Thursday, August 29, 2019

زيب النساءِ مخفيءَ جي حاضر جوابي


نواز علي شوق
Image may contain: 1 person, indoorمغل شهنشاهه اورنگزيب جي ڌيءَ زيب النساءِ، فارسي زبان جي شاعره هئي. سندس تخلص ”مخفي“ هو. سندس ديوان ڇپيل آهي. هوءَ هڪ ڏينهن، پنهنجي محل جي باغ ۾ سير ڪري رهي هئي ۽ هيءُ شعر جھونگاري رهي هئي:
چهار چيز ز دل غم برد ڪدام چهار،
شراب، سبزه، آب روان و رُوي نگار.
ترجمو: چار شيون دل جو غم دور ڪن ٿيون: شراب، ساوڪ، وهندڙ پاڻي ۽ حسين صورت. ايتري ۾ اورنگزيب اچي ويو. پڇيائينس؛ ”ڇا جھونگاري رهي هئين؟“
زيب النساءِ هڪدم شعر جي ٻي مصرع تبديل ڪري کيس ٻڌايو؛ ”مان هي شعر جھونگاري رهي هيس؛


چهار چيز ز دل غم برد ڪدام چهار،
نماز، روزه، تسبيح، توبہ استغفار.“
اهڙيءَ ريت ڳالهه ميخاني کان وڃي مسجد پهتي. صوفي دريا خان ڪنڊڙيءَ واري چيو آهي؛
ميخاني وچ مليا يار، وڃڻ مسيتين ڪيها مقصد؟
هڪ ڀيري اورنگزيب جي شاهي محل ۾ هڪ نوڪرياڻي آئينو کڻي اچي رهي هئي ته، اتفاق سان آئينو هيٺ ڪري پيو ۽ ڀورا ڀورا ٿي ويو. افسوس مان چيائين ته:
از قضا آئينئه چيني شڪست،
زيب النساءِ اتي جو اتي ٻي مصرعه چئي؛
خوب شد اسباب خود بيني شڪست.
نوڪرياڻي چيو؛ ”قضاءِ الاهيءَ سان آئينو ڀڄي پيو.“
زيب النساءِ چيو؛ ”چڱو ٿيو جو خودبيني (پنهنجي ڏيکاءُ) وارو سامان ضايع ٿي ويو.“

No comments:

Post a Comment