Saturday, March 26, 2011

ڍڳو - نواز ڪنڀر


ڍڳو
لوڪ ڏاهپ جون نشانيون ۽ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺل هڪ ڀلوڙ جانور
نواز ڪنڀر
قدرت، موسمن جي مٽجڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي نشانيون ۽ اهڃاڻ رکي، انسان جي وک وک تي رهنمائي ڪئي آهي. اهڙيون ڪيتريون ئي نشانيون آسمان، زمين، چنڊ، تارن، پکي پکڻ کان ويندي جانورن تائين موجود آهن. رڳو ڏسڻ واري اک هجي. اهڙين نشانين وارن جانورن ۾، ڍڳو به هڪ آهي. افسوس جو ڍڳي تي ان حوالي سان نظر مڙئي گهٽ ٿي پوي. ڍڳو يا ڏاند جنهن لاءِ چيو ويندو هو ته؛ “دنيا  ڏاند جي سڱ تي بيٺل آهي. جڏهن سڱ لوڏي ٿو ته زلزلا اچن ٿا.” اڄوڪي دور ۾ خود انهيءَ ڏاند جو وجود خطري ۾ آهي. سندس اڳوڻا ڪم نه هجڻ سبب، سندس اها اهميت نه رهي آهي. جنهنڪري سندس نسل-ڪشي ٿي رهي آهي.


ڏاند جنهن لاءِ لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا، بيت ۽ موسمن جي مٽجڻ جا اهڃاڻ  هئا، سي سڀ جهڙوڪر وقت جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ وارا آهن. انهن ڪڏهن به اسڪولن ۾ اها جاءِ نه حاصل ڪئي، جيڪو سندن حق هو. استادن هميشه Cow ڍڳيءَ تي مضمون لکرايا. شايد ئي ڪنهن  Bullيا ڍڳي تي ڪو مضمون لکرايو هجي. موهن جي دڙي جي قدامت کان وٺي، ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ تائين، هر هنڌ مثالن ۾ موجود ڏاند جو هاڻ ٻنين مان تڙجي وڃڻ ڪري، صحت، معيشت ۽ سماجي طور ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن.
ڍڳو هر، هلر، سنهور، سهاڳي، (ڪيڻ ۽ روٽاويٽر جي جاءِ تي) گهاڻي، نار، چيچڙي، ڍڳي گاڏين کان ويندي، بلوچستان ۾ خاص طور تي ڊومبڪين وٽ ٽپڙ ٽاڙي کڻڻ ۽ چڙهڻ لاءِ به ڪم ايندو هو. سندس پير ۾ برڪت مڃبي هئي. اھو اڄڪلهه رڳو گوءِ ( ڀڄڻ، گو-Go) ۽ ميل جي نالي تي ٿيندڙ جوا جي ڪم اچي ٿو. هر هلر وارا ڪم، ٽريڪٽرن ۽ ٻين مشينن سنڀالي ورتا آهن. ڍڳي گاڏي جي جاءِ، گڏهه گاڏي والاري ڇڏي آهي. موهن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين، جڏهن ڍڳي گاڏي جي بناوٽ ۾ ڪو فرق نه ايندو ته پوءِ ڍڳي جي جاءِ گڏهه نه والاريندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟
ٻسر، سنڌي، لاڙي، ڪڇي، ڌني، انڊيائي، ٿري، ناڙ والي، جهڙي قسمن وارا ڏاند.  اڇي، سائي، بگي، ڳاڙهي، بادامي، ڪاري چٽڪٻري، نيري، مليري، ڀوري ۽ بوسڪي رنگ وارا ڍڳا. ڍڳا جن لاءِ چيو ويندو آھي؛ گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻي ڏاندين هر نه هلي. يا چاڪيءَ جو ڏاند. يا گهاڻي جو ڏاند. انھن چوڻين کان وٺي، ڀٽائيءَ جي بيت، “جنين ڏاند نه ٻج، تن پڻ تنهنجو آسرو، اول ڏين انهن کي پوءِ اڀارين سج” ۽ “ڍڳي جو ملهه هزار، ڍڳو پير پيران” جهڙا گيت، رڳو ڪتابن ۽ ڪيسٽن ۾ ئي رهجي ويا آهن.
ٻه سؤ ۾ وڪامندڙ ڍڳو، هاڻ مهانگائي سبب چاليهه پنجاهه هزار تائين وڃي پهتو آهي. ان ۾ ڪمال ڍڳي کان وڌيڪ ڍڳن جي گوءِ جي نالي ٿيندڙ جوا جو آهي. ٻهراڙيءَ جي روزانه ساڳي طرح گذرندڙ زندگيءَ ۾ اها ڊوڙ يا گوءِ وڏي تفريح واري هجي ٿي. جنهن جي ڪري ڍڳي جو ملهه لکن ۾ وڃي پهتو آهي. افسوس جو اهو ڍڳو، جيڪو کيڙي، چيچڙي ۽ گهاڻي ۾ ڪم ايندو هو، سو مشينريءَ جي نظر ٿي چڪو آهي.
اهي ميلائي ڍڳا، جڏهن ڳلکوڙ، تعويذ، مُڇي، جنوئي، رومال، پيرن جا ڇمڪا، نٿ، نُڪتا، ڳانيون، ڳانڍيا ۽ سڳا پائي، وڏا سڱ ۽ پير ڪارائي سان ڪٽرائي، سڱن کي ڪيس، ميندي ۽ تيل لڳرائي، ڍڳن جي مشهور پڙين ۽ ميلن ۾ لهندا آهن ته هيڪر خفتين جو وات پاڻي ٿي ويندو آهي. مٿان وري جُهل ڍڪي، ٽليون ۽ ڪِڙڪ پائي هلندا آهن ته ڪيتريون ئي دليون کسي وٺندا آهن.
ڍڳن جا خفتي شيرل عمراڻي، حاجي گلزار لغاري، حق نواز عمراڻي، امير بخش ڪنڀر، محمد مراد بروهي مختلف نسلن جي ڍڳن جون مختلف خصلتون ٻڌائيندي، ان آڌار ئي  ڍڳن کي پسند ناپسند ڪن ٿا. انهن ڍڳن ۾ ٿري ڍڳا، لاڙي ڍڳا، ڪڇي ڍڳا، انڊيائي ڍڳا، پارڪري ڍڳا، ٻِسر ڍڳا، سنڌي ڍڳا، ڌني ڍڳا ۽ اترادي ڍڳا شامل آهن.
ڀاڳ ناڙي بلوچستان جا ڍڳا وڏا، ڊگها، ڀلا، ٽنگون سنهيون، پيٽ صفا نه جهڙو، پر اهي اهڙا ته سچر هجن ٿا، جو ڪپڙو لٽو به کايو وڃن.
پنجاب جا ڍڳا گرميءَ جا ڀاڙيا، واڻ ۽ ڪپڙا به کايو وڃن. سڱ ۽ ڪن ننڍا، پر پنڌ جا صفا ڀلا ۽ طاقتور آهن.
هڪڙا ڍڳا وري ناري جي ڀر سان مکيءَ جا به ٿين. جيڪي ويڙها ڇتا. لتر ۽ چڪر اهڙا جو مالڪ مان به نه مڙن. گور (کليل نموني) چرڻ جي ڪري هر پابنديءَ کان آزاد ۽ ڇڙواڳ.
ڍڳي جون اهي خاصيتون ته ٿيون هارين نارين لاءِ، پر ميلائي وري ڍڳي کي وک، گام يا  ٽور جي حوالي سان جاچيندا آهن. ٽور جا مختلف قسم ٿين، جن ۾ پنڌ، ڊڪائي، ٽپالي يا ٽاپي ڊوگڙ يا کٺو، چرل يا دوگانو، لسڙيا وغيره.
عمر جي مختلف مرحلن ۾ گابو، وهڙو،  ڍڳو ۽ ڏاند سڏجندڙ هن منفرد جانور لاءِ ڀاڳين وٽ دلچسپ ڳالهيون مشهور آهن. مثال طور؛ اڇي زبان ۽ اڇين پنبڻين وارو ڍڳو سست ليکبو آهي. اڇي پڇ وارو وهڻ ۾ سٺو. اڇي رنگ ۽ ڳاڙهي منهن وارو ٻولهائو ڍڳو ڀاڙي سمجهبو آهي. ڪاري يا ناسي رنگ وارو ڍڳو دل جو ڪمزور ۽ سست ۽ ڪسو هوندو آهي، پر هزارن ۾ ڪو چڱو به نڪري ايندو آهي، انهي رنگ جا ڍڳا اگهه نه ڪندا آهن. قرباني ۾ هرڀرو ڪوئي نه وٺندو آهي. ڌارڻ وارا ته ويجهو به نه ايندا اٿس، ڪاسائي به ڪرڪندي ڪرڪندي رسي ۾ هٿ وجهندا آهن. ڍڳو نئين ماڻهو کي ڏسي پيو ڦوڪارا هڻندو آهي. ڦوڪارا هڻڻ، جهيڙي لاءِ سنڀرڻ جي نشاني آهي. ان کان علاوه نئين ماڻهو کي ڏسي پيرن سان ۽ ڪڏهن سڱن سان زمين به پيو کوٽيندو ۽ ڦوڪارا ڏيندو. انهن  نشانين کي ڏسندي جي ڀاڳيو هوندو سڄاڳ ته اٿي ڍڳو جاچيندو. جي ستو پيو هوندو ته ڍڳو ٿيو چورن جو. ڍڳو نانگ بلا کي ڏسي به ڇڙيون ۽ لتون هڻي، ڦُوڪٽ ڪري مالڪ کي خطري کان آگاهه ڪندو آهي، پر ويچارو سڏبو پوءِ به ڍڳي جو ڍڳو ئي آهي!
ڀاڳيا ۽ خفتي، پڇ مٿي ڪري پوءِ ڇيڻو لاهڻ ۽ پيشاب کان پري ٿي بيهڻ واري ڍڳي کي سلڇڻو ۽ وڏي پيٽ واري کي لوٿر سڏيندا آهن. پڇ سنهي ۽ گوڏي برابر يا ٿورو ان کان به مٿي واري کي سهڻو سمجهندا آهن. ڪوهٽ وڏو هجيس ته معنى اهو وهڻ جو ڀلو ته ڏسڻ ۾ به سهڻو. ڪمر/ گوڏر يا پيشاب واري جاءِ جي نظر نه اچي ته ان کي به خوبصورتيءَ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. لاڙي ته پهرئين ڏينهن، ڄمندي ئي نس کي هٿ سان مهٽي، گابي کي کسي ڪري ڇڏيندا آهن. آنر ڍور مستي ڪندڙ ۽ کسي غريب هوندو آهي.
ڍڳي جو مينهن تي ڪڏهن ڪڏهن ٽپو اچي ويندو آهي، ان سان مينهن آڀامي مري  ويندي آهي. جيڪڏھن روجهه جو ڍڳيءَ تي ٽپو اچي ويو ته ان مان پيدا ٿيندڙ ڍڳو تمام ڀلو ٿيندو آهي. اهڙا ڍڳا ميلن جي ڪم جا ۽ ڏاڍا سهڻا ٿيندا آهن. خفتي ڪنهن بنهه سهڻي ڍڳي کي ڏسي چوندا آهن ته صفا روجهه آهي.
گئوچرن ۽ چراگاهن ۾ ڍڳي لاءِ مانڌاڻو ۽ ساوڙي سٺو گاهه آهي، پر جي ڪتڻ ملي وڃي ته به ڍڳي کي ٻيو ڇا گهرجي! ڀاڳيا ڌنار کي مهڻو ڏيندي چوندا آهن ته؛ “ڪهڙو ڪتڻ چاري آيو آهينس؟” ڪتڻ کائڻ سان مکڻ ٿورو ڳاڙهو ٿي پوندو آهي. ڍڳيءَ جي کير جي لسي ۽ گيهه، وڌيڪ ذائقي دار ۽ صحت لاءِ سٺا هوندا آهي. ٿريا چون ٿا ته؛ “سانوڻي ۾ ڪو گاهه کائڻ سان ڍڳين جا سڱ صفا ڳاڙها ٿي پوندا آهن.” شايد اهو گاهه ڪتڻ ئي هجي. ڪتڻ گاهه جا پن چانهه جي پتي طور به استعمال ڪبا آهن. باقي سارين وارو پلال ڍڳين لاءِ خراب آهي. پر بک ته بک آهي! ڇا ڪجي؟
ميلائي ڍڳن کي سڪو جوئر جو ڏارو هڪ ڏينهن ڇڏي، پاءُ کن گيهه جو ڍڪ ۽ اونهاري ۾ پنير ۽ ڳڙ ڏبو آهي. سڄي مال وانگر ڍڳي کي به  تيل پيارڻ سان آڀام جو خطرو گهٽجي ويندو آهي ۽ سيڙهاني جي بيماري کان به بچاءَ ٿي پوندو آهي. عام طور تي ڍڳي کي پاڻي پيارڻ مهل “ڇيح ڇيح” سان سينڍ وڄائي، پاڻي پيارڻ جو حڪم ڏبو آهي. هلڻ ويهارڻ يا بيهارڻ لاءِ ٿريا ڍڳي کي “هي هي” چئي آرڊر جاري ڪندا آهن. هاري ناري “آ  آ” ۽  “کٻي کٻي” تي ڍڳي کي ورائيندا ۽ هلائيندا آهن. جي ائين وڌيڪ محنت ڪجي ته شايد  ڍڳو اي بي سي به سکي وٺي!
لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ ڍڳي جي ٻوٿ مان ٻاڦ نڪرڻ، سياري جي اچڻ جي پهرين، پر پختي نشاني مڃي ويندي آهي. ساڳئي نموني ڍڳي جي وارن ڇاڻڻ کي سياري جي وڃڻ ۽ ڪَتي شروع  ٿيڻ سان ڀيٽبو آهي. سانوڻيءَ  ۾ جي ڍڳيون، اتر منهن ڪري ويهن ۽ سندن پٺيءَ تي گَر جهڙي شيءِ ڏسڻ ۾ اچي ته اهي برسات جون علامتون آهن. جيڪڏھن ڍڳيون منهن مٿي ڪري، هوا سنگهڻ جي ڪن ته برسات اچڻ جي سورنهن آنا پڪ سمجهبي آهي.
جيئن بلوچستان ۾ ڍڳو، مال ڍوئڻ جي ڪم ايندو آهي، تيئن هندوستان مان ننگر پارڪر ۽ اتان کان حيدرآباد تائين، وڻجارا ڍڳن تي مال ۽ سامان سڙو کڻندا هئا. جنهن ڍڳي تي لڏ يا چلي رکي چڙهبو آهي، ان کي پوٺي جو ڍڳو سڏبو آهي.
ڍڳي جي حوالي سان ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون مشهور آهن، جيڪي اڳوڻي وقتن ۾ ڍڳي جي اهميت کي ظاهر ڪن ٿيون. مثال طور:
“ڪم جي وقت نه جوان کي ڪجهه ٿئي ۽ نه ڏاند کي.”
“ڍڳو ٿئي ڪوڙو، لِڪڻ لاءِ ڳولي ٻُوڙو.”
“چوراڻو ڍڳو، ڀاڳين ۾ به وهي ته چورن وٽ به.”
“ڳوٺ جو رستو ڏسي، ڏاند به ڏورڻا ڀڃندا آھن.”
“گابا ھر وھن ته ڏاند ڪير به نه ڌاري.”
“ڏندين ڏاند، کرين گابي.”
“ڏاند لاءِ گهاڻو ۽ مرد لاءِ جيل، برابر آهن.”
“گهاڻي ۾ ڏاند وانگر ڳھڻ.”
“گهاڻي ۾ ڏاند وانگر پيا پيسجون.”
“چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گھمي گھاڻي ڌاري.”
“ڀلي آيو گانءِ جو ڄايو، جنھن سارو جڳ نپايو.”
 “ڍڳو پير پيران.”
“ھلڻ ۾ جھڙو ڍور/ ڍڳو.”
ڍڳي جي وفاداريءَ کي ڏسي، ڀاڳيا ته ايتري تائين به چوندا آهن؛ “پٽ اوير سوير اٿڻ کان جواب ڏئي ڇڏيندو، پر ڍڳو نه ڏيندو.” ايترين سارين خاصيتن، لوڪ ڏاهپ جي نشانين، ميل ۾ دل وندرائڻ جي باوجود، ڍڳو پوءِ به ڍڳو آهي.

No comments:

Post a Comment