Saturday, March 26, 2011

مقامي ماسترياڻين جي کوٽ - نواز ڪنڀر


مقامي ماسترياڻين جي کوٽ
اصل مسئلو آهي ئي اھو


نواز ڪنڀر
ملڪ ۾ تعليمي ترقيءَ، تعليم جي شرح وڌائڻ، ٻارن جي داخلا وڌائڻ، ڊراپ آئوٽ تناسب گهٽائڻ وغيره لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون ۽ پروجيڪٽ شروع ٿي ۽ ختم ٿي چڪا آهن. ڪجهه اسڪيمون هلن پيون. منجهن تعليمِ بالغان کان وٺي اقراء ۽ اقراء کان وٺي نئين روشني اسڪول ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي ٻيون اسڪيمون ۽ پروجيڪٽ شامل آهن.


مذڪورھ اسڪيمن ۾ اڄ تائين، حڪومت کان وٺي اين جي اوز تائين، سڀني ايترا ته انگ اکر ڏيکاريا آهن، جو مڙني کي گڏجي ۽ ملڪ جي آباديءَ کي ڏسجي ته شايد ئي ڪو ماڻهو اڻپڙهيل نظر اچي. حقيقت ڇاهي؟ جيڪي پڙهيل لکيل آهن انهن جو معيار ڪهڙو آهي؟ اهو سڀڪجهه هڪ کليل راز آهي. جيڪو حقيقت هوندي به، ڪير مڃڻ لاءِ تيار ناهي. اهو ته ٿيو هڪ الڳ بحث. هتي اسان جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيون ٿا، سا آهي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نياڻين جي تعليم جي صورتحال. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم جي صورتحال جنهن حد تائين خراب ۽ پوئتي پيل آهي، ان تي اوتري سنجيدگيءَ سان سوچيو نه ٿو وڃي. سنڌ ۾ ڪيتري عرصي کان بند پيل اسڪولن ۽ گوسڙو ماسترن جي حوالي سان ته بحث هلندڙ آهي پر ڇوڪرين جي تعليم واري پاسي، گهربل توجهه ڪنهن به ڪنڊ پاسي کان ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ملڪ ۾ عورتن جي آبادي ته مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي، پوءِ ڇوڪرين جا اسڪول اوترا ڇو ڪو نه آهن جيترا ڇوڪرن جا آهن؟ پرائمريءَ کان وٺي ڪاليجن تائين، ڇوڪرين جي اسڪولن ۽ ڇوڪرن جي اسڪولن جو حساب ڪبو ته تمام گهڻو فرق ظاهر ٿيندو.
ڇوڪرين جي تعليم ۾ پوئتي هجڻ جا مکيه سبب.
1.                    ڇوڪرين جي اسڪولن جو نه هجڻ.
2.                    ڇوڪرين جي اسڪولن جو ڳوٺ کان پري هجڻ.
3.                    مائٽن پاران نياڻين جي تعليم تي گهربل توجهه نه ڏيڻ.
4.                    معاشرتي پابنديون ۽ مجبوريون.
5.                    غربت سبب تعليمي خرچ برداشت نه ڪري سگهڻ.
6.                    غربت سبب وڏين عورتن جو محنت مزدوريءَ تي وڃڻ ۽ پٺيان گهر ٻار ننڍين نينگرين جي حوالي هجڻ.
7.                    مقامي ماسترياڻين جي اڻهوند سبب ڇوڪرين جي اسڪولن جو نه هجڻ ۽ جي ڪٿي هجي ته ان جو بند رهڻ.
ڏٺو وڃي ته اصل مسئلو آهي ئي مقامي ماسترياڻين جي اڻھوند/ کوٽ جو. هڪ ته ٻهراڙين ۾ ڪٿي ڇوڪرين جو اسڪول کلي ئي نه ٿو. ڪير به ان ۾ دلچسپي نه ٿو وٺي. جيڪڏھن ڪو همت ڪري اسڪول کولرائي وٺي ٿو ته اتي ماسترياڻين جو ملڻ مسئلو ٿيو وڃي. ماستري ملڻ مهل ته هرڪو چنڊ تي وڃي به پڙهائڻ ۽ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ۽ آتو نظر ايندو آهي. آرڊر ملڻ شرط کيس ڪيتريون ئي مجبوريون ۽ مسئلا سامهون اچي ويندا آهن. چنڊ تي وڃڻ واري هام هڻندڙ کي پاڙي جو اسڪول به پري پيو لڳندو آهي. هرڪو چاهيندو آهي ته جيڪر سندس ڇت تي اسڪول هجي ته بهتر. ائين ٻهراڙين ۾ وڏين مشڪلاتن کان پوءِ کليل ڇوڪرين جا اسڪول، ماسترياڻين کان گهڻي ڀاڱي خالي نظر ايندا آهن. ماسترياڻيون مقرر ته هونديون آهن پر ڪڏهن ڊيپوٽيشن جي نالي تي، ته ڪڏهن “ڊٽيلمينٽ ٽو ورڪ” جي نالي تي ٻئي هنڌ ڊيوٽي ڪندي نظر اينديون آھن. يا ماڳهين ئي “ويزا” تي هليون وينديون آهن. جنهن جا قصور وار اسان جا ڪامورا ئي هوندا آهن.
ٿيڻ ڇا کپي؟
جيئن ته ٻهراڙين ۾ ڇوڪرين جا اسڪول ئي ناهن يا تمام پري پري ۽ تمام گهٽ آهن، ان ڪري اتي مقامي ماسترياڻيون ملڻ ئي ناممڪن آهن. سواءِ چند ڳوٺن جي، جتي ڪا پڙهيل لکيل ڇوڪري مائٽن سان گڏ لڏي اچي يا انهيءَ ڳوٺ ۾ شادي ڪري اچي رهي. ان ڪري جڏهن ڪا مقامي ماسترياڻي ئي نه هوندي ته اها نه ته ڳوٺ ۾ رهندي ۽ نه ئي ڇوڪريون پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنديون. سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم جي صورتحال جي حوالي سان رڳو هڪ مثال عرض ڪندو هلان ته اهو تعلقو، جنهن سنڌ کي وزير اعلى ڏنو، جنهن تعلقي کان ڏهن منٽن جي فاصلي تان ملڪ کي وزير اعظم مليو. جتان سنڌ اسيمبليءَ ۾ بادشاهه گر به پيدا ٿيندا رهيا، جتان کان اڄوڪي سنڌ جي وزير اطلاعات و نشريات جو تعلق آهي، اتي اڄ به ڇوڪرين جو هڪ هاءِ اسڪول به ناهي. سياسي طور اهڙي زرخيز علائقي جي نياڻين جي تعليم جي حوالي سان اها صورتحال آهي ته ٻئي پاسي صورتحال ڇا هوندي؟ توهان پاڻ اندازو ڪري سگهو ٿا.
نياڻين جي تعليم جو حل اهو ئي آهي ته وڌ ۾ وڌ مقامي ماسترياڻيون مقرر ڪجن. جڏهن مقامي اسڪول ئي بند پيل هوندا يا کلندا ئي ڪونه ته ڇوڪريون ڪيئن پڙهنديون. جيڪڏھن نه پڙهنديون ته ڪيئن مقامي ماسترياڻيون ملي سگهنديون؟
ان لاءِ تجويز آهي ته؛ ڳوٺن ۾ اڳواٽ ڇوڪرن جي هلندڙ اسڪولن ۾ فوري طور تي ڇوڪرين لاءِ برانچ اسڪول کوليا وڃن. منجھن پاڙيوارن ۽ مائٽن جي مرضيءَ سان سٺي ساک وارا مرد استاد رکيا وڃن. انهن برانچ اسڪولن ۾ رڳو ڇوڪرين کي ئي داخل ڪيو وڃي. جنهن لاءِ مرد استادن جو اڳ ۾ ئي ڪافي تعداد موجود آهي. کوٽ محسوس ٿيڻ تي فوري طور ٻيا به ڪيترائي ڀرتي ڪري سگهجن ٿا ۽ رٽائرڊ استادن کان پڻ ڪم وٺي سگهجي ٿو. انهيءَ طريقي سان پنجن سالن اندر ڳوٺن ۾ ڪيتريون ئي پرائمري پاس ڇوڪريون ملي پونديون.
ان سان گڏوگڏ اڄ به ڪافي ڳوٺن ۾ ڪجهه باشعور مائٽن به گهڻو ٻڌي سڻي، پنهنجي نياڻين کي گهٽ ۾ گهٽ پنجين ڪلاس تائين، ڪيترن ئي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيئي پڙهايو آهي/پڙهائي رهيا آهن، يا پڙهائي چڪا آهن. اهڙا مائٽ اڳتي ڪا واهه نه ڏسي نياڻين کي وڌيڪ پڙهائڻ جي حسرت دل ۾ رکيو ويٺا آهن. حڪومت ۽ اين جي اوز جيترو خرچ اڄ ڏينهن تائين مختلف نمونن سان تعليمي بهتري تي ڪري رهيون آهن، يا ڪري چڪيون آهن، ان جو تمام ٿورو حصو اهڙين پرائمري پاس ڇوڪرين جي پرائويٽ ميٽرڪ يا انٽر ۽ بي اي جي امتحان ڏيڻ تي ڪن، جيڪي پرائمري پاس ڪرڻ بعد ڪنهن به سبب جي ڪري اڳتي نه پڙهي سگهيون آهن ته ٻهراڙين ۾ مقامي طور مئٽرڪ ۽ انٽر پاس ڇوڪرين جي کوٽ کي سولائيءَ سان پورو ڪري سگهجي ٿو. حڪومت اهڙين ڇوڪرين جا فارم پنهنجي خرچ تي ڀرڻ يا حڪومتي خرچ تي امتحانن ڏيارڻ مهل کانئن لکت ۾ به وٺي ته اهي ڇوڪريون امتحان پاس ڪري، اوڙي پاڙي يا تر ۾ موجود نياڻين جي اسڪولن ۾ پنجن ستن سالن تائين لازمي طور تي نوڪري ڪرڻ جون پابند هونديون.
اهڙي نموني سان مقامي ماسترياڻين جي کوٽ به پوري ٿي ويندي. ڇوڪرين کي روزگار به ملي پوندو. ڇوڪرين ۾ تعليم جي گهٽ شرح کي به وڌائي سگهبو. ٻهراڙي جي زندگي ۾ به بهتري آڻي سگهبي. انهن ڳالھين جي هينئر تمام گهڻي کوٽ ۽ ضرورت آهي.

No comments:

Post a Comment