جديد زماني ۾ قديم روايت جون مثالي جڳهيون
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه اهڙا علائقا، جڳهيون ۽ گذرگاهون آهن جيڪي هن
وقت ته عام لڳن ٿيون پر تاريخي طور انهن جي اهميت تمام وڏي آهي. اهو سڄي دنيا ۾ حڪومتن
۽ انتظاميه جو فرض هوندو آهي ته اهڙن تاريخي ماڳن مڪانن ۽ گذرگاهن کي پنهنجي تاريخي
حيثيت مطابق اهميت ڏين ته جيئن انهن جي تاريخي
ڄاڻ منتقل ٿيندي رهي ۽ ان سان گڏوگڏ سار سنڀال به ٿيندي رهي. سڀ کان وڌيڪ برطانيه،
اٽلي ۽ روس ۾ تاريخي جڳهين کي قائم رهڻ ڏنو ويو آهي. هڪ سروي موجب فقط برطانيه ۾ ۵۰۰ اهڙا تاريخي ماڳ آهن جيڪي
ميوزيم، لائبريرين ۽ عمارتن جي شڪل ۾ ملن ٿا، ان ۾ سنڌ جون تاريخي شيون به شامل آهن،
سنڌ ۾ به پنهنجي تاريخ جي اهڃاڻن کي سنڀالي سگهجي ٿو پر ڪجهه تاريخي جڳهين کان سواءِ
لاتعداد جڳهيون نظرن ۽ بچاءُ کان وانجهيل آهن. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، شڪارپور ۽ سکر
جهڙن شهرن ۾ به اسان کي هن وقت عام لڳندڙ علائقا، عمارتون ۽ گذرگاهون اهڙا نظر ايندا
جيڪي غير معمولي اهميت وارا آهن. اڃا به وقت آهي، هاڻوڪي حڪومت انهن کي بچائي سگهي
ٿي. سياحت جي حوالي سان انهن تاريخي ماڳن کي اهڙو بڻائي سگهجي ٿو جيئن زيارت ۾ جناح
صاحب جي رهائش کي رکيو ويو هو. اسان وٽ تاريخي حوالي سان نهايت يادگار مواد پڻ موجود
آهي جيڪو انهن هنڌن تي لڳائي سگهجي ٿو. مورڙي جي قبر کان وٺي حيدرآباد جي پڪي ۽ ڪچي
قلعي کي تاريخي اهميت ڏئي محفوظ ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي. ان ڏس ۾ ڪجهه ماڳ مڪان هيٺ
ڏجن ٿا.