Saturday, May 4, 2013

جهنگ جو ننگ ۽ بيضن جا چور - خالد ڪنڀار


جهنگ جو ننگ ۽ بيضن جا چور
خالد ڪنڀار
جهنگ جي ماڻهن جا ڪي ڪي ڪم وري اهڙا اونڌا آهن، جو ماڻهو پنهنجي منهن ويٺو ڏند ڪرٽيندو ته هي ڪن ڇا ٿا؟ پنهنجي منهن ويٺو وڦلندو آڏيون ابتيون هڻندو ته.. جهنگ جو خيال ڪو نه اٿن، سو ننگ جي حيا وري ڌوڙ ڪندا. پر جهنگ ۾ جيڪا چوس پئجي وئي سا پئجي وئي. پوءِ عادت آهي عضوو، سا تا حيات رهندي. هزار حيلا بهانا ڪريو، حرام جو پنهنجي عادت کڻي ڇڏين. جهنگ جي اڪابرن جو عقل به بي اثر ٿيو وڃي. اهي اونڌا ڪم آهن. وڻ ٽڻ جو ذيان، پکي پکڻ ۽ جانور جو شڪار، ڪنهن جهنگ جي پسوءَ تي ڪهل کائڻ بنا ظلم ڪرڻ، اهي جهنگ ۾ اونڌا ڪم ڪندڙ سڏجن ئي شڪاري ٿا. ٻيون ڳالهيون ته رهيون پرتي، پر هرڻن جي ٻچن کي روڙيو کڻي رڇ ۾ هڻن. پر وڏو پاپ ته اهو ٿا ڪن جو ڊيل جي بيضن ۽ ٻچن تان به ٽارو نٿا ڪن. پوءِ ڊيلن جي وڻن ۾ ڪيهو ڪيهه ٿي هجي. ڊيلون ۽ مور، جيڪي نانگ جا جهنگ ۾ سڀ کان وڏا ويري آهن، جي ڀلا ڪنهن نانگ جي ڊيل يا مور تي نگاهه پئي ته روڙ ڪڍي وڃي ڪنهن وڻ ٻوٽي ۾ پناهه وٺندو. جي ڪو وڻ ٻوٽو ويجهو نه هوندس ته روڙ ڪري ويندو ٻر ۾.. پوءِ ٻِر ڪنهن جو به هجي. ڪوئي جو هجي ڳوهه جو هجي، نانگ ڍري وڃي پناهه وٺندو. جي ڪنهن ڀيڻي ڀيڙو نه ٿيو ته مور روڙي اچي رسندو، پوءِ چنهنب سان جهليندو پڇ مان ۽ اڏامندو مٿي، جيترو مور مٿي اڏي سگهي ٿو، اوترو اڏامي اتان نانگ کي چهنب مان ڪڍندو ۽ نانگ اچي پٽ تي ڦهڪو ڪندو. نانگ ڌڪ کائي سهمون ٿئي، تيستائين وري جهٽ ڏئي اڏامندو مٿي، ائين ٻه ٽي ڌڪ ڏنائين ته نانگ جي حياتي پوري. اهو جي هڪڙو مور هوندو ته، جي هوندا ٻه ته هڪڙو ڇڏيندو ٻيو کڻندو، بس نانگ ٽن چئن ڌڪن ۾ پورو. انهيءَ نانگ جي ماري، مور لئه شڪاري شتاب آهي. مور پاڻ ته شڪاريءَ جي وجهه ۾ نٿو اچي، ٻيو شڪاري به مور ۽ ڊيل کان انهيءَ ڪري ٿو پاسو ڪري، جو جهليندي ئي مور جي دل ٽٽي پوي ٿي ۽ اتي ئي مريو وڃِي. سو وڏو مور ۽ ڊيل، شڪاريءَ جي ڪم جا ناهن.  شڪاريءَ جو سچو شڪار مور جا ٻچا ۽ بيضا هوندا آهن.