Saturday, March 26, 2011

ڀٽائيءَ جي نشانين کي صدين کان سانڍي رکندڙ ڳوٺاڻا - نواز ڪنڀر


ڀٽائيءَ جي نشانين کي صدين کان سانڍي رکندڙ ڳوٺاڻا
نواز ڪنڀر
ڀٽائي سرڪار جا جتي جتي به تڪيا آهن، انهن ۾ تعلقي ٽنڊي آدم جي يوسي ماڻڪ ٿهيم، ديهه وداداڻي، تپو ڀٽ ڏنو ۾ ڳوٺ غلام علي نظاماڻي وارا يقيناً خوش نصيب مريد چئبا جو وٽن ڀٽائي سرڪار جي ڪرڙ کان علاه جُتي ۽ ٽوپي پڻ موجود آهن، جيڪي هو پيڙهين کان ساهه ۾ سانڍيو اچن. لانڍي-ٽنڊو آدم روڊ تي لانڍي کان چار پنج ڪلوميٽرن تي ۽ روڊ کان ميل کن الهندي گهاٽن کٻڙن ۾ گهيريل هن ڳوٺ ۾ ڀٽائي جو ڪرڙ به هو، جنهن هيٺ ڀٽائي ايندي ويندي ويهندو هو، جنهن جي ڪري ڳوٺ غلام علي نظاماڻي وارا نظاماڻي، مشهور ئي “ڪرڙائي نظاماڻي” طور ٿيا.


ڀٽائي جي جُتي ۽ ٽوپي جي هتي هجڻ جي حقيقت هن ريت آهي ته هتي جي مريدن ڀٽائي سرڪار جي ٽوپي ۽ جُتي کي پراڻو محسوس ڪندي کين جڏهن نئين ٽوپي ۽ جُتي پيش ڪئي ته ڀٽائي سرڪار پنهنجي پراڻي جُتي ۽ ٽوپي هنن کي ڏئي ڇڏي. اها ٽوپي هيٺيان کان گول، مٿان سوڙهي ٿيندڙ، محراب وانگر، سائي ڪپڙي مٿان ڦڪن ڌاڳن جي خوبصورت ڀرت سان ڀريل آهي. ٽوپي ايڏي وڏي نه پر درمياني آهي، جنهن مان مٿي جي ماپ جو اندازو ۽ ڀٽائي جي جُتي ڏسي سندس ننڍي ۽ سنهي پير جو اندازو به آساني سان ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه ڀٽائي جي تصوير پورٽريٽ ٺاهيندڙن کي ضرور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. ڀٽائي جي جُتي انتهائي نفيس ۽ خوبصورت ٽوپَي سان ڏاڍي زبردست ٺهيل آهي. حالانڪه سنڌ ۾ ان وقت کان ويجهي ماضي تائين اڪثريت گهيتلي (جتي جو هڪ قسم) کان ئي ڪم هلائيندي رهي آهي، پر هيءَ جُتي گهيتلي کان گهڻو مٿي آهي. ٽي سئو سال کن اڳ ڏنل پراڻي ٽوپي جي مختلف قسمن کي ڏسي ڏسندو ئي رهجي وڃڻ تي دل چوي ٿي. جُتي مٿي ڊزائين لاءِ ڳاڙهي رنگ واري ٽوپَي کي ڏسي هر ڪو دنگ رهجيو وڃي. ساڳي نموني جُتي جي اڳئين توڙي پٺين حصي جي بناوت ڏسي جُتي ٺاهڻ واري کي دل سان داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي ته ڀٽائي جي ذوق کي به داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.
هن ڳوٺ ۾ علاج جي جديد ته رهيو پري، پر عام سهولتن کان به ڏور گذاريندڙ غريب ماڻهو بخار، ارڙي ۽ جسم ۾ سور وغيره وقت ڀٽائي جي ان جُتي کي جسم تي لڳائڻ کي ڪنهن وڏي طبيب پاران ڏنل دوا برابر سمجهندا هئا/آهن. ساڳي نموني جڏهن ڪرڙ اڃا ٻيٺل هو ته بخار مهل ان جي ڇوڏن کي به دوا برابر سمجهبو هو. ڀلي ڪو انهن ڳالهين کي رجعت پسندي ۽ رجعت پرستي سمجهي پر هتي ٿيندو ائين ئي هو. اسان جا اديب دوست هونئن ته ادب کي سماج ۾ وهندڙ واپرجندڙ ڪاروهنوار جو عڪس چون ٿا. عصمت چغتائي جي لحاف ۽ دوزخي کي، ڪرشن چندر ۽ منٽو جي لکڻين کي به معاشري جو چٽو عڪس ٿا سمجهن ته پوءِ هي به ته معاشري جو عڪس آهي! اهو ڇو نٿا هضم ڪري سگهن؟ سنڌي معاشري ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي، ان جو عڪس ته ائين ئي آهي، ڇا ڪجي؟! باقي جيڪڏهن ڪو انهيءَ عڪس جو آئينو ڏيکارڻ کي، انهن شين کي اڀارڻ ۽ معاشري ۾ وڌائڻ برابر يا رجعت پسندي ٿو سمجهي ته ان لاءِ دعا ئي ڪري سگهجي ٿي.
هن ڳوٺ جي هڪ همراهه، ڳوٺ جي ان پراڻي ڪرڙ کي سرڪار پاران مدرسي لاءِ هڪ ڪمري جي ملندڙ امداد جي ڪري اهو چئي وڍرائي ڇڏيو ته اهو ڪرڙ جهالت پکيڙڻ جو وڏو ذريعو بڻجي رهيو آهي، پر علاج لاءِ ان جاءِ تي ڪا اسپتال ڪونه ٺهرائي وئي، الٽو ماڻهن کان علاج جو رهيل سهيل هڪ (نفسياتي ئي سهي) آسرو به کسيو ويو. جي ائين آهي ته پوءِ ڀٽائي جي درگاهه ٻاهران بيٺل ڪرڙ کي به وڍيو وڃي. قومون ته پنهنجي تاريخي ورثي جي هر شي کي سنڀالي رکنديون آهن، جيئن ايران ۾ شهنشاهيت خلاف آيل انقلاب ۾ شهنشاهه جي ڪنهن به شئي کي نقصان نه پهچايو ويو، بلڪ انهن کي سانڍي سنڀالي رکيو ويو، جيڪي هاڻي اتان جي سياحت کي فروغ ڏيڻ جو باعث بڻجي رهيون آهن.
ڀٽائي سرڪار جي اها جُتي ۽ ٽوپي ولي محمد ولد گلڻ خان ولد علڻ کان نظاماڻي جي گهر ۾ رکيل آهن، جنهن جي قسمت وارن کي ئي زيارت نصيب ٿئي ٿي. ايستائين جو اڄ به سالن کان سانڍيل انهن شين جي اوڙي پاڙي ۾ به گهٽ ئي ماڻهن کي خبر آهي. ولي محمد جي بقول ته هي شيون ته کيس ناناڻن مان نسل در نسل مليون آهن. هن ڳوٺ جا ماڻهو ڏاڍا سادا ۽ سٻاجهڙا هئا ۽ اڃان به آهن. هي ڳوٺ جيڪو شهدادپور کان اٺ ڏهه ڪلوميٽر اوڀر ۾ واقع آهي، ان ۾ دلاور نظاماڻي جهڙا ڪيترائي ڪردار ٿي گذريا آهن، جن ڪڏهن به ريل ته ڇا شهداپور جو شهر به ڪونه ڏٺو، هڪ ڀيري دلاور مس شهر وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته اتفاق سان ريل به سامهون اچي وئي. هن ڀائو ريل کي ايندو ڏسي، ڏنو کڙين تي زور ۽ سڌو گهر اهو چوندي اچي ساهه پٽيائين ته “مئي نانگڻ! ماڳهين مٿي تي چڙهي، ماريائين ٿي”. هن ئي ڳوٺ جي سهراب ۽ محراب نالي ٻن ڀائرن مان هڪ، شهدادپور ۾ ٿيندڙ انگريزن جي ان ڪچهري ۾ وڃي پهتو، جتي جاگيرون ۽ زمينون ورهائجڻ واريون هيون. انگريز عملدار سان گڏ آيل ميڊم کي هيڏي ساري ڪچهري ۾ هن اڪيلي ئي همت ڪري کڻي سلام ڪيو. ويهڻ بعد انگريز عملدار جي ميڊم سلام ڪندڙ جي پڇا ڪندي، ان کي سڏاريو، پوءِ ته سائين جيترا هئا وات اوتريون ڳالهيون شروع ٿي ويون. ٿوري دير ۾ ان کي سڏ ٿيو. سڀني اچي کيس ورايو ته ميڊم کي سلام ڇو ڪيئي؟ هاڻي ڏي منهن، ڪنهن مشورو ڏنس ته تون هتان گم ٿي وڃ ڪجهه دير ۾ متان ڳالهه معافي تلافي بعد ٺري وڃي. همراهه مشڪل سان پنهنجي پر ۾ جان بچائي پر اصل ۾ ملندڙ جاگيرون وڃائي اچي گهر پهتو.

No comments:

Post a Comment