Saturday, March 26, 2011

اچو ته ”سنڀالُو“ کي سنڀاليون - نواز ڪنڀر


اچو ته ”سنڀالُو“ کي سنڀاليون
نواز ڪنڀر
دنيا جنهن وڻ کي Medical tree يا Botanical tree سڏي ٿي ۽ منجھانئس ٽيهارو کن بيمارين جو علاج ٿئي ٿو، سو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان گڏ ايشيا ۾ به ٿئي ٿو. سنڌيءَ ۾ به اهو وڻ دنيا جي ٻولين سان ملندڙ جلندڙ نالي ”سنڀالو“ سان سڏجي ٿو. ”سنڀالو“ سنڌ ۾ عام جام ۽ جتي ڪٿي نظر اچڻ بجاءِ، گهڻو ڪري ميداني علائقن ۾، ڏَسائي ٿو. ننگر کان مٿي ۽ عمرڪوٽ تائين جا ماڻهو، گهڻو ڪري هن جي نالي کان ئي بي خبر آهن. جيڪڏهن ڪو دوست مٿين علائقن ۾ سنڀالو جو ڏس ڏيندو ته مهرباني ۽ رڪارڊ جي درستگي ٿيندي.


ڪتابن مطابق: ايشيا ۽ پاڪستان ۾ هن وڻ جي ملڻ جا هنڌ  پنجاب ۽ بلوچستان آهن. سنڌ ۾ جنهن نموني جهونا هن مان علاج جا ڏس ڏين ٿا، ان مان لڳي ٿو ته هي وڻ هتي سالن کان ٿيندو اچي. سنڀالُو جيڪڏهن صفا اصلي ۽ نج سنڌي ۽ مقامي وڻ کڻي نه به هجي، ته به سنڌ ۾ ڪيترو ئي عرصو رهڻ ڪري هاڻ ”ڊوميسائيل“ ٺهرائڻ جيترو حق بهرحال رکي ٿو. سنڀالو متعلق ڄاڻ يا ته حڪيمن وٽ وڃي بچي آهي، يا مقامي علاج جي ماهر جهونن وٽ. نوجوان نسل جي اڪثريت ان کي ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ ته رهيو پري، پر نالي کان به شايد ئي واقف هجي. سنڌ ۾ تيزيءَ سان وجود وڃائيندڙ سنڀالو انگلش ۾ Five leaves chaste tree يا Angus اردو ۽ پنجابي ۾ سنڀالو، بنگالي ۾ سمالو، عربي ۾ سرما، سنسڪرت ۾ سيفالي نالن سان سڏجي ٿو. انگريزيءَ ۾ هن جو اهو نالو، سندس پنن جي بيهڪ ڪري پيو آهي، جيڪي ٽاريءَ جي مٿان ۵ جي تعداد ۾ هجن ٿا.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقامي لوڪ ڏاهپ واري علاج کان ويندي ميڊيڪل سائنس ۾ معاونت ڪرڻ سبب، سنڀالو کي وڻن ۾ تمام اهم وڻ طور ڄاتو وڃي ٿو. اهو وڻ سنڌ ۾ تقريبن وجود وڃائڻ تي آهي. هاڻ هي وڻ جتي ڪٿي ۽ عام جام نظر اچڻ بجاءِ ضرورت پوڻ تي ڏَس تي ملي ٿو ته او فلاڻي ڪي فلاڻي هنڌ اڳي ته بيٺل هو، هاڻي جي خبر ناهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري واٽرن، شاخن ۽ واهن جي ڪنارن تي ٿيندڙ سنڀالو جي زولاجي جي حساب سان فيملي Verbena aceae ۽ بائيولاجيڪل نالو Vitexagmes castus آهي.
سنڀالو جو هر حصو؛ پاڙ، ٿڙ، ڇوڏا، گل، پن ۽ ٻج حڪمت ۽ دوائن جي لحاظ کان اهميت رکن ٿا. منجھانئس دوائون ٺهڻ ڪري، سڄي دنيا ۾ کيس خاص اهميت حاصل آهي. جپان هن جو سڀني کان وڌيڪ خريدار ملڪ آهي. نم، ميندي، ڏاڙهون ۽ يوڪلپٽس سان مشابهت رکندڙ هن جو پن، نم جي پن کان ڪجهه وڏو ۽ ويڪرو ٿئي ٿو، جنهن جو هيٺيون حصو اڇاڻ مائل سفيد هوندو آهي. ٽاريءَ جي گونچ مان نڪرندڙ سڌي گوشي ۾ ٿيندڙ ٻور جهڙن ننڍن ننڍن گلن جو رنگ نيراڻ مائل اڇو هوندو آهي. هن کي سنڌ ۾ گهڻو ڪري بهار ۾ قلم ذريعي لڳائبو آهي، جنهن لاءِ ٻه اڍائي فوٽ جي ڪاٺي، اڌ فوٽ جيتري زمين ۾ پوري، مٿئين حصي تي ڇيڻو ڏبو ته ڦٽي پوندو آهي.
سنڀالو مان ٿيندڙ مقامي علاجن جي لسٽ ٺاهبي ته ڪافي وڏي ٿي پوندي. سنڀالو، ماڻهو توڙي چوپائي مال جي علاج ۾ ڪم اچي ٿو. مقامي لوڪ ڏاهپ واري علاج جي ماهر جهونن جمعو ملاح، ڌڻي بخش خاصخيلي ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وٽرنري ميڊيسن جي ليڪچرار سان گڏ مقامي علاج کي به اهميت ڏيندڙ رياض احمد لغاري مطابق؛ مال کي واءَ جي بيماري ۾ سنڀالو جا پن گهوٽي ۽ اٻاري پياربا آهن. اٻاريل پاڻي پيئڻ سان مال جو پيٽ به صاف ٿي ويندو آهي. روءِ جي بيماريءَ ۾، جنهن دوران مال جي وات ۽ نڪ مان پاڻي پيو وهندو آهي ۽ مال جي حالت سيءَ-تپ اچڻ جهڙي ٿي پوندي آهي. ان وقت ڍور کي سنڀالو جي پنن جو دونهون ڏبو آهي. ماڻهن توڙي مال جي ڦٽن تي پن اٻاري ٻڌبا آهن. سور واري هنڌ به پن ٻڌبا آهن. هن جا پن جتي ٻڌبا آهن، اتي ميندي وانگر رنگ به ڇڏيندا آهن. ان خاصيت تي ڪجهه ڪم ڪري هن مان ميندي وارو ڪم به وٺي سگهجي ٿو.
بهار ۾ ٿيندڙ هن جي گلن مان ماکي جون مکيون رس به چوسين ٿيون. جانورن جي ويامڻ وقت، ٿڻن جي سڄڻ تي سنڀالو جا پن پاڻيءَ ۾ اٻاري، پنن جو ٿڻن تي سيڪ به ڏبو آهي ته ٿڻن تي اٻاريل پن ٻڌبا به آهن. مٿي پچي پوڻ تي، پن ساڙي تيل ۾ ملائي، ملم ٺاهي ڦٽ ڦرڙيءَ تي لڳائبي آهي. هرنيا جي بيماريءَ توڙي زناني بيمارين ۾، پن اٻاري ٽڪور به ڪبي آهي، ته ٻڌبا به آهن. جانورن کي زهرباد يا ٻين بيمارين ۾ پن رات جو لسيءَ ۾ پسائي، صبح جو لسي ڇاڻي پيئاربي آهي. مقامي آبادگار اختر علي يوسفزئي مطابق؛ ضرورت پوڻ تي هن سنڀالو جو قلم آڻي لڳايو هو، هاڻ هر هفتي ٻه ٽي ضرورتمند ماڻهو، سنڀالو جو پڇائيندي پڇائيندي وٽس اچي پن ۽ ٽاريون کنيو وڃن، پر افسوس جو ڪو به لڳائڻ لاءِ کانئس ان وڻ جو قلم نه ٿو گهري.
افسوس جو ايڏي اهم ۽ قيمتي وڻ جو به اسان قدر نه ڪيو ۽ هيءُ وڻ به، هاڻ ذري گهٽ، سنڌ مان موڪلائڻ تي آهي. جيستائين حڪومت ۽ ٻيا ادارا سجاڳ ٿين ۽ حرڪت ۾ اچي سنڀالو کي سنڀالين، اچو ته پاڻ ئي هن جا ڪجهه قلم، پنهنجي ڪنهن وڇڙي ويل پياري جي نالي ڪري، ڀرسان وهندڙ ڪنهن شاخ، واٽر يا گهر ۽ ٻنيءَ ۾ لڳائي، ان جي حفاظت ڪري وڌائي وڻ ڪريون. اسان جي اهڙي عمل سان نه صرف سنڀالو بچي پوندو، بلڪ ننڍي وڏي مرض ۾ اهو ڪيترن ئي جانورن ۽ ماڻهن جي علاج جو ذريعو به ٿي پوندو. مصروف زندگيءَ مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي، اسان هڪڙو ئي سهي، جي سنڀالو لڳائي وٺون ته ختم ٿيندڙ ان وڻ کي بچائي سگهون ٿا. وس وارن کي به گذارش آهي ته مهرباني ڪري ان کان اڳ جو سنڀالو هليو وڃي، اچو ته هن کي سنڀاليون. نرسرين ۾ هن جا قلم تيار ڪري، مناسب ماڻهن کي لڳائڻ لاءِ ڏيئي، هن جي وجود کي وڃائجڻ کان بچايون.

No comments:

Post a Comment