Saturday, March 26, 2011

سنڌي ساز - نواز ڪنڀر

سنڌي ساز
وس وارن کان وسري وجود وڃائيندڙ 
نواز ڪنڀر
جيئن سنڌ با اثر حلقن هٿان نظر انداز ٿيندي رهي آهي، تيئن وري سنڌ جي با اثر حلقن هٿان، ٻيون ڪيتريون ئي شيون ۽ ماڻهو به نظر انداز ٿي رهيا آهن. سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي هاءِ گهوڙا ڪرڻ وارا، انهيءَ ڏانھن ڌيان ئي نه ڏيندا آهن ته پاڻ ڪيترن کي نظر انداز ڪري، سندن حق ماري رهيا آهن ۽ کين موقعا نه ڏئي، ترقيءَ جي شاهراهه تي  ڪيترو پوئتي ڌڪي رهيا آهن.
اهڙين ڪيترين ئي نظر انداز ٿيل شين ۽ شخصيتن ۾، سنڌ جا اوائلي ساز ۽ کين وڄائڻ وارا سازندا به شامل آهن. جن کي نه ته ڪنهن اسٽيج تي ٿو گهرايو وڃي، نه ئي کين ريڊيو، ٽي وي ۽  اخبارن ۾ مناسب جاءِ ۽ اهميت ملي ٿي. جنهنڪري اهي ساز ۽ کين وڄائڻ وارا سازندا آهستي آهستي، هڪ هڪ ٿي، نالو نشان مٽائي، تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي عجائب گهرن جي زينت بڻجي رهيا آهن. اهڙن سازن تي نظر وجهنداسين ته اهي ساز، بظاهر ته ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه نظر ايندا پر جي سندن وڄائيندڙن کي ڳولينداسين ته اهي ڏاڍا ڏکيا ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به مشڪل سان ملندا.  گم ٿيندڙ ۽ وجود وڃائيندڙ انهن سازن ۾، هيٺيان ساز قابل ذڪر آهن:


بوڻينڊو:
ٽن سوراخن وارو، مٽيءَ مان ٺهندڙ هيءُ ساز، مختلف قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان پڻ مليو آهن. انھيءَ مان سندس قدامت جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. سرائيڪيءَ ۾ لُولهُو سڏجندڙ بوڻينڊي بابت، وڄائڻ وارن جي نالن جو ذڪر ٿيندو ته لاڙ جي مير محمد لنڊ جو ذڪر به ضرور نڪرندو. لاڙ جي لوڪ ساز وڄائڻ طرف، لاڙ جو سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪ دوست محمد خان سمون ڪجهه نظرِ ڪرم ڪندو ته ڪافي مواد ملي پوندو. بوڻينڊو جيئن ته مٽيءَ مان ٺهيل هوندو آهي ۽ مٽي مينهن پوڻ بعد، ان جي گهم جو اثر وٺندي آهي. ان ڪري برسات بعد بوڻينڊي مان نڪرندڙ آواز به بدلجي ويندو آهي. جنهنڪري ڦُوڪ سان وڄندڙ هن صفا سستي ساز جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشهور آهن.
پنڊل:
هيءُ، هڪ تار وارو ساز آهي، جنهن جو مٿو ڪٿو مان ٺهندو آهي. هي به جهڙوڪر ناياب ٿي چڪو آهي. ٻوٻي سانگهڙ ۾ هن جا وڄائيندڙ مشهور هئا پر سڀ جهڙوڪر هليا ويا آهن.
ناد:
سرهه جي سڱ مان ٺهندڙ هيءُ ساز به ختم ٿيڻ تي آهي. اڀپور (جهول) جو اڻندو ڀيل، راوتياڻي جو نانگ فقير، سيوهڻ جو پنهون خاصخيلي، اوڍ جو عيدن اِبوپوٽو ۽ ٻيا هن جا مشهور وڄائيندڙ  ٿي گذريا آهن. اڄڪلهه هيءُ ساز، رڳو ڪن قلندري فقيرن وٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
سرندو:
سرندي جا به جهڙوڪر ساهه پورا ٿي چڪا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪو فقير فقراءُ هن کي وڄائيندي ڪنهن دوڪان تي چڙهي ايندو هو. ڪٿي خيرات وٺي، ڪٿي “معاف ڪر” ٻڌي، بغير ڪجهه چوڻ ڪڇڻ جي سرندو سوريندو اڳيان  رڙهندو رهندو هو. هاڻ ته اهي فقير فقراءَ به نظر نٿا اچن. شايد اهي سرندو وڄائيندي ۽ “معاف ڪر بابا” ٻڌندي، گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن. ايترو جو، هاڻ سندن واپسي مشڪل ٿي پئي آهي.
چنگ:
هاڻ شايد ئي ڪٿي چنگ رهيو هجي ۽ چنگ  چورڻ وارا رهيا هجن. بظاهر ته ائين ٿو لڳي ته چنگ ۽ چنگ وڄائڻ وارا جت ڪٿ موجود آهن پر ڪجهه ڏينهن اڳ، هڪ فنڪشن جي سلسلي ۾ جڏهن چنگ جي ڳولا ڪئيسين ته سنگينيءَ جو احساس ٿيو ته؛ شيون ڪيئن اسان جي اڳيان، ڏسندي ڏسندي، ڪنهن پياري جيان وجود وڃائي ويٺيون آهن. هونئن ته سڄي سنڌ جا ڌنار پنهوار، جتي ڪٿي پيا چنگ چوريندا هئا پر امير بخش رند عمرڪوٽيءَ جو نالو ٻڌي هر ڪو بلي بلي ڪندو هو.
مرلي، ٽلي ۽ کنجري:
هي اهي ساز آهن جيڪي جوڳين، ڀڳتن ۽ کدڙن فقيرن سان منسلڪ ٿي، ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو وجود بچايو اچن. جيڪڏهن اهي ساز به سرڪار يا ڪنهن سَرنديءَ واري جي وس هجن ها ته رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پارن جي هليو وڃڻ تي ڪڏهوڪو وجود وڃائي چڪا هجن ها. هنن سازن، جيئن ته عقلمندي ڪندي وڃي غريب غربن جو پاسو ورتو، ان ڪري اڃا پاڻ بچايو ۽ جيئڻ جي جستجو جاري رکيو اچن.
نڙ بيت:
نڙ بيتن کي به جهڙو ڪا نٿ پئجي چڪي آهي. اڳوڻو اوج ته ڪڏهوڪو هلي چڪو آهي. هي پاڻ به بس وڃڻ وارا ئي آهن. نڙائين جي بقول ته؛ “بهرام جمالي ۽ صابل مڱرياڻي واري مشهور عشقيه داستان ئي نڙ بيت کي جهڙوڪر اوج تي پهچايو.” ان ڪري اڄ به نڙ ۾ “صابل جون ڦوڪون” بنيادي حيثيت رکڻ جي حوالي سان مشهور آهن. نڙ بيت جي حوالي سان ماتليءَ ۾ ابدي آرامي ٿيل مشهور شاعر سانوڻ فقير خاصخيليءَ جا، نڙ جي بيتن جي حوالي سان سانگهڙ ۾ ڀيرا ڀڃڻ جون به ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن. نج ٻهراڙيءَ جو هيءُ ساز اڳي جهڙوڪر هر اوطاق ۽ ڪچهريءَ ۾ لازمي اسم جي حيثيت رکندڙ هو، پر هاڻ هن کي وڄائڻ ۽ بيت ڏيڻ، جهونگاريندڙن جي به جهڙوڪر پڇاڙي ٿي آهي.
نڙ بيت ۽ ٻين مقامي يا لوڪ سازن جي وجود وڃائڻ ۽ کين مناسب موٽ نه ملڻ جي حوالي سان 1965ع کان ريڊيو حيدرآباد تي ٻين مختلف ڪچهرين/ محفلن ۾، فن جو مظاهرو ڪندڙ جمعو ملاح ۽ سائل هنڱورو چون ٿا ته؛ “انهن سازن کي اهميت، ريڊيو جي ڪري هئي، پر هاڻ ريڊيو وارن جي سوچ به شايد بدلجي چڪي آهي. هو هڪ ته انهن پراڻن سازن جي وڄائڻ وارن کي گهرائين ئي ڪونه، ۽ جيڪڏهن قسمتي گهرائين به ٿا ته پنهنجي تعلقات جي حوالي سان صفا سيکڙاٽن کي ٿا گهرائين، جنهن ڪري ماڻهن کي اهي ساز مزو نٿا ڏين ۽ آهستي آهستي اهي ماڻهن جي ذهنن تان ميسارجي رهيا آهن.” هو چون ٿا ته؛ “اڳي هر ٻئي ٽئين مهيني پروگرام ملندو هو، هاڻ ته سال ٿي وڃن ٿا. ريڊيو وارن کان اسان جهڙوڪر وسري ويا آهيون.” پراڻا  ۽ ڄاڻو فنڪار “ڪميشن ڪلچر” جي ڪري به نظر انداز ڪيا ٿا وڃن. اڳي جڏهن علي نواز خاصخيلي، نصير مرزا ۽ محمد خان لغاريءَ وارا هوندا هئا ته ڄڻ اهي سازن وارا فنڪار، بهارين ۾ هوندا هئا پر هاڻ خزائن جي نذر ٿي، هڪ هڪ ٿي سڪل ٽارين جي ٽٽل پنن وانگر ڪري رهيا آهن. ريڊيو وارن انهن کي ڄڻ ته وساري ڇڏيو آهي. چاچو جمعو ملاح چوي ٿو ته؛ “ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو  مهانگائيءَ جي هن دور ۾، اسان کي پروگرام به وڌيڪ ملن ها ۽ في/معاوضو به. پر ڇا ڪجي؟ هاڻ ريڊيو وارن ماڳهين وساري ڇڏيو آهي. مرشد ڪري انهن جي پنهنجي پورت ٿي وڃي، اسان جو الله  مالڪ آهي.” هڪ سوال جي جواب ۾ جمعو ملاح چوي ٿو ته؛ “اسان وٽ به نيون ڪافيون ۽ ڪلام آهن، نوان مولود ۽ قصا آهن پر جي ريڊيو وارن کي گهرائڻو ئي ڪونهي ته پوءِ هزار بهانا آهن، بابا!”
سوچيان ٿو ته ريڊيو وارن توڙي اسٽيج ۽ ٽي ويءَ وارن جون پنهنجون اوليتون ۽ مجبوريون آهن. انهن فنڪارن جي پنهنجي سوچ ڀل ڪهڙي به هجي پر نقصان وري به سنڌ ۽ ان جي ثقافت جو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ٿوري همت افزائي هجي ته اسان جا هيءُ لوڪ فنڪار ۽ ساز وڄائڻ وارا به ڪنهن کان گهٽ ناهن. رڳو سڃاڻپ رکندڙ اک هجي. رڳو دل ۾ سچائي هجي. رڳو ڪو دڳ لائڻ  وارو هجي ته هيءُ فنڪار ۽ نظر انداز ٿيل نوجوان، ملڪ ۽ معاشري تي بار ٿيڻ بدران، نالو روشن ڪري سگهن ٿا، پنهنجو به ۽ ملڪ جو به.=

No comments:

Post a Comment