Saturday, April 27, 2019

اداڪار ڍانڀر سلطان جو انٽرويو - همير گاد


اداڪار ڍانڀر سلطان جو انٽرويو
(مزاحيه)
همير گاد


صحافي: سڀ کان پهريان ته اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان جي تعليم ڪيتري آھي.؟
اداڪار: مان ڀائرن سوڌو سَت درجا پاس آھيان.
صحافي: اوهان پنهنجي فن جي شروعات ڪهڙي ڊرامي کان ڪئي.؟
اداڪار: منهنجي پهرين ڊرامي جو نالو هو ”دوزخ جو گيٽ ڪيپر“ جنهن ۾ مون مهمان اداڪار طور ڪم ڪيو هو.
پوءِ جنهن ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو هيرو آيس ان جو نالو هو ”عشق جو مرض“ ان ۾ منهنجو مٿي جبل جي چوٽيءَ تي پنڪچر ڳنڍڻ واري جو رول هو.
صحافي: هن فيلڊ ۾ اچڻ کان پهريان ڪهڙو ڪم ڪندا هُيئو.؟
اداڪار: هوٽل تي چانھ ٺاهيندو هُيس.


صحافي: ڪڏھن ڊرامي جي اسٽوري لکڻ جو شوق ٿيو.؟
اداڪار: جي، مون تازو هڪ اسٽوري لکي آ جنهن ۾ هيروئن گونگي آ ۽ هيرو اڌ چريو آ.آخر ۾ هيرو گونگو ٿو ٿي وڃي ۽ هيروئن چري.
صحافي: ڊرامو معذورن تي لکيو اَٿوَ ڇا. لڳي ٿو ڊرامي جي اڌ رڪارڊنگ ۾ ئي پورو يونٽ چريو ٿي ويندو.
اداڪار: انشاءَ الله مون کي به اها ئي اميد آ اوهان به ٽائيم ڪڍي اچجو رڪارڊنگ ڏسڻ.
صحافي: اوهان تي الزام آ ته ڊائريڪٽرن جي غير موجودگيءَ ۾ سين اوهان مڪمل ڪرائيندا آھيو.؟
اداڪار: اهو بلڪل ڪوڙ آ، مان نه بلڪي اسان جا جيڪي هاجمولا ڊائريڪٽر آھن اُھي ڪئميرامين کي سين مڪمل ڪرڻ جوچئي ويندا آھن، پاڻ ڪڏھن هوٽل تي چانهيون پيئڻ ويندا آھن ته ڪڏھن سيٽ تي ڪنهن ايڪسٽرا اداڪار کان مالش ڪرائيندا آھن. پوءِ اڌ ڊرامو ته اهي ڪئميرامين ئي مڪمل ڪرائيندا آھن.....هاجمولا ڊائريڪٽر سمجهو ٿا نه..؟
صحافي: نه
اداڪار: انٽرويو کان بعد ۾ ٻڌائيندومانوَ.
صحافي: سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي ايڪٽريس سان ڪم ڪندي مزو ايندو آھي.؟
اداڪار: هر اها ايڪٽريس جنهن کي ميڪ اپ ۽ موبائل کان وڌيڪ پنهنجي ڪم ۾ دلچسپي هجي. ڪافي ايڪٽريس اهڙيون آھن جن جو اسڪرپٽ کان وڌيڪ موبائل ۾ ڌيان هوندو آ.
صحافي: دوست جلدي بڻائيندا آھيو يا دير سان.؟
اداڪار: جلدي ناهيان بڻائيندو، هڪ هفتي تائين ان کي جج ڪندو آھيان ان جي بلڊ ٽيسٽ ڪرائيندو آھيان پوءِ اها ليبارٽريءَ ۾ موڪلي چيڪ ڪرائيندو آھيان.
صحافي: اوهان کي هن وقت تائين ڪيترا ايوارڊ ملي چڪا آھن.؟
اداڪار: ڪافي ايوارڊ مليا آھن، انهن مان ڪجھ مان خريد به ڪيا آھن پر چار ايوارڊ اهڙا آھن جيڪي منهنجي لاءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ايوارڊ کان به وڌيڪ آھن.
صحافي: اڇا، اُهي ڪهڙا آھن.؟
اداڪار: ۱- نگار،۲- ايمپائر، ۳- رائل، ۴- المنظر.
صحافي (حيران ٿي): پر اِهي ته لاڙڪاڻي جي انهن سينيمائن جا نالا آھن جيڪي هن وقت موجود ناهن ۽ ڊهي چڪيون آھن، انهن جا ٽيئر ۽ گيڊر ڪڍي اوهان کي ڏنئون ڇا اوهان وري اهي ايوارڊ سمجهي پاڻ وٽ وٺي رکي ڇڏيا.
اداڪار (ڪاوڙ مان) : مان توهان کي ڪَٻاڙي ٿو لڳان.ڪمال ٿا ڪريو. اهي ايوارڊ مون کي فن جي خدمت ڪرڻ تي مليا آھن.
صحافي: سڀ کان وڌيڪ تڪليف اوهان کي ڪهڙي ڳالھ تي ٿيندي آ.؟
صحافي: جڏھن ڪنهن ڊرامي ۾ ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ کي منهنجي ڀيڻ جو رول ڏنو ويندو آ، ايمان سان پوءِ ته رڪارڊنگ ۾ ڀيڻ لفظ وڏي مشڪل سان نڪرندو آ.
صحافي: شادي ٿيل آ اوهان جي.؟
اداڪار: نه
صحافي: اڇا چوندا آھن ته جوڙا آسمان تي ٺھندا آھن، ڇا واقعي ائين آھي.؟
اداڪار: پهريان جوڙا آسمان تي ٺھندا هئا، اڄ ڪلھ اسڪول، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ٿا ٺھن.
صحافي: پسنديده فنڪار.؟
اداڪار: هر اهو فنڪار جيڪو رانڀاٽ ڪري ڳائي ٿو.
صحافي: ڪا خواهش.؟
اداڪار: ڊسڪوري چئنل تي مارننگ شو ڪريان اهو به نائيٽ ۾.
صحافي: پسنديده فلم.؟
اداڪار: ٽائيٽ نَڪُ
صحافي: هاليووڊ واري ٽائيٽنڪ فلم.
اداڪار: نه، سنڌي فلم ٽائيٽ نَڪُ معنيٰ مضبوط نَڪُ.
صحافي: ٻڌڻ ۾ آيو آ ته ڪجھ هدايتڪار نون اداڪارن کان پئسىا وٺي پوءِ ان کي ڪنهن ڊرامي ۾ چانس ڏيندا آھن ان ڳالھ ۾ ڪيتري سچائي آ.؟
اداڪار: بلڪل ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونهي، چند جڳاري ڊائريڪٽر آھن جن جو ۲۴ ڪلاڪ ڪم ئي ٺڳي ۽ بي ايمانيءَ جو آ انهن جو ڊرامي سان يا هدايتڪاريءَ سان ڪو تعلق يا دلچسپي ناهي بس انهن جو ڪم صرف سڄو ڏينهن ٺڳي ڪرڻ آ.
مان ته چوان ٿو اهڙن سڀني ڊائريڪٽرن کي ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ۲۴ ڪلاڪ بنا ڪنهن ساهيءَ جي “ فيويڪول“ گاني تي ڊانس ڪرائجي. پاڻ ئي پوءِ توبه ڪندا.جيڪڏھن اهو تجربو ڪامياب ويو ته ان کان پوءِ وري اهي رائيٽرز جيڪي رڳو ڌاڙيل ڪلچر تي ڊراما لکي اسان کي بدنام ٿا ڪن انهن سان اها جُٺ ڪجي. اسان ڇا رڳو ڌاڙيل آھيون، بدمعاش آھيون.؟ سنڌ صدين کان پرامن ۽ انسانيت جي امين رهي آھي.اسان امن پسند قوم آھيون. ٻيا به انيڪ موضوع آھن جن تي لکي سگهجي ٿو جڏھن ڏس ته رڳو ڪارو ڪاري ۽ ھٿيار..؟
صحافي: اوهان جي بدصورتيءَ جو راز.؟
اداڪار: ننڍي هوندي ڪوڙا قسم ڏاڍا کنيا هئا.
صحافي: اوهان کان آخري سوال، توهان پنهنجي پسند جو ڪو به شعر ٻڌايو.؟
اداڪار: واھ ڙي محبوب تنهنجا نخرا
دل ٿي چوي کپائي توکي وٺان عيد لاءِ ٻه ٻڪرا.

(ڏيھاڙي هلال پاڪستان ۾ بتاريخ ۲۷ اپريل ۲۰۱۹ع تي ڇپيل ۽ ھمير گاد جي فيس بوڪ وال تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment