Sunday, December 16, 2012

آڙي - نواز ڪنڀر


آڙي
گهڻو شڪار ٿيندڙ پرديسي پکي
نواز ڪنڀر
 چريائپ جي حد تائين پکين ۾ سڀ کان سادو، ڀورَڙو، انساني ارڏاين کان بي خبر پر ڌَڪ کائڻ ۽ ڦَٽجڻ بعد شڪار ۾ سڀ کان مشڪل، پرديسي پکين ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد ۾ پر سڀ کان آخر ۾ ايندڙ، سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿيندڙ ۽ ڀٽائي سرڪار پاران ڳائجي وڃڻ جو شرف حاصل ڪندڙ پکي، ڪو ٻيو نه پر آڙي ئي آهي. جنهن کي خفتي ٻولاهي به سڏين ٿا ۽ چون ٿا ته آڙيءَ جو اوائلي نالو ٻولاهي آهي، آڙي، اڄوڪي دور جو نالو آهي.

آڙي، پرديسي پکين ۾ سڀ کان آخر ۾ ايندي آهي. هن جو اچڻ ڏهين مهيني ۾ شروع ٿيندو آهي ۽ يارهين ۾ اچي بس ڪندي آهي، ڪُونج وانگر آڙي به جهاز وانگر گهڻو مٿي اڏامندي به آهي ته تيز به. هي هتي چار مهينا کن رهي پوءِ هلي ويندي آهي. جڏهن ته جن آڙين کي هتي ٿڌو پاڻي به ملي وڃي ۽ تحفظ جو احساس به، ته اهي هتي آنا به ڏينديون آهن پر گهٽ تعداد ۾. جيئن مکيءِ واري پاسي سيري ۽ ڏوگريون ڍنڍن ۾ يا شهدادپور واري پاسي شهبيگ مري لڳ، سُهڻي جي ڍوري ۾ گڏ ٿيل پاڻيءَ جي خفتي گواهي ڏيندي، سڄي ڍوري ۾ بدين کان سمنڊ تائين جي به ڳالهه ڪن ٿا. آڙي وچولي پاڻي جو پکي آهي. ڇو جو وڏي پاڻيءَ ۾ هن کي کاڌو حاصل ڪرڻ ڏکيو هجي ٿو ۽ ننڍي پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هڻي، لِڪڻ مشڪل هجي ٿو. جڏهن ته آڙي لئين ۽ نڙ وغيره جي مٿان خشڪيءَ تي رهندي آهي پر آنا پاڻيءَ ۾ نڙ جي دَڏ وغيره اندر، سنها پن ميڙي، آکيرو ٺاهي ڪندي آهي. هن جي آنن جي موسم به جِهرڪي، ڳيري ۽ تِترن سان گڏ هوندي آهي. آڙيءَ جا آنا گهڻي لِڪ سبب، گهٽ خفتين کي ئي نظر ايندا آهن پر ۱۵ کان ۲۰ ٻچن تائين جي گواهي ڪيترائي خفتي ڏين ٿا. آڙيءَ جو ٻچو ڄمڻ وقت صفا ڪارو هجي ٿو. جڏهن ته هي پاڻ وڏي ٿيڻ تي اڇي چهنب، پَرن وارن ڳنڍيل پيرن، ڪاري رنگ، ڳاڙهين اکين ۽ ڪارين ٽنگن سان ڪڪڙ کان ڪجهه ننڍي هوندي آهي. هن پرديسي پکيءَ جي کاڌ خوراڪ ۾ گهڻو ڪري لوڻي ۽ ڍنڍن جي ٻين گاهن ۾ موجود جيت، مڇي جا صفا ننڍا ٻچا، ڪَڪَرو، ڪَوڏ ۽ ساريون وغيره شامل آهن. هي جتي هڪ ڀيرو ساريون کائي ڏسندي آهي، ڪوشش ڪري اها جُو نه ڇڏيندي آهي. خفتين جي بقول ته هن جا هتي ٻه قسم ايندا آهن، هڪ ننڍي، گول، اڌ ڪلو جيتري ۽ ٻي پانج ۾ ويڪري، ڏيڍ ڪلو جيتري. ننڍي آڙي تعداد ۾، وڏيءَ کان وڌيڪ ايندي آهي. پکين ۾ سڀ کان آڳاٽو ايندڙ ته چيکلو ۽ ڊِگوش وغيره آهي پر آڙي سڀ کان آخر ۾ اچي ٿي. ٿُرانڊي جو اچڻ خفتين لاءِ پندرهن ويهن ڏينهن اندر آڙي جي اچڻ جي اشاري برابر هوندو آهي. هي ٿُراندي اچڻ بعد، نيرڳيءَ سان گڏ سارين ۾ لاباري پوڻ وقت اچي لهندي آهي. پکي سارين جي ڪانگڙ وارن آئيٺن ۾ لهي، اَن کائيندا آهن. جڏهن ته ڪڻڪ جي ڪورڙ ۽ سارين جي ڇَٽِ وارو وقت چيکلي ۽ دهلاري جي اچڻ جو هوندو آهي. ٽالهي ۽ سرنهن پن ڇاڻيا ته اهو وقت آڙيءَ جي وڃڻ جو هوندو آهي. ان وقت ڪجهه گرمي به ٿيندي آهي، اهو وقت به ذري گهٽ سڀني پکين جي هتان واپسي ۽ موڪلاڻيءَ جو هوندو آهي، گرمي پوڻ بعد آڙي جا اڏامڻ وارا پَر کُسي وڃڻ سبب اها اڏامي نه سگهندي آهي ۽ هٿ سان به جهلي سگهبي آهي. ان ڪري وڃڻ واريون آڙيون گرمي اچڻ کان اڳ، سجهندي ئي وڃڻ جي ڪنديون آهن. خفتي هاشم لغاري جي بقول ته سڀ کان وڌيڪ ايندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿيندڙ پکي به آڙي ئي آهي، جڏهن ته سڀ کان گهٽ ايندڙ پکين ۾ رتنبو ۽ نيرڳي سمجهيا وڃن ٿا. آڙيءَ جو شڪار رَڇَ جي پوئي هڻي به ڪبو آهي، جنهن ۾ رَڇَ جو ڇپرو ٺاهي، اندر اچڻ جو گس رکي، آڙين کي ٻيڙين وسيلي آهستي آهستي ورائي، رَڇ واري پاسي آڻي، رَڇ کي ڇڪبو آهي ته ڪيتريون ئي آڙيون ڄار ۾ اچي وينديون آهن. آڙي جو بندوق سان شڪار به ڪبو آهي ته خفتي آڙين پاران رات جو گڏجي، صفا ڳوڙهو ٿي، هڪ هنڌ ويهڻ واري عادت کان باخبر هجڻ ڪري هن تي نظر رکي، موقعو تاڙي هڪ ئي ڌَڪَ سان گهڻي تعداد ۾ آڙيون به ڪيرائي وجهندا آهن. انهيءَ سڄي ڪم ۾ شڪارين جو سڀ کان وڌيڪ ساٿاري ملاح هجي ٿو يا ته ملاح پاڻ اهو ڪم ڪري ٿو يا ٻين شڪارين پاران اهو ڪم ڪرڻ ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ٿئي ٿو. خفتين جي بقول ته آڙيءَ جي نسل ڪشيءَ جو باعث پوئي وارو طريقو آهي. هن جو ڪاري ۽ ڳاڙهه سري رنگ وارو گوشت ڏاڍو لذيذ به هجي ٿو ته نرم هجڻ ڪري جلد ڳري به وڃي ٿو. خفتي پرديسي پکين جي سٺي گوشت واري لسٽ ۾ آڙيءَ جي گوشت کي مٿبرو رکندا آهن. مزي جي ڳالهه ته آڙي، ٿُراندي سان گڏ به اچي ٿي ته چُڳي به ٿي. ساڳي وقت هڪ ٻيو پکي رونهارو به ٿُراندي سان گڏ چُڳي به ٿو ته رهي به ٿو. آڙيءَ لاءِ خفتين وٽ چريو، ڀورڙو، بيوقوف ۽ انسانن تي اعتبار ڪندڙ جهڙا ڪيترائي لقب مشهور آهن. خفتين جي بقول ته ٻيا پکي ته انسان کي ميلن تان ڏسيو اڏاميو وڃن پر هي ويجهو ڏسي به نه اڏامندي آهي، تنهنڪري آڙي، شڪارين جي وَر چڙهي ويندي آهي.
آڙين جو آواز هلڪي سيٽي نموني ٽُڪ ٽُڪ جهڙو هجي ٿو. هن کي باز مان به وڏو خطرو هوندو آهي. آڙيون بازَ کي ڏسي گڏ ٿي وينديون آهن، وڌيڪ تنگ ٿيڻ تي، جان ڇڏائڻ خاطر هنن وٽ هڪ ئي نسخو هوندو آهي، وڏي ۽ ڊگهي ساهيءَ واري ٽُٻي، جيڪو هن جو حياتي بچائڻ لاءِ سڀ کان بهترين ۽ وڏو هٿيار هجي ٿو. ساڳي طرح زخمي ٿيل آڙي به پاڻيءَ ۾ وڏي ٽُٻي هڻندي آهي، چڱي ڀلي آڙيءَ جو شڪار ته نسبتن آسان هوندو آهي پر ڦٽيل آڙيءَ کي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. اها آڙي پاڻي ۾ وڏي ٽُٻي هڻي، صفا ٿوري چهنب ٻاهر ڪڍي، ساهه کڻي وٺندي آهي پر جهل نه ڏيندي آهي. ان ڪري ڪي خفتي ڌڪيل ۽ ڦٽيل آڙيءَ کي ڌڪ هڻڻ ئي اجايو سمجهندا آهن. اهڙيون ڦٽل آڙيون جيئن تيئن ڪري، پاڻيءَ ۾ پيون تَڳنديون آهن پر پاڻي سُڪڻ يا گرم ٿيڻ تي هو وري به باز يا انسان جو شڪار ٿي وينديون آهن!، اهڙيون آڙيون اَڀري ٿيڻ سبب، کائڻ لائق به نٿيون رهن ۽ انهن جي گوشت مان مزو به ڇڏائجي ويندو آهي.
آڙي جتي ايڪو ٽوئرزم ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو سامان آهي، جتي هو مقامي هَٻڇ جي حد تائين شڪار ڪندڙ شڪارين لاءِ، بندوقون هڻي هٿ ٺارڻ جو سامان آهي، جتي هو ملاحن پاران شڪار ڪري پيٽ گذر ڪرڻ جو وسيلو آهي، اتي آڙي ڍنڍ جي مختلف گاهن کي لڳل، مختلف جيتن کي کائي صاف ڪرڻ جو ساليانو قدرتي ذريعو به آهي. اهي جيت لڳل گاهه کائڻ سان چوپايو مال، ريج جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. آڙي جي اها خاصيت جتي ٻين سڀني خاصيتن کان مٿي آهي، اتي اها خاصيت انهن ماڻهن جو وات بند ڪرائڻ لاءِ به ڪافي آهي جيڪي چون ٿا ته اهي پکي ته آهن ئي رڳو شڪار ڪرڻ لاءِ! هنن پکين جو آخر ٻيو ڪهڙو ڪم يا فائدو آهي؟! اصل ۾ اسان کي ڏسڻ واري اک ڌارڻ گهرجي ۽ ان اک سان ڏسڻ سان اسان کي، خالقِ ڪائنات جي خلقيل هر شئي ۾ ڪيتريون ئي خاصيتون ملي پونديون ۽ اسان کي خبر پوندي ته اهي سڀئي خلقيل شيون ڪيئن نه انسان لاءِ مختلف حوالن سان، ڪارآمد ۽ ڪارائتيون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان قدرت جي نعمتن ۽ ان جي ٻئي مخلوق کي تباهه ڪرڻ کان اڳ، انهن جي ڪارآمد هجڻ بابت ڪجهه سوچڻ جو وقت ڪڍون ۽ ان بابت چڱو مشاهدو ڪريون.  


”آڙيءَ“ بابت وضاحت
ذوالفقار علي مغل/نسيم نگر (حيدرآباد)
ڪاوش ۳۰ نومبر ۲۰۱۲ع واري اشاعت ۾ نواز ڪنڀر پرديسي پکي آڙيءَ تي مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه اضافو ۽ ڪجهه پکين جي نالن جي درستگي ڪجي ٿي، دراصل آڙيءَ جو ذڪر ڀٽائي سرڪار سُر سارنگ جي داستان پهرئين ۾ هٺئين بيت ۾ ڪيو آهي ۽ اهو واحد بيت آهي جنهن ۾ آڙيءَ جو ذڪر آيو آهي:
سَارَنگ کي سارِين، مَاڙهُو، مِرگَهه، مينهيون
آڙيون اَبر آسري، تاڙا تنَوارِين
سِپُون جي سَمُونڊ ۾، نئين سِج نِهارين
پَلرُ پيارِين، ته سَنگهارَن سُک ٿِئي. (شاهه)
نواز ڪنڀر لکيو آهي ته، آڙيءَ جو اوائلي نالو ”ٻولاهي“ آهي پر اها ڳالهه صحيح ناهي، ڇو ته ڪنهن به پکيءَ جا هڪ ئي وقت ۾، يا مختلف علائقن ۾ نالا به مختلف هجن ٿا، ٿي ڪجهه علائقن جا خفتي آڙيءَ کي ٻولاهي ڪري ڪوٺيندا آهن، ان مان اهو ڪونه سمجهبو ته ٻولاهي ڪو اوائلي نالو آهي، مثال طور: هڪ ننڍو پکي آهي موسيئڙو پر ان کي مِيٽر، ۽ تيل وهيڙو به سڏين ٿا، آڙيءَ جي شڪاري کي ويجهو ڏسي تڪڙو نه اڏامڻ جو سبب اهو هوندو آهي ته آڙي هڪدم جهڙپ ڏئي نه اڏامندي آهي پر هوائي جهاز وانگر، جيڪو پهرين رَن وي (Runway) تي ڊوڙي پوءِ مٿي اڏامندو آهي، ائين آڙي به پهرين پاڻيءَ تي ڪافي فاصلي تي ڊوڙي پوءِ مٿي اڏامندي آهي، جنهن جي ڪري شڪار ٿي ويندي آهي.



آڙيءَ بابت ڪُجهه وڌيڪ وضاحت
استاد لغاري/کپرو
ڪاوش ۷ ڊسمبر ۲۰۱۲ع جي هائيڊ پارڪ ۾، دوست ذوالفقار علي مغل جو هڪ خط، ”آڙيءَ بابت وضاحت“ ڇپيو آهي. جيڪو نواز ڪنڀر جي ۳۰ نومبر واري مضمون ”آڙي، گهڻو شڪار ٿيندڙ پرديسي پکي“  بابت ڪجهه درستگيءَ جي حوالي سان آهي، ٻنهي دوستن آڙيءَ بابت بهترين ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، دراصل دوست ذوالفقار علي مغل لکي ٿو ته، ”آڙيءَ جو ذِڪر ڀِٽائي سرڪار، سُر سارنگ جي داستان پهرئين ۾، هيٺئين بيت ۾ ڪيو آهي: ”سارنگ کي سارين، ماڙهو، مرگهه، مينهيون، آڙيون اَبر آسري، تاڙا توارين“. سندس  جواب ۾ عرض آهي ته، ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪنهن به بيت يا وائيءَ ۾ ”آڙيءَ“ جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي، جنهن ڄاڻايل بيت کي شاهه جي رسالي جي ڪجهه مرتب نگارن، شاهه جو بيت سمجهيو ۽ لکيو آهي، سو، اصل ۾ شاهه صاحب جو بيت ئي نه آهي ۽ جنهن لفظ کي آڙيون سمجهيو ۽ لکيو ويو آهي، سو، اصل ۾ لفظ  آهي ”آرُون“، يعني ”آرُون اَبر آسري، تاڙا تَوارين“ لفظ ”آرُون“  جي تصديق لاءِ ڏسو، ڀٽ شاهه وارو اصل وڏو گنج، سُر سارنگ، داستان ٻيون، بيت نمبر ۱۰، صفحو ۲۱۸. شاهه جو رسالو بمبئي ڇاپو پهريون، سُر سارنگ، داستان پهريون ، بيت نمبر۷، ص ۱۱۸. شاهه جو رسالو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب وارو، تحقيقي جلد نمبر ۱۰، سُر سارنگ، داستان چوٿون ، بيت نمبر ۸ ، صفحو ۱۸۷ ۽ ۸۰۸. شاهه جي رسالي جي، جن مرتب نگارن لفظ ”آرُون“ کي ”آڙيون“ سمجهيو ۽ لکيو آهي، انهن جا نالا هن ريت آهن: مرزا قليچ بيگ (نوٽ: مرزا صاحب، هيٺ حاشي ۾، ”آڙيون“ جي ٻي پڙهڻيءَ ” آرُون“ به لکي آهي) صفحو ۲۰۸. عثمان علي انصاري صفحو ۵۴۸. محمد قاسم راهمون صفحو ۱۶۶. ڪلياڻ آڏواڻي، صفحو ۳۴۵. محمد عثمان ڏيپلائي، صفحو ۶۲. ان ڪري دوست ذوالفقار علي مغل، انهيءَ ڳالهه ۾ ضرور حق بجانب آهي، جو هن ڪنهن نه ڪنهن نسخي مان ”آرُون“ کي  ”آڙيون“ ئي لکيل ڏٺو ۽ پڙهيو آهي. دراصل ”آر“ هڪ جيت جو نالو آهي، جنهن جو جمع آهي ”آرُون“ هي جيت مينهَن جي مُند سنڀالي، دانهون ڪري ٿو ۽ آنن لاهڻ بعد دانهون بند ڪري ٿو، هن جيتَ کي تِڏو ، ٻِنڊو يا مَڪڙي به چون ٿا، جيڪو مينهن جي موسم يا ان کان ٿورو اڳ، تَتل ٽامڻيءَ هنيل ڏينهن جو وڻن تي ويهي لاڳيتو جهرڙاٽ (دانهون) ڪري ٿو. تصديق لاءِ ڏسو جامع سنڌي لغات (جلد پهريون) صفحو نمبر۳۸ .


No comments:

Post a Comment