Monday, November 3, 2014

وڏيري انب خان جو پيش ڪيل سپاسنامون - فاطمه ڀرڳڙي

وڏيري انب خان جو پيش ڪيل سپاسنامون
فاطمه ڀرڳڙي
محترم سيد زاده
ڪُل مالڪ ڪوه ڪاف جو چمن
عزت ماب جناب محترم سيد صاحب
۽ ساڻس گڏ آيل ابتا سبتا مهمان.
آئون پنهنجي علائقي جي عوام طرفان اوهان کي ڀليڪار نٿو چئي سگهان جو اهو منهنجي دل ۾ فيڊ ٿيل ئي ڪونهي. شڪرگزار به نٿو ٿي سگهان جو اها فائل ڪرپٽ ٿي وئي آهي. اميد ته نئون دل انسٽال ڪري اهي ڪميون دور ڪيون وينديون. جناب اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان جيڪي گھڙيون اسان کي ڏنيون آهن، سي صحيح ڪو نه پيون هلن. ڪافين ۾ ته سيل ئي ڪونهن. اڳتي لا۽ خيال ڪيو وڃي.

Sunday, October 5, 2014

ڪورٽ ڪچهريون - محمد قاسم ميرجت

ڪورٽ ڪچهريون
محمد قاسم ميرجت
جنهن ماڻهو به لفظ ”ڪورٽ“ جو ترجمو ”ڪچهري“ ڪيو، ان ترجمي جو ڄڻ ته حق ادا ڪيو، ڪورٽ جو نالو وٺڻ سان ڪيتريون منجهائيندڙ، پريشان ڪندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڳالهيون ذهن تي تري اچن ٿيون، جيڪا به هڪ حقيقت آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ڪورٽ لفظ جو اشتقاق هن نموني ڪيو ويندو آهي ته (ڪ- ڪوڙ)، (و- وڪيل)، (ر- رولڙو) ۽ (ٽ- ٽڪا). انهن کانسواءِ وڪيلن جي لاءِ عدالت ۾ اثر رسوخ هجڻ، سفارشي، مٽي مائٽي وارو، ناليوارو ۽ ليڊر وڪيل، ”نئون وڪيل“ يا ”رڳو قانون پڙهندڙ وڪيل“ ۽ وڏي ڳالهه ته ”انصاف جو وڪرو“ ڪندڙ وڪيل جهڙا لقب القاب اُهي سڀ  سچايون ۽ وڪيلن جا اونداها پاسا به آهن جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي پر ان ۾ ايماندار به آهن، انهن جو ڪم متاثر ماڻهن کي جلد حق ڏيارڻ به آهي، بي ڏوهين جي ضمانت ۽ آزادي به آهي، ڏاڍي کي ڊپ به آهي ته لوفر جي اڳيان ڪا ڍال به آهي.

Sunday, January 12, 2014

ناياب جهنگلي جيوت - کاٽائو جاني

ناياب جهنگلي جيوت
سندس جاري نسل ڪشي ۽ تماشو ڏسندڙ سرڪاري ادارا
کاٽائو جاني
جيتوڻيڪ گلوبل وارمنگ سبب نه رڳو گذريل ٽن ڏهاڪن کان سڄي دنيا ۾ قدرتي آفتن ۾ اضافو ٿيو آهي، پر جهنگلي جيوت جي واڌ ويجهه تي تمام گهڻو هاڃيڪار اثر به ٿيو آهي. ڪيترا ئي جانور ۽ پکي، دنيا ۾ ناياب ٿي رهيا آهن. جنهن ڪري جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن طرفان، دنيا ۾ جيڪي پکي پکڻ ۽ جانور ختم ٿي رهيا آهن، انهن ناياب پکين توڙي جانورن جي ريڊ ڊيٽا لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي. انهي ريڊ لسٽ ۾ نه رڳو پرديسي پکي تلور شامل آهي، پر اسانجي ناياب ٿيندڙ مقامي جهنگلي جيوت ۾، هنج، ڪُونج، مور، هرڻ، روجهه وغيره شامل آهن. انهيءَ کانسواءِ جهنگلي جيوت، جيڪا اسان جي ڌرتيءَ جي نه رڳو سونهن ۽ سُندرتا آهي، پر فطرت جي رنگينيءَ جو نظام به انهيءَ جيوت سان جُڙيل آهي، ڪائنات جي خوبصورتيءَ جا رنگ جهنگلي جيوت کانسواءِ اڌورا ويران ۽ اداس هوندا آهن. ان ڪري هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي عروج واري دور ۾ به دنيا ۾ جهنگلي جيوت کي ڌرتيءَ جي سُونهن ۽ انساني زندگيءَ جي ضرورت شمار ڪيو وڃي ٿو. جهنگلي جيوت جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ ۽ بچائڻ لاءِ 2 فيبروري 1972ع ۾ ايران جي شهر رامسر ۾ هڪ عالمي گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي رامسر ڪنوينشن چيو وڃي ٿو، انهيءَ تي پاڪستان سميت دنيا جي 123 ملڪن صحيحون ڪيون آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ ناياب جهنگلي جيوت جي بچاءُ لاءِ 19 سائيٽن کي رامسر ايريا قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ ۽ رڻ ڪڇ جي ساحلي پٽيءَ سميت 10 سائيٽ شامل آهن. رڻ ڪڇ جي ساحلي پٽي، جيڪا 3 لک 20 هزار 436 هيڪٽر ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جيڪا بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي ٿي، ۽ اها 1980ع کان وٺي وائلڊ لائيف سينچري پڻ قرار ڏنل آهي پر اسان جي ملڪ ۾ لاقانونيت جي بازار ۾ بربادي ۽ تباهيءَ جو اهڙو ته تماشو لڳل آهي، جتي هڪ طرف دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جي بي قابو جِنَ عوام جو جيئڻ عذاب ڪري سُک چين برباد ڪري ڇڏيو آهي، اُتي بيرحم شڪاري، بندوقون اُڀيون ڪري ڍنڍن ۽ ڍورن تي سائبيريا، روس ۽ ٻين ٿڌن ملڪن کان آيل مهمان پکين جو جنهن طرح بندوقن سان آڌر ڀاءُ ڪري رهيا آهن.