Saturday, March 26, 2011

تيل ۽ گئس لاءِ ٻرندڙ باهه - نواز ڪنڀر


تيل ۽ گئس لاءِ ٻرندڙ باهه
ماحولياتي تباهي ۽ وڌندڙ غربت
نواز ڪنڀر
تيل ۽ گئس وارين ڪمپنين، حڪومتي پاليسين ۽ نمائندن جي بيخبري ۽ عدم دلچسپيءَ، ڪيترائي ماحولياتي ۽ معاشي نقصان پهچائي غربت ۾ بي پناهه اضافو ڪيو آهي. جنهن سان ڪيترائي سماجي مسئلا پيدا ٿيا آهن. اهي ڪمپنيون نه ڪنهن عالمي قانون تي عمل ٿيون ڪن ۽ نه ئي ملڪي قانون ۽ اخلاقي اصولن تي ٿيون هلن. انهن جا ڪافي ڪم ته ملڪي قانون به ڪافي سولو ڪري ٿا ڏين. لڳي ائين ٿو ته اهي قانون به جهڙوڪر ڪمپنين جي چوڻ تي ئي ٺاهيا وڃن ٿا يا انهن جي مفادن کي مدِ نظر رکي ٺاهيا ويندا هجن. پڇاڻي جي عمل کان بي خطر ۽ مالڪيءَ جي احساس ۽ اختيار کان عاري، قومن کي جنهن نموني اهي چاهين، ائين ٿيون لٽين. ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي. ٻيو ته ٺهيو پر اسان جا چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل “نمائندا”، انهن ڪمپنين ۽ سندن ڪم جي طريقي ڪار ۽ ڪارن قانونن جي باري ۾، پنهنجي بيخبريءَ کان به اڻ ڄاڻ آهن. رڳو ڪٿي ڪٿي مقامي سطح تي سماجي ڀلائيءَ ۽ ترقي جو شعور رکندڙ ڪجهه فرد، حقن جي حاصلات لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن. ور نه ته مجموعي طرح سان، انهن ڪمپنين جي من مستيءَ جي ڪري، معاشي نقصانن سان گڏ، ماحولياتي نقصان به عروج تي پهتل آهن. جنهن تي ڪٿان ڪا مؤثر رڙ به ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي. جنهن مان خبر پوي ته ڪي “مور” اڃا جيئرا آهن.


انهن ڪمپنين جي ڪري ٻي به ڪيتري ئي ماحولياتي تباهي ٿي آهي. ٻين نقصانن سان گڏ هڪ اهم نقصان تيل/ گئس جي پيداوار شروع ٿيڻ تي مسلسل ٻرندڙ شعلي/باهه سبب ٿي رهيو آهي. عام مشاهدي ۽ تجربي جي بنياد تي مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا؛ “شعلي ۽ باهه سبب، بَٺي جي ڀروارين ٻنين ۽ باغن وارا وڻ سڪي وڃن ٿا، ٻير ۽ انبن جي باغن کي ڪاپاري ڌڪ ٿو رسي، ٻير جي ته ڪاٺي به سڪي ٿي وڃي، ڦٽيون به سٺيون نٿون ٿين.” اهي چون ٿا ته؛ “اسان اهو ڪيئن مڃيون ته سالن تائين، چوويهه ئي ڪلاڪ مسلسل شعلي/باهه ٻرڻ جا ڪي به نقصان ڪونه ٿيندا هوندا. اها ڳالهه ڪنهن به ريت عقل تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پوءِ تيل/ گيس ڪمپنين وارا ڀلي ڪهڙيون به کڻي ڪهاڻيون ٻڌائين.
تحقيق ڪندڙ هڪ تنظيم پاران ڪيل سروي ۾، مقامي ماڻهن جي اڪثريت مطابق، شعلي ٻرڻ واري علائقي جي ٽن چئن ڪلوميٽرن جي چورس علائقي ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جيت مري ختم ٿي ويا آهن. مقامي ماڻهو، ڪمپنين جي انهيءَ ڳالهه سان متفق نٿا ٿين ته ڪو شعلي جي، مٿئين سطح  تي وڃڻ جي، هڪ حد مقرر آهي. ان حد تائين جيت، تڏ ۽ پوپٽ وغيره نٿا پهچي سگهن.
هو عام مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي چون ٿا ته؛ “جڏهن هڪ بلب، جيڪو ڀلي ڪيترو ئي مٿي ڇو نه هجي، هڪ ميڻ بتي ۽ ڏيئو، جيڪي ڪيترو به هيٺ ڇو نه هجن، انهن ڏانهن جيت پنهنجي فطرت موجب ويندي سڙي مرن ٿا ته شعلي ڏانهن ڇو ڪونه ويندا! اها جيتن، پوپٽن ۽ پروانن جي فطرت ۾ شامل آهي ته هو شعلي تي جان ڏين. ان ۾ هيٺ مٿي جو سوال ئي ناهي. اهو سڀ ماڻهن کي منجهائڻ واريون ڳالهيون آهن ته ڪو جيت مٿانهين واري شعلي ڏانهن ڪونه ويندا.”
اهي چون ٿا ته؛ “جڏهن هڪ بلب تي ڪيترائي پروانا مري سگهن ٿا ته ميلن ۾ نظر ايندڙ ۽ ساڙيندڙ شعلي جي ڪري ڪيتري تباهي ايندي هوندي، اهو هر ڪو سمجهي ٿو پر تيل/ گيس ڪمپنين وارا سڀ ڪجهه سمجهندي به اڻ ڄاڻ بڻيل آهن.”
نعمت البسال، ٻوٻي ۽ نئون آباد واري علائقي جا عام هاري ناري توڙي زميندار، پنهنجي مشاهدي جي آڌار ٻڌائين ٿا ته؛ “شعلي جي آس پاس، ميلن ۾ جيتن جو جهڙوڪر صفايو ٿي ويو آهي. انهن ۾ دوست ۽ دشمن، ٻنهي قسمن وارا جيت شامل آهن. انهن علائقن ۾ گاهه سڪي وڃڻ عام ڳالهه آهي. جي اهو اثر شعلي جو ناهي ته پوءِ ٻي ڪهڙي ماحولياتي تبديلي آئي آهي؟ ان تبديليءَ جي اچڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟”
آبادگار چون ٿا ته؛ “انهن  ٻنين ۾ گاهه جو سڪڻ، گوگڙن جو ماڻهوءَ جي کل وانگر سڪي ٺوٺ ٿيڻ به عام ڳالهه آهي. جنهن جو سبب به اهو شعلو ئي آهي.”
هاري چون ٿا ته؛ “ڪجهه سالن کان، شعلي ٻرڻ بعد، اهي تبديليون سڄو سال مختلف فصلن تي ظاهر ٿي رهيون آهن. پر ڪير به ان لاءِ آواز نه ٿو اٿاري ۽ نه ئي ڪو تدارڪ ٿو ٿئي.”
انهن جي بقول ته؛ “چيٽ ۾ ڪڻڪ جي پوکائيءَ مهل، انهن علائقن ۾ شعلي جي گرميءَ سبب، گهربل ماڪ به نٿي پوي، جنهن ڪري ان علائقي ۾ ڪڻڪ جو داڻو ڪمزور ٿئي ٿو.” انهن علائقن ۾ ماڪ گهٽ پوڻ سبب نه صرف ڪڻڪ تي اثر پوي ٿو، بلڪ ووڻن جا ڏينا به سٺا  نٿا ٿين.
آبادگارن ۽ واپارين جي بقول ته؛ “اڳي انهن علائقن ۾ مرچن جي ٻيجي کي سيءَ کان بچائڻ لاءِ گرمي ڪبي هئي، هاڻ شعلي جي ڪري، گرمي وڌڻ سبب ٻيجي لاءِ گرمي ڪرڻ جي به ضرورت نٿي پوي.” تيل/ گيس ڪمپنين وارا ٻڌائين ته جي اها تبديلي/گرمي، انهن علائقن ۾ شعلي جي ڪري نه وڌي آهي ته پوءِ ان جا ٻيا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
ماڪ جو چوپائي مال تي به ڏاڍو سٺو اثر ٿئي ٿو. اڳي ڀاڳيا ماڪ پوڻ واري مند ۾ صبح سوير، سج اڀرڻ کان به اڳ، مال ڪاهي جهنگ ۽ جُوءِ ۾ ويندا هئا، ته جيئن مال ماڪ وارو گاهه کائي متارو ٿئي. هاڻي شعلي جي ڪري ماڪ به نٿي پوي ته ان مان ملندڙ قدرتي فائدا به نصيب نٿا ٿين. فائدو تيل/گيس ڪمپنين وارا کڻي رهيا آهن، جڏهن ته نقصان مفت ۾ علائقي جي غريب ماڻهن جو ٿي رهيو آهي.
ان کان علاوه علائقي جي ماڻهن جي اکين مان پاڻي وهڻ ۽ صبح جو اٿڻ مهل اکين ۾ پِچون هجڻ به عام ڳالهه آهي. ماڻهن ۾ چمڙيءَ جي بيماري به انهن علائقن ۾ شروع ٿي، پري پري تائين پهچي چڪي آهي.
اهي سڀ ڳالهيون اُهي آهن، جيڪي عام ماڻهن جي تجربي ۽ مشاهدي ۾ شعلي ٻرڻ بعد آيون آهن. ظاهر آهي ته انهن ۾ ڪانه ڪا حقيقت، ڪجهه نه ڪجهه صداقت ضرور هوندي. جي نه ته پوءِ تيل ۽ گئس واريون ڪمپنيون، ڪن به ماحول دوست ڌرين ۽ مقامي ڄاڻو ماڻهن تي مشتمل ڪاميٽي ٺاهي، مڪمل سروي ڪرائين ته ڳالهه واضح ٿي پوندي.
تيل ۽ گئس ڪمپنين جا بااثر عملدار ائين شايد اوستائين ڪونه ڪندا، جيستائين سندن خلاف ڪو وڏو محاذ کڙو نه ٿئي. پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اٿي نه پون. اوستائين ماحول جي بهتري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز کي، عملي قدم کڻندي، انهيءَ پاسي توجهه ڏيئي، ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اهم اشو کي مٿينءَ سطح تي اڀارڻ گهرجي، جيڪڏھن کين ماحول سان واقعي محبت آهي ۽ ان کي بچائڻ جو اونو اٿن. جيڪڏهن، جيئن ٻيا ملڪي ادارا هلن پيا، کين به ائين ئي ڪم ڪرڻو آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري ادارن تي ڪرپشن جو الزام نه هڻن، نه ئي پاڻ کي پاڪ پوتر ڪري پيش ڪن. ماحول کي بهتر بڻائڻ جي نالي ۾ پنهنجي مالي پوزيشن ڀلي بهتر ڪن پر جڙتو رپورٽون ڏيئي ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن کي “سڀ صحيح آهي” ته نه ٻڌائين.
هن سلسلي ۾ انهن سڀني دوستن جي مهرباني، جن تيل ۽ گئس تي لکيل مضمونن بعد فون، ايس ايم ايس ۽ شهنشاهه ڪالوني سانگهڙ واري گهر جي ايڊريس تي خط لکي تجويزون ڏنيون. سڀني پڙهندڙن کي گذارش آهي ته تيل ۽ گئس جي پيداوار شروع ٿيڻ تي ٻاريل شعلي جي جن به اثرن کي هنن ڏٺو، ٻڌو يا محسوس ڪيو آهي، سي پنھنجا مشاهدا شيئر ڪن. جيئن هن ڳاڻيٽي ۾ نه ايندڙ زيادتيءَ بلڪ وڏي پئماني تي ٿيندڙ ماحولياتي ۽ معاشي نقصانن بابت، انگ اکر گڏ ڪري، ان خلاف ڪا جدوجهد ڪري سگهجي.

No comments:

Post a Comment