Saturday, March 26, 2011

اَڪ جو ٻوٽو - نواز ڪنڀر


اَڪ جو ٻوٽو 
ان جا اڻ ڳڻيا فائدا
نواز ڪنڀر
پرائمري جي هڪ ڪتاب ۾ موجود بيت جي ان سٽ “اڪ جي ڪاٺي، نم جا پاوا” جو ته الائي ڇا مطلب آهي، پر اڪ جو شمار ته ٻوٽن ۾ ڪبو آهي. اٺ نو فوٽن تائين قد ڪندڙ هن ٻوٽي جي ڪاٺي مان کوٽ ٽوٽ ۾ وڻن واري ڪاٺي جا  ڪم به وٺبا آهن. اڪ جي ڪاٺي زمين ۾ کاڄي وڃڻ سبب، ڇپر ۾ استعمال ڪبي آهي. سڀ کان وڌيڪ کاري ۽ ڪڙي هن ٻوٽي کي رڳو ٻڪري ئي کائي ٿي. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سڀ کان وڌيڪ چوڻيون ۽ پهاڪا به اڪ جي باري ۾ ئي ملن ٿا. مثال طور:


*      اڪ تي اٽو هارڻ              = بي فائدو ڪم ڪرڻ،
*      اڪ تي ماکي هارڻ           = مورک کي سمجهائڻ،
*      اڪ پوکڻ                      = ڪنهن سان صحيح نه هلڻ.
*      اڪ جو بنڊ                    = نازڪ ماڻهو.
*      اڪ جي ماکي لاهڻ           = آسان ڪم ڪرڻ.
*      اڪ سان اک اگهڻ             = ڏسي وائسي نقصان جهڙو ڪم ڪرڻ.
*      اڪ ڪارا ڪرڻ             = (طنزاً) ڪنهن کي سندس افعالن تي ٽوڪڻ.
*      اڪ ڪرڻ                       = زمين جو آبادي کان کرڻ.
*      اڪ وات ۾ اچڻ               = ڪاوڙ ۾ اچڻ.
*      اڪن تي اٽو هارڻ             = بي سود ڪم ڪرڻ.
*      اڪن تي پارو پوڻ            = سخت سيءُ پوڻ.
*      اڪن جي واڙي ۾ ويهڻ     = هيڻو بڻجڻ.
*      اڪ سان کنهڻ                 = نقصان جهڙا ڪم ڪرڻ.
*      اڪن کان آما/ انب گهرڻ    = بخيل ۾ نفعي جي اميد رکڻ وغيره شامل آهن.

بقار جي جهوني محمد صالح ملاح جي بقول ته پنجاهه سال کن اڳ تائين اڪ جا ٻه قسم ڏسبا هئا، هڪ اڇو اڪ ۽ ٻيو سائو اڪ. اڇو اڪ گهڻو ڪري يوناني دوائن ۾ مختلف طريقن سان استعمال ٿيندو هو، پر هاڻ اهو اڇو اڪ اڻ لڀ ٿي ويو آهي. نازڪ نفيس ميداني توڙي وارياسن علائقن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ٿيندڙ اڪ مختلف حوالن سان موسمن جي مٽجڻ جو ڏس ڏيندڙ ۽ قدرتي ڪميونيڪيشن جو به ذريعو آهي. جتي هي ٻوٽو سڙي، سخت سياري اچڻ ۽ مال پاران کير سڪائڻ جو اطلاع ڏيندو آهي، اتي سياري  بعد ڦوڳ سان گڏ ڦلهارجڻ  سان گڏ ڦوٽهڙو ڪري، مال پاران سيءَ سبب سڪايل کير وري وڌائڻ واري وقت اچڻ جون ڄڻ ته واڌايون ڏيندو آهي. پوهه مهيني ۾ اڪ سخت سيءَ پوڻ سبب پن  سڪائيندو آهي. اڪ سان گڏ ديوي به سڙندي آهي ته هيٺاهين تي بيٺل کٻڙ به سڪندا آهن. ان وقت لاءِ وڏڙا چوندا آهن ته “هاڻ ڪَتي لٿي آهي ۽ ساڙ ڪيو اٿس”. اڪ جو سڪڻ ٻين سڀني گاهن ٻوٽن جي سڪي وڃڻ جو اشارو هوندو آهي، سخت سيءَ ۾ سڪل گاهه تي گذران ڪرڻ سبب مال کير سڪائي ويندو آهي، جڏهن ته سياري ختم ٿيڻ تي بهار ۾ گاهه ٻوٽا ڦٽندا آهن ته مال وري کير وڌائيندو آهي، جنهن جو اطلاع به اڪ ڦُٽي ڪندو آهي. (جڏهن ڏاچي پيرون پچڻ تي کير وڌائيندي آهي.)

اڪ نه صرف سيءَ اچڻ پر مختلف موسمن جي  اچڻ، وڃڻ ۽ مٽجڻ تي به مخصوص اشارا ڪري خلق کي اڳواٽ خبردار ڪندو رهندو آهي. جنهن کي سمجهڻ اڳي ته عام انسانن لاءِ به “اڪ جي ماکي” وانگر ئي هو، پر هاڻ جڏهن پنهنجو پاڻ کي پڙهيو لکيو سمجهي انسان اڪ کان اک موڙي ڇڏي آهي ته پاڻ ئي ڏکيو ٿيو آهي، اڪ ته اڄ به اهڙي جو اهڙو ئي آهي. اڪ جڏهن پن کان هيٺ يا مٿي نه بلڪه ڳري جي ڳنڍ مان گونچ ڪڍي ته اها سياري وڃڻ جي نشاني سمجهبي آهي. سياري ۾ هي پڻ ڇاڻي ڪاٺيون ٿي ويندو آهي، (تيز سيءَ ۾ ڇڻيل پن کائڻ سان ٻڪرين کي تيڪ ٿي پوندي آهي.) اڪ ڦلڙي ڪري چيٽ يا بهار اچڻ جو اعلان ڪندو آهي. ڦلڙي ڇاڻي ٻج ڪندو، ٻج ڇاڻي جهليندو انبڙي/ڏوڏي جيڪي آرهڙ شروع ٿيڻ جي نشاني برابر هونديون آهن. انهن انبڙين/ڏوڏين مان نڪتل ڪپهه جڏهن اڏامڻ لڳي ته آرهڙ جي وچ ٿيڻ جي نشاني سمجهبي آهي. انبڙيون جهلڻ وقت ڀاڳين سان گڏ ڪيترن جون اکيون اڪ ۾ اٽڪيل هونديون آهن. اڪ پاران انبڙيون ڇاڻڻ سانوڻ شروع ٿيڻ جي خوشخبري هوندي آهي، پوءِ سانوڻ وسي نه وسي.  اڪ ان ڳالهه سان ٻڌل ناهي.

اڪ ڪيترن ئي مقامي علاجن ۽ ڏسن ۾ به استعمال ٿيندو آهي. مشهور سماجي ورڪر، حڪيم ۽ ايڊووڪيٽ محمد عباس سومري ۽ نالي واري شاعر ۽ حڪيم نسيم بلوچ  جي بقول ته: جسم تي ڦٽ ڦرڙي ٿيڻ تي اڪ جو کير سنڌور ۾ ملائي لڳائڻ سان ڦٽ ڇُٽي ويندو. ڪنڊو لڳي ۽ سئي سان نه نڪري ته اڪ جي کير جا ٻه ٽي ڦڙا ڪنڊي واري جاءِ وجهڻ سان ڪنڊو پاڻهي ٻاهر نڪري ايندو ۽ کير ان جاءِ کي پچڻ به ڪونه ڏيندو. اڪ جو کير پائوڊر ڪيل کنڊ ۾ وجهي، سڪائي، ڪک جيترو صبح شام کائڻ سان مليريا بخار ختم ٿي وڃي ٿو. (اڪ جا پيلا پن گرم پاڻي ۾ اڪاري ڪنهن به باهه سڙيل کي سڙيل جاءِ جي مٿان نائبو ته يڪدم باهه جي جلن به ختم ٿي ويندي ۽ زخم به جلد ڇُٽي ويندا ۽ چمڙي تي نشان به نه رهندو. ڪن ۾ سور لاءِ اڪ جو کير تيل ۾ گرم ڪري يا خالي کير ڪن ۾ وجهڻ سان ۽ ڏاٺ ڏُکڻ تي اڪ جي کير جا پها رکڻ سان به اڪثر فائدو ٿي وڃي ٿو. جسم ۾ جنهن جڳهه تي سور هجي، اتي اڪ جا پن (اڪ پڙا) صاف ڪرڻ بعد، ڪوسا ڪري هيڊ تيل مکي ٻڌڻ سان سور جهڪو يا ختم ٿي ويندو آهي. اڪ جي ڪاٺي واري رک کي تيل ۾ ملائي ڦٽ تي لائڻ سان ڦٽ ڇُٽي ويندو آهي. اڪ جو  کير جتي ڪيترن ئي حوالن سان ڪارائتو آهي، اتي ان کي بي احتياطي ڪري هٿ لڳائبو ته نقصان به ٿي سگهي ٿو. جسم تي اڪ جي کير لڳڻ سان جي  ان کي جلد صاف نه ڪبو ته کل لهي ويندي. (اڪ جي کير لڳڻ سان ڪپڙي تي ٿيل داغ کي اڪاريو سڏبو آهي) اڪ کي جيئن ته ٻڪري ئي کائي ٿي، ان ڪري جي ٻڪري جي اک ۾ اڪ جو کير ويو ته هو انڌي ٿي سگهي ٿي. اڪ جي ٻج واري ڪپهه مان صفا ننڍڙيون پر وڏي پڇ واريون جهرڪيون جن کي مقامي ماڻهو “ڊير” سڏين ٿا ۽ ٻيون جهرڪيون جن کي ڦُوسڙيون سڏبو آهي، سي ان ڪپهه کي آرام ده آکيرو بنائڻ لاءِ استعمال ڪنديون آهن. اها ڪپهه ڏاڍي نرم هوندي آهي. اڳي گهڻو ڪري وهاڻا وغيره به ان اڪ واري ڪپهه مان ئي ڀربا هئا. ان کان علاوه اڳي جڏهن اڃان نائلون ۽ ڪشميري جا رڇ يا ڄار نه آيا هئا، ان وقت ملاح اڪ وڍي پندرهن ويهه ڏينهن پاڻي ۾ ڦِٽو ڪرڻ بعد جڏهن اڪ جي مٿئين کل ڳرڻ لڳندي هئي ته کل ۽ ڪاٺي جي وچ وارين نڪري آيل تندن مان رڇ ٺاهيندا هئا. ان کان علاوه انهن تندن مان رسو به ٺاهبو هو. جنهن کي اَڪار سڏبو هو. جنهن زمين تي پاڻي چڙهڻ بعد گاهه بجاءِ اڪ ڦٽي، ان کي نڀاڳي ۽ کري ويل زمين سمجهبو آهي. هونئن اها چوڻي عام آهي ته “زمين کري ته اڪ ڪري.” اڪ جنهن لاءِ ڀٽائي سر کنڀات ۾ چيو ته:

چانگي چئي چڪياس، مٿا اڪ نه الهي،
جنهن ول گهڻيا وهاٽيا، ان سي آر لڳياس.
چوڌاري چندن وڻ، پڇي پوڄ پياس،
راڙي رت ڪياس، هن ڪڌاتوري ڪرهي.

اهو اڪ اڄ به ڪيترن ئي ضرورت مندن جو ضرورتون پوريون ڪري رهيو آهي، پر افسوس جو ان کي اهو مقام ناهي مليو، نه ئي ان مان اوتري پئماني تي فائدا ورتا وڃن ٿا، جيترا وٺڻ گهرجن. اڄ جڏهن دنيا ڪيترن ئي حوالن سان، ماضي ڏانهن موٽ کائي رهي آهي، ان وقت اسان ان تي تحقيق ڪري، اڪ مان ميڊيسن تيار ڪري دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائي سگهون ٿا. جي اسان هوندي سوندي به اهو نه ڪيو ته اسان جي “اڪ ڪارا ڪرڻ” جو  ڪهڙو فائدو؟!

No comments:

Post a Comment