Saturday, March 26, 2011

بدرهه بد بلا - نواز ڪنڀر


بدرهه بد بلا.. 
وت سانوڻ هووي ها
بڊو، جنهن لاءِ ڪو به تاڙو نٿو تنواري!
نواز ڪنڀر
برسات جي حوالي سان ته سانوڻ ئي مشهور آهي. پر لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ  بڊي جي به گهٽ اهميت ڪونهي. پاڻ ۾ ڀائر سمجهيا ويندڙ، سانوڻ ۽ بڊي ۾ اها پڪ هوندي آهي ته جي سانوڻ نه وٺو ته بڊو ضرور وسندو. جي سانوڻ سٺو وٺو ته پوءِ بڊي تي ميار ناهي. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته سانوڻ لاءِ مقامي طور تي ته سال  اَڳ کان وَٺِي، وُٺي تائين جون ڪيتريون ئي نشانيون ۽ نکٽ هجن ٿا، جڏهن ته بڊي جي برسات جي باري ۾ ڪو اڳڪٿي ڪندڙ  نکٽ ڳوليو نٿو لڀي. عجب جهڙي ڳالهه اها به آهي ته سانوڻ لاءِ ته تاڙو تنواري ٿو پر بڊي جي برسات لاءِ ڪوبه تاڙو نٿو تنواري. رڳو ڪٿي ڪٿي ڪا ڪوئل ڪوڪي ٿي ۽ بس! تاڙو جهڙوڪر تنواريندو ئي سانوڻ لاءِ آهي.  بڊي ۾ ان جو ڪجهه نه وڃي. بڊي جي برسات جي اهميت  پنهنجي جاءِ تي آهي  پر برسات وسڻ  باوجود،  ظالم گرمي جو ڏرت ڏيهه تان نه لهندو آهي، نه ئي ان جي لهڻ جي ڪائي اميد هوندي آهي. ڇو جو بڊو هوندو آهي. بڊي جي انهن بيواجبين ئي اصل ۾ بڊي کي اهم هوندي به بيڪار بنائي  جڳ ۾ خوار و خراب ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي، پر ان جي گرمي جي ڪري اڄ به گوگڙا ٽڙن ٿا ۽ ساريون پچن ٿيون. ان ڪري ان جي تِک ۽ گرمي زميندارن ۽ هارين جي ته اکين تي، پر عام خلق بيزار هوندي آهي. ان ڪري ئي ڪنهن سرائيڪي ۾ چيو آهي ته، “بدرهه بد بلا، وت سانوڻ هووي ها.”


هندي ڪئلينڊر جو هي ڇهون مهينو چنڊ بجاءِ پونم  کان شروع ٿيندو آهي. هن جي اهميت ان ڪري به آهي، جو هن جي شروع ۾ وڏي ذات وارن هندن جو مذهبي ڏينهن ٿڌڙي ملهايو ويندو آهي. ٿڌڙي اصل ۾ “ماتا” جي ديوي آهي. ماتا جيئن ته وڏي مصيبت واري بيماري هئي/آهي. ان ڪري  ماتا ديوي کي خوش ڪرڻ لاءِ يا ٿڌو ڪرڻ لاءِ ان ڏينهن تي چلهه به ٿڌي رکبي آهي ته کائڻ پيئڻ به ٿڌو هوندو آهي. ان ڏينهن لاءِ اڳواٽ ئي مانيون وغيره پچائي يا ڪي ٻيون شيون ٺاهي، ٿڌيون ڪري،  ٿڌڙي واري ڏينهن کائبيون آهن، ته جيئن ماتا ديوي مهربان رهي. ان ڏينهن خاص ڊش طور ستو يا ساتو به ٺاهبا آهن. ٿڌڙي کان پوءِ ٻي ڏينهن تي شري ڪرشن ڀڳوان جو جنم ڏينهن “جنم اشٽمي” يا ڪانوڙو به  ملهايو ويندو آهي. مهراجن مطابق ان ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي برسات لازمي پوندي آهي، پوءِ ڀلي ٻه ٽي ڪڻيون ئي سهي. مشهور آهي ته اها برسات شري رام ڪرشن جا پوتڙا ڌوئڻ ايندي آهي. هي مهينو جواني  ۽ جوش واري حوالي سان  پڻ مشهور آهي. هن مهيني ۾ ئي غريب هندو ذاتين جو مشهور راما پير جو ميلو (ٽنڊو الهيار ۾) ملهايو ويندو آهي. 
بڊي ۾  آسمان سڄي سال ۾ وڌيڪ صاف نظر ايندو آهي. ايتريقدر جو ڪو تارا ڳڻڻ چاهي ته به ڳڻي سگهي ٿو. چنڊ جو حسن به ڏسڻ وٽان هوندو آهي. بڊي جي حوالي سان ڳالهائيندي مهراج رميش ڪمار ۽ ڀڳت مولچند ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻڌائين ٿا ته، ٿڌڙي کان اڳ ملڪ ۾ ڏاڍيون مکيون هونديون آهن، جيڪي بيزار ڪنديون آهن. ٿڌڙي کان پوءِ  اهي  گم ٿي وينديون آهن يا  انهن جي تعداد ۾ چڱي ڀلي گهٽتائي اچي ويندي آهي. مهراجن مطابق: مکيون ٿڌڙي کائڻ اينديون آهن ۽ کائي واپس هليون وينديون آهن. ياد رھي ته برسينگ گاهه ۽ کجي لهڻ وقت، مکيون جام هونديون آهن. جڏهن ته مياڻ جي مير خان ملاح ۽ جهوني هاري علي ڏني لانڊر جي بقول ته، انهن ئي ڏينهن ۾ مکين ۾ هڪ سرمئي رنگ تي، مکين کان ٿورو وڏو نر ظاهر ٿيندو آهي، جنهن جي جسم ۾ سئي جهڙو ڏنگ هوندو آهي، جنهن سان هو سڄو ڏينهن پيو مکيون ماريندو آهي.
چاچو علي محمد خاصخيلي جو پيرو کڻندي چوي ٿو ته، ڪال /ڪار ڪڻڇين جي اسر جو ٻولڻ  تي هر ڪاهڻ  جو وقت ۽ ڪَتي جي موسم شروع ٿيندي آهي. تاڙو مهيني ڏيڍ کان پوءِ ٻولي، سانوڻ اچڻ جو اعلان ڪندو آهي! بڊي شروع ٿيڻ کان هفتو کن اڳ ۾ ڏينهن ننڍو ۽ رات وڏي ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. واٽرن ۽ شاخن جي ڪپن تي  اڇو پڇڙ گاهه نئين  چنڊ اڀرڻ تي نڪرندو آهي. هي ڊڀ جهڙو گاهه هوندو آهي، پر ان وانگر وڌي ڪونه ٿو. ڀنڀوريون  نڪري نروار ٿين ته اها ڄڻ بڊي جي باقاعدي شروعات هوندي آهي. جنهن کان پوءِ ڪنهن وقت گرمي، ڪنهن وقت واءُ. ٻه ٽي ڏينهن گرم، ٻه ڏينهن ٿڌا. ٻٻر گل ڇاڻيو ٻور جهلي ۽ گلن جي خوشبو زورن تي هجي، وونئڻ به گل ڇاڻي گوگڙا ڪن ۽ ٻيا گل جهلين، ٻاجهريون، جوئريون ان ۽ ٻُوري تي ورن، روڏو پکي جنهن جو آکيرو ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي، اهو آکيرو ٺاهي.  بلائون وڻن تي نظر اچن ته اهي بڊي اچڻ جا پڪا پختا پار سمجهبا آهن. ان بعد ڪانهه جو نسرڻ ڄڻ ته بڊي جي قهري ڪلورن  جو آغاز هوندو آهي. ان کان اڳ جڏهن اسر جو هاري هر ڪاهيندي ڍڳن کي هڪڙي ئي اوڙ ۾ سهڪندي ڏسندا يا گهوڙي سوار فرلانگ کن پنڌ تي ئي گهوڙي کي سهڪندي محسوس ڪندا آهن ته هرڪو سمجهي ويندو آهي ته بڊو بيزار ڪرڻ لاءِ اچي پهتو آهي. مال چرڻ کان وڌيڪ ڇانوَ ڳولڻ ۾ پورو هجي، سج ۾ تيزي اچي وڃي ته ڄڻ بڊي جي بيهي وڃڻ جو پڪو پختو اعلان هوندو آهي. بڊي ۾ ٻاجهريون ۽ جوئرون ان ۽ ٻور تي ورنديون آهن. ساڳئي وقت انهن فصلن تي جهار به جام اچي لهندي آهي. ٻوڙي به (هڪ قسم جو پکي) اڻ ڪوٺي اچي ٺڪاءُ ڪندي آهي، جيڪا پوءِ چانڊوڪين ۾ اهو سمجهي اڏامڻ شروع ڪندي آهي ته شايد پرايو ان چوري کائيندي کائيندي سج اڀري چڪو آهي ۽ اجهو ٿا جهار تي مالڪ پهچن. پوءِ جهڙوڪر ٻوڙي جي سفر جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. ٻوڙي ويچاري سفر ڪندي ڪندي، الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچندي آهي.
بڊي جو اوج مهيني جي وچ ۾ هوندو آهي. ماڻهو توڙي مال پيا گرمي ۾ ڦٿڪندا آهن. اها گرمي ان وقت ختم ٿيندي آهي، جڏهن سر نسرندا آهن. اها آخري  چِٽ هوندي آهي. سرن جي چٽ ڀڳي معنى سيارو شروع. جنهن لاءِ ڀٽائي سرڪار چيو آهي ته، “سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين”. انهيءَ سِٽ کي کڻي لالا قادر سريوال ڪافي ڪم ڪيو  آهي. ڏينهن مٽجڻ، جنهن کي ترموري سڏبو آهي، شروع ٿين ته اهي پار وري بڊي جي بس ٿيڻ جا هوندا آهن. بڊي جي بيهوش ڪندڙ گرمي ۾ بخار، الٽيون ۽  دست عام جام هوندا آهن. مال کي ڪارو واءُ، چووايو لڳڻ ۽ موسم گهڙي ٿڌي، گهڙي گرم هجڻ ڪري اڌرنگ جي بيماري جو خطرو موجود رهندو آهي. ان موسم ۾ هاري ناري، دلي جي ٿڌي پاڻي ۾ ڳڙ، ڪارا مرچ ۽ گدامڙي وجهي  ۽ ڪچي لسي جو استعمال وڌيڪ  ڪري بڊي جي باهه جو مقابلو ڪندا آهن.
بڊي جي برسات: بڊي جي  برسات جا پار ٻڌائيندي جهونا آبادگار ٻڌائين ٿا ته، هن برسات ۾ گوڙ ۽ کنوڻ وڌيڪ، گرمي واهه جي، هوا ۾ تک، گهڻو ڪري وڏ ڦڙو وسائي پر ڇڊو به وسي. بڊي جي برسات جا گس ئي پنهنجا، جتان آيو اتان وسندو. ڪٿي وسندو ڪٿي نه. مشهور آهي ته بڊي جي برسات ڍڳي جو هڪڙو سِڱ پسائيندي آهي ته ٻيو نه. ٻاجهري جي جهار لاءِ ٺاهيل ڳوڙها به اڌ پسندا آهن ته اڌ نه. ننڍا ڪڪر پيا هلندا، تر ٻڌي ڪونه وسندا. اٿندا، پر لهي ويندا. اوڀر اتر جي ٻڪرار ڪنڊ تان  ڪڪرن جون وڏيون ماڙيون پيو ٺهنديون ۽ ڊهنديون. بڊي جي برسات ۾ ٿرين ۽ ڪاڇاين کي وڏو آسرو هوندو آهي پر بڊو وسي نه وسي، وس وارو آهي. چوندا آهن ته سانوڻ نه وٺو ته پوءِ بڊو سانوڻ ۾ پوکيل  ۽ اڃارن فصلن کي گهڻو ڪري پاڻي پياريندو آهي. بڊي  جي برسات وسڻ بعد مال جي رنڀڻ ۾ عجب جهڙو پڙاڏو محسوس ٿيندو آهي
بڊي جي پڄاڻي: ڪانگ، ٻگهو، واسڪوٽي، ٽيٽيهر، ڪار ڪڻڇي، ڪٻر، جهرڪي، روڏو ۽ ڦوسي وغيره ٻچا اڏائين. پڇڙ گاهه، ڊڀ، رتڙين سارين، لئي، ڪانهه ۽ سرن جي چِٽ نسري نروار ٿئي. وڻن جو ڇوڏو وري سائو ٿئي ۽ رس سڪڻ بعد وڻن ۾  وري ڦوٽهڙو شروع ٿئي. گولاڙي ۽ گانگٽ گاهه پچن. آخري ڏهن ڏينهن ۾ رات جو ماڪ، ڏينهن جو گرمي، ان ٿڌي گرم ڪري بخار، زڪام ۽ مٿي جو سور عام ٿئي. ماڪ ۾ مڇر مري وڃن. ڍنڍن تي چيڪلو، ڳيئڻو، هنجر، چيهه، ۽ ڊگوش  پکي  اچي لهن ته بڊي جي موڪلاڻي سمجهبي  آهي. بڊي جي موڪلاڻيءَ سان گڏ، چيٽ جي فصلن جي پوکائي جي به شروعات ٿيندي آهي.
بڊو ته ختم ٿي ويندو آهي پر پٺيان ڪي به سٺيون ۽ خوشگوار يادون نه  ڇڏي ويندو آهي. بڊي ۾ بس هڪڙو ئي آسرو جيئڻ جو حوصلو ڏيندڙ هوندو آهي ته  بڊي بعد سر نسرندا، اتر لڳندا ۽ پرين جي اچڻ جا ڏينهن ايندا. پر جي پرين نه اچن ته ماڻهو محبوبا فلم ۾ ڪشور ڪمار جي ڳايل جڳ مشهور ڪلام “ميري نينان سانون ڀادون، (ٻنهي مهينن جا نالا) ڦر ڀي ميرا من پياسا  جي عملي تصوير بڻجي، بيقرار ٿي  پيا بڊي جي ڪڪرن وانگر ڀٽڪندا آهن.

1 comment: