Tuesday, June 23, 2015

نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار - ماڪن شاھ رضوي

نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار!
اربع 22 اپريل 2015ع
ماڪن شاھ رضوي
ڇا ته اُهي محبوب ڏينهن هوندا هئا، جڏهن مينهن موڪون ٿي وسندا هئا. هونئن به سڄي سال ۾ مينهوڳيءَ جي سانوڻي مُند سُهاڳي رُت سڏبي آهي. صُبح جو سج اصل اُماڙي کڻي اُڀرندو هو ۽ پوءِ جيئن جيئن مٿي ايندو هو ته ڄڻ اُڀ مان ٽانڊا پيا وسندا هئا، پوءِ ڪنهن پپر ته ڪنهن بڙ جي ڇانوَ چڪاسي، وڻ ٽاريءَ تي ڳيرو گرميءَ کان گهٻرائجي گهو گهو ڪندو هو ته، ڪٿان پري کان تاڙو تنواريندو هو ۽ ٽپهريءَ کان ئي اُتر کان ڀريل ڀورا سليٽي ڪڪرن جا ڪارونڀار جُڙندا هئا. سج  وچين ڌاري پهتو ته اهي ڀريا بادل سُرمائي رنگ ۾ رنڱجي ويندا هئا، جنهن تي اڇي رنگ جا ننڍڙا ڪڪر ڊوڙندا، فطرت جي سونهن کي سوايو ڪرڻ لڳندا هئا ۽ اهڙي مست منظر ۾ ٻگهه پکين جو جوڙو جي انهن ڪڪرن سامهون اُڏامندي نظر آيو ته ڏاها چوندا هئا، بس اجهو ٿو مينهن اچي ۽ ٿيندو به ائين هو. اوچتو هوائن جا در کُلي پوندا هئا ۽ وڄ وراڪا ڏيندي ته گوڙ سان گڏ، وڏ ڦُڙي جي وسڪار شروع ٿيندي هئي، پوءِ اوهيرن پويان اوهيرا هوندا هئا. صُبح فجر ويل ڪي ساعتون مينهن ساهي ڏيندو ته ڀاڳيا چوندا هئا، ڏُهائي ويل ٿو ٽاري يعني مال جي ڏُهائي ڪري سگهبي هئي ۽ پوءِ وري اهي ئي اوهيرا، ڪڏهن ڪڏهن ته ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار اُڀ تي جُهڙ ڇانيل رهندو، اهڙي حالت کي ”سَرلو“ چئبو هو.

Monday, June 22, 2015

سنڌ جي ڍَڳي گاڏي - ماڪن شاھ رضوي

سنڌ جي ڍَڳي گاڏي!
ماڪن شاھ رضوي
هن جِند جهڙي سنڌ جا اُهي ڏينهن به سارَ جي تار تي لُڏن ٿا، جن ڏينهن جي باکَ ڦُٽي ويل، ڳچ پنڌ پريان ڪچي رستي تان ويندڙ ڍڳي گاڏيءَ جي ٺڙ ٺڙ سان گڏ، جوٽيل ڍڳن جي ڳِچين ٻڌل چنگن جو آواز، ماڪَ ڀِنل موتئي جي سُرهاڻ جيئن ستن ننڊن مان به سُجاڳ ڪري ڇڏيندو هو ۽ پريان وري ڪا ڪوئل ڪُوڪ ڪري، ساجهر صُبح جو سَنهيو ڏيڻ سان گڏ وِڇوڙن جي وَر چَڙهيل دِلين کي رهڙي ويندي هُئي. اڃا ڪا بِنهه پراڻي ڳالهه ته ڪانهي، رُڳو ويهه پنجويهه ورهيه ئي گُذريا هُوندا، جن ۾ گهڻي تيزي سان مشينن زندگيءَ جي هر شُعبي تي قبضو ڪيو آهي. تن ڏينهن ۾ ٽريڪٽر به آيو هو ته صرف وڏن زميندارن وٽ. نه ٽرالي عام هُئي نه ٿريشر يا مني ٽرڪ شهزور، مزدا ۽ سوزوڪي پڪ اپ جي گهڻائي هُئي. تڏهن اهي ڀَٽارا ڍَڳا ۽ ڍڳي گاڏيون ئي پوکي راهي توڙي بار برادري جي ڪم لاءِ ڪتب ايندڙ هئا. موهن جي دڙي مان مليل رانديڪي ڍڳي گاڏيءَ جو شروع ٿيل هزارن سالن جو سفر کُٽو ته اڃا به ناهي. اها دَراوڙن جي جوڙيل ڍَڳي گاڏي اڄ به ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ڪچي رستي تي ڍَڳن ۾ جوٽيل هلندي رهي ٿي. پر اهو به ڪَڙو سچ آهي ته مشيني ماحول سنڌ جي ان ڍڳي گاڏيءَ کي بنهه محدود ڪري ڇڏيو آهي. چيٽ ڪَتيءَ جي فصلن جون جنسون جن ۾ چيٽ ۾ ڪڻڪ يا تُوريون ۽ ڪَتيءَ ۾ ڪپهه (ڦٽيون)، مِرچ، ڳُڙ، توڙي ساريون کرن کان شهر جي بازار تائين اڃا ڍڳي گاڏي پهچهائيندي رهي آهي. گهوڙي تي موڙ ٻڌي ويٺل گهوٽ سان گڏ هلندڙ ڄاڃين کي به اها ڍڳي گاڏي کڻي ڪنواريتن تائين پُهچائيندي رهي. اهو به ضرور آهي ته اُتر سنڌ جي ڍڳي گاڏي ۽ لاڙَ توڙي وچولي جي ڍڳي گاڏيءَ جي گهاڙيٽي ۾ فرق آهي ته پنجاب واري پاسي هلندڙ گاڏي هڪڙي ڍڳي يا سانَ پاڏي سان به ڇِڪي ويندي آهي پر جنهن ڍڳي گاڏيءَ جي سُونهن سَٽاءَ جي مشهوري مُلڪان مُلڪ آهي. اها لاڙ پٽ جي ڍڳي گاڏي آهي. ٻٻر، ٻير يا ٽالهيءَ جي وَڻَ جي ڪاٺيءَ مان بنهه سُهڻي ۽ مضبوط ڍڳي گاڏي ٺهندي رهي آهي. ضلعي ميرپورخاص جي شهر جهُڏي گدام جي ٺهيل گاڏي سڄي سنڌ ۾ مشهور، مضبوط ۽ وڻندڙ مڃي ويئي، جيڪا ٿهيم، شيدي ۽ پراڻا سيٽلر پنجابي واڍا ٺاهيندا هُئا.