Saturday, March 26, 2011

وقت جا ماپا - نواز ڪنڀر


وقت جا ماپا
لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ 
نواز ڪنڀر
وقت جنهن کي بادشاهه چيو ٿو وڃي، تنهن کي نه ڪير روڪي سگهيو آهي، نه ئي هو ڪنهن لاءِ رڪجي ٿو. گهڙيءَ جي ٽڪ ٽڪ ۽ وڌندڙ پاڇي سان گڏ، وقت به مسلسل اڳتي وڌندو ٿو رهي. وقت جيڪڏھن مهربان ٿو ٿئي ته ٻيڙا پار ڪريو ڇڏي ۽ جڏهن منهن موڙي نامهربان ٿو ٿئي ته ڪناري تي ٻوڙيو ڇڏي. وقت، جنهن جو ڪافي ماڻهن کي انتظار هوندو آهي، سو ڪڏھن پاڻ ڪافي ماڻهن جي انتظار ۾ ھوندو آهي. وقت کي ڏسڻ ۽ جاچڻ جا هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجا ماپا هوندا آهن. جيئن؛ هر ڪم جو وقت مقرر آهي، تئين وري ڪن ڪمن ڪرڻ جا وقت مقرر آهن. پنهنجي پنهنجي نموني هر ڪنهن وٽ وقت جو ماپو پنهنجو هجي ٿو. انهيءَ حساب سان، لوڪ ڏاهپ جي سائنس جا  ماهر وري  پنهنجي نظر سان وقت کي ڏسن ٿا. گذريل 21 جون تي سال جو سڀ کان وڏو ڏينهن ۽ ننڍي رات ٿي گذريا.


اڳي وقت ڏسڻ لاءِ آسمان جي تارن، ڪُڪڙن جي ٻانگ ۽ سج جي پاڇولي تي انحصار ڪبو هو. دنيا جو سڄو چرخو سج، چنڊ، تارن، ڏينهن رات ۽ موسمن پٺيان ڦري ٿو. وقت کي دم، پل، وِپل، گهڙي، پهر ۽ ڪلاڪ ۾ ورهايو وڃي ٿو. جيڪو اڳتي هلي ڏينهن، مهينن ۽ صدين ۾ تبديل ٿئي ٿو. ان حساب سان وقت جو ننڍي ۾ ننڍو ماپو وِپل آهي، جيڪو اڍائي سيڪنڊن جي برابر آهي. ٻيو ماپو پل آهي جيڪو چوويهه سيڪنڊن جي برابر آهي. ان کان پوءِ گهڙي آهي، جيڪا چوويهه منٽن جي برابر آهي. تنهن بعد پهر، ٽن ڪلاڪن جي برابر آهي. ستارن جي علم جي ماهرن ۽ مقامي ماهرن مطابق؛ ڏينهن رات ۾ اٺ پهر ٿين ٿا. چوويهه ڪلاڪن ۾ سٺ گهڙيون ٿين ٿيون. هڪ ڪلاڪ ۾ اڍائي گهڙيون، هڪ منٽ ۾ اڍائي پل، هڪ سيڪنڊ ۾ اڍائي وِپل ٿيندا آهن. انهيءَ حساب سان، انسان هڪ پل ۾ ڇهه ساهه کڻي ۽ ڇڏي ٿو. ان صورت ۾ چوويهه ڪلاڪن ۾ انسان 21600 دم  ته کڻي ٿو. پر ڪي دم دا ڀروسا يا دم آوي نه آوي”.
وقت ڏسڻ جا طريقا
اڳي وقت، پهر جي حساب سان ماپيو ويندو هو. ڏينهن رات ۾ چار چار پهر، ڪل اٺ پهر هوندا هئا. ڏينهن جو وقتُ، پاڇي جي حساب سان ڏٺو ويندو هو. رات جو، آسماني نکٽَ، پهر جو پتو ڏيندا هئا. صبح جو سج ڪاني جي حساب سان ڏسبو هو. هڪ ڪانو، ٻه ڪانا ۽ جڏهن پاڇو ڪندو هو ته ٽي پهر ۽ پوءِ سج لٿي چار پهر شمار ڪيا ويندا هئا. جڏهن ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو هو ته چار پهر شمار ڪيا ويندا هئا. رات جو ڪَتي اُڀرندي پهرئين پهر تي، ٻئي تي ٽيڙو، ٽئين  تي لُڌو ۽ چوٿين  تي سج. سياري ۾ ڪڪڙ، ڪُنڍي اڀرندي، ان تي پهر سنڀالبو هو. چوندا آهن ته؛ “ڪُڪڙ پهر پهر تي ٻانگ ڏيندو آهي. ان سان وقت يا پهر ماپڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي.”
قطب تارو
آسماني اهڃاڻن ۾، قطب تارو تمام اهم اهڃاڻ آهي. رات جي وقت، رستو ڀُلجي وڃڻ جي صورت ۾ يا مٿو ڦري وڃڻ جي صورت ۾، هيءُ تارو گس ڏيکاريندو آهي. هيءُ چٽو، نور وانگر چمڪندڙ تارو آهي. واٽهڙوءَ کي خبر هوندي آهي ته هلڻ وقت منهنجو منهن، ڪهڙي طرف هو. ان حساب سان، طرف ڀلجي وڃڻ جي صورت ۾ ڪعبة الله شريف ڏانهن منهن ڪري بيهبو ته قطب تارو ماڻهوءَ جي ساڄي پاسي ايندو. قطب تارو سامهون هجي ته اهو اُتر طرف ٿيندو ۽ پويان ڏکڻ. مٿي ڦِرڻ جي صورت ۾، ماڻهو اتي ئي اڌ ڪلاڪ کن اکيون بند ڪري سُمهي رهي ته دماغ جاءِ تي اچي ويندو.
ڏينهن:
وقت جڏهن پل ۽ پهرن مان ٿيندو، ڏينهن ۽ رات ۾ بدلجي ٿو ته ان وقت ستارن جي ماهرن وٽ  وري هر ڏينهن جي پنهنجي خاصيت ۽ ان جو رنگ هوندو آهي. ان حساب سان:
آچر- بهادر، رستو ڏيکاريندڙ، پر سڀاءُ  ۾ تڪليف ڏيندڙ، رنگ ڳاڙهو.
سومر - ٿڌو، سک ۽ آرام ڏيندڙ، عورتاڻا جذبا رکندڙ، رنگ نيرو.
اڱارو - بهادر، جهڳڙالو، ۽ جنگجو جذبو رکندڙ، رنگ ڳاڙهو.
اربع - صلح پسند، عقل، سمجهه ۽ ڄاڻ رکندڙ، رنگ سائو.
خميس - فيصلا ڪندڙ، داناءُ، عالم سڀني جو استاد، فضيلت وارو، رنگ پيلو.
جمعو - شوقين مزاج، سينگار جو بادشاهه، خوشبو پسند، عورتن ۾ دلچسپي رکندڙ، عاشق مزاج، رنگ سفيد.
ڇنڇر - تڪيلف ڏيندڙ، سخت مزاج، رنگ ڪارو.
اُماس رات. نئين چنڊ اڀرڻ کان اڳ واري رات کي، اماس چئبو آهي.
پونم رات. چنڊ جي چوڏهين رات کي، پونم رات چئبو آهي. هندو ان رات، وِرت يا روزو رکندا آهن.
هر مهيني ۾ ڇهه مخصوص ڏينهن هوندا آهن، جن کي ڪچا ڏينهن چئبو آهي. انهن ڏينهن ۾، ماڻهن جو خيال آهي: “گهر ٺاهبو ته باهه لڳندي، ڪاٺي وڍي ته نقصان ٿيندو، ڍور وٺبو ته مرندو يا چوري ٿيندو. انهن ڏينهن ۾ کٽ به نه واڻجي سفر به نه ڪجي.”
موسمون:
وقت، ڏينهن رات مان ٿيندو، موسمن ۾ بدلجي ٿو. موسمون عام طور تي؛ سيارو، اونهارو، بهار ۽ برسات جون موسمون ڳڻيون وينديون آهن. ستارن ۽ موسمن جا مقامي ماهر سال ۾ ڇهه موسمون ڳڻيندا آهن. هر مهيني جي پنهنجي خاصيت بيان ڪندا آهن. هن علائقي ۾ ٽن قسمن جا ڪئلينڊر مُروج آهن. هڪ اسلامي، جنهن جا مهينا سال جي مختلف موسمن ۾ ڦرندا گهرندا رهندا آهن. ٻيو انگريزي، جنھن جي مهينن جون موسمون مقرر ٿيل آهن. هاڻ شايد ماحولياتي تبديلين جي ڪري، انهن ۾ ڦير گهير محسوس ڪئي وڃي ٿي. ٽيون هندي، جنهن جا مهينا اڄ به گهڻو ڪري موسمن جي مناسبت سان ايندا ويندا آهن. ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهندڙ  لوڪ ڏاهپ جا ماهر پنهنجو ڪار وهنوار، شادي مرادي، ميلا ملاکڙا، ويندي فصل پوکڻ يا لڻڻ جو سڄو حساب ڪتاب انهن مهينن ۽ موسمن مطابق ڪندا آهن.
۱- پُر ڦارگني: هيءَ موسم، 15 فيبروري کان 15 اپريل تائين، ڦڳڻ ۽ چيٽ مهينن تي مشمتل هوندي آهي. هن ۾ سياري جا تارا، سج لهڻ سان اڀرندا آهن. سيارو ختم ۽ آرهڙ شروع ٿي ويندو آهي. وڻن ۾ ڦوٽهڙو ايندو آهي. سڀ کان پهرين انب ٻُور جهليندا آهن. هن موسم کي بسنت به چئبو آهي.
۲- گريشم: هيءَ موسم، 15 اپريل کان 15 جون تائين ويساک ۽ ڄيٺ جي مهينن تي مشتمل ھوندي آحي. هن موسم ۾، لُڪون لڳنديون آهن. گريشم معنى تمام گرم.
۳- ورشا: هيءَ موسم،  15 جون کان 15 آگسٽ تائين، آکاڙ ۽ سانوڻ مهينن تي مشتمل. ورشا معنى برسات.
۴- سرد: هيءَ موسم، 15 آگسٽ کان 15 آڪٽوبر تائين، بڊو ۽ اسو مهينن تي مشتمل ھوندي آھي. سرد معنى وچولي، نه گرم نه سرد، بلڪ  گهم واري 
۵- هيمن: هيءَ موسم، سياري جي شروع وارن ٻن مهينن، 15 آڪٽوبر کان 15 ڊسمبر تائين، ڪتي ۽ ناهري مهينن تي مشتمل ھوندي آھي. ھيمن معنى سيارو شروع.
۶- شِشر: هيءَ موسم، 15 ڊسمبر کان 15 فيبروري تائين، پوهه ۽ مانگهه مهينن تي مشتمل ھوندي آھي. ششر معنى تمام سرد.
مهينا:
مهينن جي حوالي سان پراڻي زماني جا وهم، اعتقاد ۽ خيال هي آهن:
چيٽ: چيٽ نه چمڪيو ڀلو. جي چيٽ چمڪيو يا وسيو ته ان کي خراب سمجهيو ويندو آهي. هن مهيني ۾ گهر جو بنياد/ بنھُ نه رکيو ويندو آهي، جي رکبو ته پريشاني نه ويندي.
ڦڳڻ : ڦڳڻ ڦر ڦلو، وڻ ڦوٽ. سيءُ  پيو ته ٻور ڇڻي ويندو، تباهي ۽ ڏُڪر جا آثار.
ويساک: هن مهيني ۾ برسات پئي ته ٻيڙا پار. بک ڪونه رهندي، مذهبي طرح سان ڀلارو مهينو آهي. خيرات ڪبي آهي.
آکاڙ: هن مهيني ۾ برسات پئي ته ٻوڏ ٿيندي، نقصان ٿيندو.
بڊو: اڳي ڦٽيون هن مهيني ۾ چونڊبيون هيون، پر هاڻ ڦٽين جون نيون جنسون اچي ويون آهن.
ڪتي: ڪتيءَ جي برسات، فصل لاءِ خراب هوندي آهي. هن مهيني ۾ ڪا بيماري لڳي ته اها ٽي مهينا هلندي. هن مهيني ۾ گهر صاف رکجي، خيرات ڪجي، سواليءَ کي خالي هٿين نه ڇڏجي.
پوهه: سخت سياري جو مهينو آهي. پوهه کلڙن کوهه. هن ۾ اڪثر بيماري ٿيندي آهي.
اسُو: ڀاڳ وارو مهينو آهي. اڪثر ماڻهو گهر جو بنياد/ بنھُ اسو ۾ رکندا آهن.
چوماسي جا چار مهينا: جن ۾ سانوڻ، بڊو، اسُو ۽ ڪتي شامل آهن. هنن مهينن لاءِ چئبو آهي؛ “چوويهن ڪلاڪن ۾ هڪ وقت کائجي. کٽ تي نه سمهجي، هيٺ سمهجي. حجامت نه ڪرائجي، ڏاڙهي به نه لاهجي.”
انهن موسمن کانسواءِ ڪي موسمون اندر جون به هونديون آهن، جن جي لاءِ ڪنهن به  گهربل يا مقرر مهيني جو هجڻ قطعًا ضروري ناهي. اهي ڪڏهن به، ڪٿي به  اچي سگهن ٿيون.
اڄوڪو نسل، جيڪو گهڙين کان، بي نياز ٿي موبائل تي وقت ڏسي ٿو ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿو، انهن لاءِ اهي ڳالهيون پڪ سان اوپريون هونديون. مقامي علاج جي طريقن، سيکاريل ڪتن جي بجاءِ مقامي پيرن تي ڀاڙڻ ۽ جديد آرڪيٽيڪٽ جي نالي تي ساهه منجهائيندڙ گهرن جي بجاءِ ڏکڻ-منهن ۽ منگهن وارن گهرن جهڙي مقامي لوڪ ڏاهپ وٽ، وقت ڏسڻ ۽ مختلف ڪمن لاءِ وقت جا ماپا مختلف هئا. اھي هاڻي جنوري، جولاءِ ۽ ڊسمبر جي ور چڙهي ويا آهن.


No comments:

Post a Comment