Saturday, March 26, 2011

برساتي اهڃاڻ - نواز ڪنڀر


برساتي اهڃاڻ
برسات جي حوالي سان کنوڻ، گوڙ ۽ انڊلٺ جا اهڃاڻ
نواز ڪنڀر
قدرت انساني بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪيترين ئي شين ۾ برسات جي اچڻ يا نه اچڻ، وسڻ يا نه وسڻ، گهٽ يا وڌ وسڻ، فائدي يا نقصان واري هجڻ جي حوالي سان ڪيترا ئي اشارا ۽ اهڃاڻ مختلف طريقن سان اماڻيندي رهندي آهي. قدرت تي اکيون بند ڪري اعتبار ڪرڻ وارا انهن نشانين ۾ پڪو ۽ پختو ويساهه رکندا آهن ۽ فائدي ۾ ئي رهندا آهن. پر پنهنجيءَ تي هلڻ وارا يا ريڊيو ڪن تي لڳائي ۽ ٽي ويءَ ۾ اکيون وجهي يا اخبار ۾ خبرون پڙهي، موسميات کاتي جي ٻڌايل ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ وارا جهڙوڪر فطرت کان منهن موڙي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اڪثر حالتن ۾ مٿي تي هٿ ڏيو ويٺا هوندا آهن. سريلنڪا جو سونامي هجي، بالاڪوٽ ۾ زلزلي جون تباهيون هجن،  بدين ۽ ٺٽي ۾ سمنڊ جون سينه زوريون هجن. اهي سڀ شيون ازل کان ٿينديون رهيون آهن. انهن جي واقعي ٿيڻ کان اڳ قدرت مختلف طريقن سان انسان کي خبردار به ڪندي رهندي آهي. جيستائين انسان قدرت تي ڀروسو ڪيو ۽ ان جي ڏسيل نشانين مان خطري جي بوءِ محسوس ڪئي ته هو گهڻو ڪري پاڻ بچائيندو رهيو. جڏهن هن ائين نه ڪيو ته نتيجو سڀني جي سامهون آهي. طوفان هجن، برساتون هجن، زلزلا هجن يا ٻي ڪا به ماحولياتي تبديلي هجي ان جا آثار ڪيترو ئي عرصو اڳ ۾ ظاهر ٿيندا رهندا آهن پر ڪو پڙهڻ وارو ۽ انهن کي محسوس ڪرڻ وارو هجي ۽ ڪا ڏسڻ واري اک هجي. برسات جي حوالي سان ڪيترن ئي ڳالهين ۾ قدرت اشارا ۽ اهڃاڻ مقرر ڪيا آهن. جن ۾ ڪجهه جو ذڪر اڳ مضمون ۾ ڪري چڪا آهيون، ڪجهه جو پوءِ ڪبو ۽ ڪن جو ذڪر اڄ ڪريون ٿا:


برسات جا قسم
بظاهر ته سڀ مينهن هڪ ئي منهن مهانڊي هوندا آهن، پر اصل ۾ انهن ۾ وڏو فرق هوندو آهي. برسات کي مختلف نالن سان سڏيو ۽ سڃاتو ويندو آهي جيئن؛ گونگو مينهن، ماٺو مينهن، وڏ-ڦُڙو مينهن، سنهي بوند واري برسات، طوفاني مينهن، ڳڙو مينهن، جهڙ مينهن ( مسلسل ٻه چار ڏينهن وسندڙ) وغيره. برسات جي مختلف قسمن، فائدن، نقصانن ۽ وقتن کي ڏسي به مختلف نالن سان سڏبو آهي، جيئن؛ بڊو برسات، جنهن کي گيلو به چوندا آهن. اها برسات يڪو پئي وسندي آهي. هفتو هفتو به پئي هلندي آهي. بقول شيخ اياز جي؛  “عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو جهول ڀري” وانگر چلهه ٻارڻ لاءِ سڪل ڪاٺي ۽ ڇيڻي جو ملڻ به محال هوندو آهي. اهڙي نموني سان مختلف موسمن ۽ وقتن تي مختلف قسمن جا مينهن وسندا رهندا آهن.

سانوڻ جا سراڙا:
هڪڙي برسات وسي وئي، پندرهن منٽ، اڌ ڪلاڪ بعد ٻي آئي. ڪلاڪ بعد وري برسات منهن ڪڍيو ته ٿري اهڙي برسات کي سانوڻ جا سراڙا چوندا آهن. جنهن کي اوهيرا به سڏبو آهي. چوندا آهن ته سنهي برسات ۾ گاهه  ته وڌيڪ ٿيندو آهي پر گهرن کي نقصان گهڻو ٿيندو آهي. ڪنهن برسات ۾ وري پاڻي ته هوندو آهي پر اَنُ نه ٿيندو آهي. ڪنهن برسات ۾ وري پَنُ ته ٿيندو پر اَنُ ڪو نه ٿيندو آهي. ڪڏهن وري گاهه گهٽ پر اَنُ وڌيڪ ٿيندو آهي. انهن سڀني ڳالهين مان هر هڪ لاءِ لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ الڳ الڳ نالا آهن.

خود برسات ۾، برسات بابت اهڃاڻ:
هلندڙ برسات ۾ پاڻي مٿان ڦوٽا جنهن کي پاڻي جا ڦوٽا يا بلبلا چئبو آهي. اهي ٿين ۽ پاڻي مٿان لڙهندي نظر اچن ته معنى اڃا برسات پوندي، هن سال به ۽ ايندڙ سال به. جي بلبلا نه ٿين ته معنى اڳيون سال ڏڪر جو آهي. ذهني طور تيار رهجو. اهي ڦوڪڻا يا بلبلا گهڻو ڪري برسات وسي بند ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ ۾ ٺهندا آهن. جڏهن برسات ۾ برسات جي جهڪي ٿيڻ وقت، جهرڪيون ۽ ڪٻريون پاڻيءَ ۾ وهنجهندي نظر اچن ته معنى برسات پوڻ جا اڃا امڪان موجود آهن.

کنوڻ  يا وڄ جي حوالي سان اهڃاڻ؛ 
مشهور آهي ته اتر جي گوڙ ۽ کنوڻ  وڌيڪ برسات آڻڻ جو سبب ٿينديون آهن.

ٻڪرار کنوڻ:
اها کنوڻ ڏسي مال وند، ٻاڪرو مال جيترو جلدي ٿي سگهي اوترو جلد واڙڻ جي ڪندا آهن. مال اڃا واڙي ۾ بند مس ڪبو ته برسات اچي ٺڪاءُ ڪندي آهي. اها کنوڻ ٽانڊي وانگر ڳاڙهي، شعلي جهڙي، اکيون وٺندڙ هوندي آهي. اتر-اڀرندي ڪنڊ کان ٿئي ته ماڻهو ڀڄڻ جي ڪندا، مينهن آيو ڪي آيو. ان مٿان جو هلڪو ڏکڻ لڳي ته رهي سهي ڪسر به پوري، لمحن جو انتظار به نه ٿيندو. جيئن سڄي مال ۾ ٻاڪرو مال تيز هلندو آهي، ان ڪري هن تيز هلندڙ کنوڻ کي ٻڪرار کنوڻ ڪري سڏبو آهي. سانوڻ کان اڳ آکاڙ جو مهينو ايندو آهي. آکاڙ جي ٻه تاريخ تي ڪٿي به کنوڻ يا جهڙ نظر اچي ته برسات جو آسرو سمجهبو آهي. ٻيءَ صورت ۾ ٿري بئراجي علائقن ۽ ناري وڃڻ جون تياريون ڪندا آهن.

چوندا آهن ته
 آکاڙ ڪي ٻيج، واڏڙ يا ويڄ (واڏڙ؛ جهڙ)
نيڙي راکي ٻڙڌيا (ڍڳا)، جوڙهي (جهولي) راکي ٻيج.

پر جي آکاڙ جي ٻه تاريخ تي کنوڻ ۽ جهڙ ڏسڻ ۾ نه اچي ته پوءِ
پهلي بيچ ٻڙڌيا، پڇي چاٻي (کائڻ) ٻيج.

کنوڻ ڪرندي به آهي ۽ وڏا نقصان به ڪندي آهي. نه صرف انسان پر جانور به کنوڻ جي چمڪي کان لهرائيندا آهن. کنوڻ ڪِرڻ جي ڊپ کان پتل، ٽامي، يا پتل ٽامي جي ملاوٽ سان ٺهيل (ڪُٽ/ ڪنجهو) ٿانو کي کنوڻ مهل اندر رکبو آهي. ساڳيءَ طرح شيشو به ٻاهر نه رکبو آهي. ان تي به کنوڻ ڪرڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. کنوڻ ڏسي چنڊڻ ڳوهه به کٻڙ جي ٿڙ ۾ لڪي پناهه وٺندي آهي. جي ٻاهر هوندي ته کنوڻ مٿس ڪِري سگهي ٿي. کنوڻ جي ڪرڻ کان محفوظ رهڻ لاءِ اڪ جي ٽاري گهر مٿان رکبي آهي.

وڄ جو پاڻي:
چوڻي مشهور آهي ته هن کي وڄ جا پاڻي آهن. ان لاءِ سياڻن جو چوڻ آھي ته لوهر، کوهه کوٽي ان ۾ ڇيڻا ڀري، وچ ۾ کير جي ڀريل پليٽ رکندا آهن. برسات ۾ کنوڻ ڪِرڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. جي ان تي کنوڻ ڪري ٿي ته ڇيڻن کي نپوڙي، نڪتل پاڻي سنڀالي رکبو آهي، جنهن مان مختلف اوزارن کي لوهر پاڻي ڏيندا آهن. ان سان اوزار ڏاڍا تکا ۽ تيز ٿيندا آهن. چون ٿا ته وري جڏهن گوڙ ٿيندي آهي ۽ کنوڻ تجلا ڪندي آهي ته وڄ جو پاڻي ڏنل اوزار حرڪت ڪندا آهن. ان ڪري پنهنجي منهن بغير ڪنهن سبب جي حرڪت ڪرڻ وارن لاءِ چئبو  آهي ته هنن کي وڄ جا پاڻي آهن.

گوڙ جا اهڃاڻ:
چوندا آهن ته گوڙ 12 ڪوهن يا 24 ڪلوميٽرن تي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. اهو به چوندا آهن ته گونگي برسات ايندي ڪو نه، جي آئي ته ٻوڙي ڇڏيندي. شايد ان ڪري ئي اردو ۾ چئبو آهي جو گرجتي هين وه برستي نهين. کنوڻ وانگر اتر جي گوڙ به وڌيڪ برسات آڻڻ جو باعث بڻبي آهي. گهڻي گوڙ، گهٽ برسات آڻيندي آهي. هلڪي گوڙ جيڪا ڪڙڪو نه ڪري نه ئي ساهي پٽي رڳو گڙندي رهي، جنهن کي گام به چئبو آهي، اها وڌيڪ برسات آڻيندي آهي. ان مان ٻوڏ جو به خطرو هوندو آهي.

انڊلٺ/ پينگهه/ ڏانگڙو يا مڇرو جا اهڃاڻ:
انڊلٺ کي مقامي طور تي پينگهه يا ڏانگڙو به چوندا آهن. اها به برساتي اڳڪٿي جي حوالي سان ڪافي اهم آهي. انڊلٺ عموماً ٽن کان ستن رنگن تي مشتمل هوندي آهي. اها جيڪڏهن برسات دوران نڪري بيهي ته برسات ۾ ساهي سمجهيو ويندو. معنى هاڻ فوري طور وري برسات ڪو نه ايندي. پر جي برسات  اچڻ کان اڳ ۾ ظاهر ٿئي ته برسات جا پڪا امڪان هوندا آهن. ان لاءِ ائين به چئبو آهي ته جي ڏانگڙو سڪي تي ٿئي ته وسندو جي ڀني تي ٿئي ته معنى برسات وئي. انڊلٺ لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته برسات وسي بس ڪري ۽ هي اڀرندي کان ظاهر ٿئي ته معنى اڃا وسائيندو ۽ جي اولهه مان ظاهر ٿئي ته مطلب هاڻ برسات نه پوندي. انڊلٺ جو سائي ۽ گلابي رنگ جو گول برسات وسي بس ڪرڻ تي نظر اچي معنى برسات وئي، جي گول اڌ هجي ته مطلب ٿيو اڃا وسندو. هڪ ٻي چوڻي آهي:

اڀرندي جي موڳ، الهندي جو مڇلو (انڊلٺ)
چئي گاگن جوڻو ته برسات وسي گوگهه

پر جي،
الهندي جي موگهه (موڳ) اڀرندي جو مڇلو،
چئي گاگن جوڻو گابا ڪوهه ۽ کاءُ

اهڙي نموني سان ٻين ڪيترن ئي حوالن سان قدرت برسات جا اشارا ۽ اهڃاڻ اماڻيندي رهندي آهي. جن جو ذڪر انشاءَالله ايندڙ ڪنھن مضمون ۾ ڪبو.

No comments:

Post a Comment