس ئي ڪو نه ڪئي. ائين لڳو، ڄڻ شاعره پنهنجا ماڻھو اول ئي ويهاري ڇڏيا ها ۽ انهن کي چئي ڇڏيو هيائين ته توهان کي في سٽ پڙھڻ تي پنجاھ رپيا ڏيندس، توهان بس واھ واھ ۽ تاڙين کان بس نه ڪجو. انهن همراهن به وسان ڪين گهٽايو. چمچاگيريءَ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيائون.
ان کان بعد کَٽا ٻير شھر جي نوجوان شاعر اُڦٽ مار جو وارو آيو. ان هڪ ٻئي جڳاڙي شاعر کي پئسا ڏئي، لکيل غزل پڙھيو، جنهن جا ٻول ڪجھ ھن ريت هئا؛
منهنجي ايمان تي شڪ نه ڪر نادان،
پنجين شادي ناهي ڪندو مسلمان،
ان کان بعد، وارو ايم اي سنڌي ۾ ٽي دفعا فيل ٿيل شاعر، ناز نخريلو جو آيو، جنهن پنهنجو آزاد نظم پڙھي، ماڻھن کي بور ڪيو.
ڳوٺ واڌو بل کان آيل هڪ نامياري شاعره جنهن جي ڪمزور غزل تي به ماڻھن؛ “واھ ڇا ته غزل آھي“، “نمبر ون عظيم شاعره“، “غزل جي وڏي شهنشاھ شاعره“ جهڙن درٻاري جملن کان بس ئي نه ڪئي.
هاڻي ان شاعر کي سڏيو ويو، جنهن کي عيد الاضحى تي ڳئونءَ جون ڄنگهون پڪڙڻ لاءِ پاڙيوارا پاڳلن وانگر ڳوليندا آھن.
ان پنهنجو شعر ڪجھ هن ريت سڀني سان ونڊ ڪيو؛
تون منهنجي مسرت شاهين مان تنهنجو بدر منير،
ڇڏ ڪاوڙ کي هلي آ ٿيون کنڊ کير.
خاص مهمان بلبل بي قدري خطاب ڪندي چيو ته هن قسم جا ٻيا به ملاکڙا ڪري ماڻھن جو ٽائيم برباد ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته؛ مون کي ملاکڙي ۾ شريڪ ٿي تمام گهڻو مزو آيو.
اعزازي مهمان عطا لاپته چيو ته مون پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ وڏن وڏن ملاکڙن ۾ شرڪت ڪئي آ، پر اهڙو بورنگ ملاکڙو اڳ ڪڏھن به ناهي ڏٺو، مهرباني ڪري جلدي پروگرام کي پورو ڪري اسان جي جان ڇڏيو.
پروگرام رات دير تائين جاري رهيو. پروگرام جي آخر ۾ آيل مهمانن کي رات جو صبح جي بچيل ماني کارائي وئي.

(روزاني ”ارادو“ اخبار، ڇنڇر ۶ جولاءِ ۲۰۱۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment